; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالستار وڌو

13 September, 2020

ڊاڪٽر عبدالستار وڌو

ڊاڪٽر عبدالستار وڌو

شھدادڪوٽ جو مسيحا 

خالد حسين چنا



ڪي ماڻھو شھرن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ته وري ڪي شھر ماڻھن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ پاٽ شريف جو نالو اچڻ سان علامه آءِ آءِ قاضي ياد اچيو وڃي ٿو، يا ٽلٽي جهڙو ننڍڙو ڳوٺ شمس العلماءَ دائود پوٽي جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. سن شهر سائين جي ايم سيد ۽ هالا مخدوم نوح هالائي ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. بلڪل ساڳي طرح شهدادڪوٽ جي سڃاڻپ ميان غلام صديق يا حاڪم شاهه پٽ وارو ٿي سگهي ٿي پر سڄي سنڌ ۾ اکين جي ڪئمپن جا دورا ڪندي خبر پئي ته انسانيت جي بي لوث خدمت ڪندڙ، مسيحائي شخصيت، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو شهدادڪوٽ جي سڃاڻپ ٿي چڪو آهي. سيوهڻ، جهانگارا باجارا، گھوٽڪي، ٺل، جيڪب آباد، پير جو ڳوٺ، ڪشمور، لاڙڪاڻو، ميرو خان، باڊهه، نئون ديرو، نصيرآباد، وارهه، پنجاب جي شهر مظفرڳڙھ ۽ بلوچستان جي شهرن اوستامحمد، جهل مگسي ۽ گندا واهه سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ هر سال اکين جو ماهر ڊاڪٽر عبدالستار گاڏي ڪاهي اچي ڪئمپون قائم ڪري ٿو، پر مختلف ملڪن ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.


ڊاڪٽر عبدالستار عرف گدا حسين وڌي جو جنم ۳۰ نومبر ۱۹۶۱ع مشهور ڳوٺ چاڪياڻي ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو احمد خان وڌو آهي، جيڪو ايس ڊي او (ايريگيشن) هوندو هو. هن جو ڳوٺ چاڪياڻي شھدادڪوٽ شهر کان ست ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي موجود آهي. چاڪياڻي شھدادڪوٽ جو پاٽ شريف آهي، ڇاڪاڻ ته هتي علمي ادبي پڙهيل لکيل ڪيتريون ئي شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن سڄي سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو. ڊاڪٽر عبدالستار وڌو صاحب انهن بي باڪ شخصيتن منجهان هڪ آهي.

ڊاڪٽر عبدالستار وڌي بنيادي تعليم مين پرائمري اسڪول (هاڻوڪي خدابخش مين پرائمري اسڪول) شھدادڪوٽ مان ورتي. ميٽرڪ ۱۹۷۶ع ۾ گورنمينٽ پرونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۽ انٽر ۱۹۷۹ع گورنمينٽ ڪاليج شھدادڪوٽ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. سندس ذھني لاڙو شروع کان ئي مزاج مسيحائي هيو، اهو ئي سبب هو جو هن ۱۹۸۷ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽريءَ پڙهي MBBS جي ڊگري ۱۹۸۷ع ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد ۱۹۸۸ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي اکين جي شعبي ۾ هائوس جاب ڪيائين. ۱۹۸۹ ع ۾ ڊائو يونيورسٽي ڪراچي ۾ پروفيسر منظور صاحب وٽ پوسٽ گريجوئيٽ جو شاگرد رهيو بعد ۾Specialization in Ophthalmology in MCPS from College of Physician and Surgeon Karachi ۾ حاصل ڪيائين. ۽ پوءِ سڀ کان پهريان ۱۰ مارچ ۱۹۹۰ع تي عاقل لاڙڪاڻي ۾ ميڍيڪل آفيسر جي حيثيت سان گورنمينٽ ملازم طور شامل ٿيو. ڊاڪٽر صاحب ميڍيڪل آفيسر کان علاوه هڪ ٽريني رجسٽرار طور ۱۹۹۰ ع کان  ۱۹۹۴ع تائين رهيو. ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۶ع تائين ڪراچي جي اسپتال ۾ رهي ميڊيڪل جي ٿرڊ ۽ فورٿ ييئر جي شاگردن کي پڙهائيندو هو.

ڊاڪٽر عبدالستار صاحب پنهنجي محنت سان سڄي سنڌ مان واحد شاگرد هو جنهن MCPS جو امتحان سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ پاس ڪيو. پروفيسر منظور مرزا جي نظرثاني ۾ MCPS ڪرڻ يقينن هڪ اعزاز هو. پنهنجي استاد جي حڪم ۽ خواهش تي اڳتي پڙهائي ڇڏي ۽ وڌيڪ ڊگريون حاصل ڪرڻ بدران اچي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجي شهر شهدادڪوٽ پهتو. (جيڪو شهر سندس جنم ڀومي پڻ آهي.) جتي ۱۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ع تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر  طور شامل ٿيو. مئي ۱۹۹۸ع تي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪميشن ٿي. ۲۲ ڊاڪٽرن جي ميرٽ ۾ هو ٻيو نمبر آيو.

جڏهن ڊاڪٽر عبدالستار وڌو تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ آيو ته اُتي اکين جو الڳ وارڊ يا سامان وغيره ڪونه هو. هن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم شروع ڪيو، ۽ سگا شهدادڪوٽ شاخ جا ساٿي پڻ سندس مدد گار رهيا. اهو اڄ تائين اسپتال جي رڪارڊ ۾ آهي ته اکين جي وارڊ کي رنگ ڪرائڻ، بنيادي سامان وٺي ڏيڻ، ۾ شروعات سگا شهدادڪوٽ ڪئي. ڊاڪٽر عبدالستار صاحب تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ پاڻ مرادو انقلابي قدم کڻي او پي ڊي، اکين جو وارڊ ۽ بلاڪ قائم ڪيو. جنهن ۾ هن اکين جي مريضن لاءِ خاص طور آپريشن ٿريٽر به قائم ڪيو آهي. سال ۲۰۰۳ع ۾پريوينشن اينڊ بلائينڊنيس سيل ڪراچي  جي تعاون سان ڪافي سامان مليو، جنهن سان هن اکين جو يونٽ ٺاهيو ۽ اڄ تائين بهترين خدمتون ڏئي رهيو آهي. هن پنهنجي ماهراڻي تجربي جي بنياد تي هڪ مهيني جي ڄاول ٻار جو ڪامياب آپريشن ڪري مثال قائم ڪيو. کيس اکين جي ليزر ۽ ٻين گهڻين اهم قسمن جي سرجرين جي قابليت حاصل آهي. هن پنهنجون ذاتي ڪوششون وٺي شهدادڪوٽ جي اسپتال جي اکين جي وارڊ کي نهايت ڪارگر بڻايو. هر سال اسپتال مان لڳ ڀڳ ۳۰۰۰ جي آپريشن لينس عام ماڻهن جي بنا روپئي پئسي جي ٿيو وڃن.

ڊاڪٽر عبدالستار وڌو شهدادڪوٽ ۽ آسپاس ۾ ٽراڪوما جي بيماري بابت ۱۹۹۷ع کان واسطيدار ادارن ڏانهن لکندو رهيو. ۲۰۱۰ع تي نيشنل ليول سطح تي سروي ڪرائي وئي، جنهن ۾ ضلعو قمبر شهدادڪوٽ پوري پاڪستان ۾ چترال کان پوءِ ٽراڪوما جي بيماريءَ لاءِ ٻين نمبر تي آيو. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پي سي بي ۽ عالمي ٽراڪوما تنظيم طرفان ٽراڪوما بيماريءَ لاءِ آيل دوائن جي ورهاست ڊاڪٽر عبدالستار وڌي جي اڳواڻيءَ ۾ ٿي.

۲۰۱۸ع ۾ انٽرنيشنل ٽراڪوما ايجنسيءَ طرفان جرمنيءَ کان پروفيسر مارٽن آيو. سنڌ اسپتال وزيوئل سائينسز حيدرآباد ۾ جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ۱۱ ڊاڪٽر هئا. جن کي مارٽن خاص سکيا ڏني. مريض جا وار پنبڙين اندر سڙي ويندا آهن، انهن جي بچاءَ لاءِ اسپيشل آپريشن سيکاري، جيڪا انٽرنيشنل آرگنائيزيشن کان مڃيل آهي. ۱۵ ڏينهن جي ٽريننگ کان پوءِ انهن ڊاڪٽرن کي انٽرنيشنل طور تي ٽراڪوما جو ماسٽر ٽرينر طور تي سنَدَ ڏني وئي. هن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل آفيسرن جي ٽريننگ ڪرائي آهي ۽ ٽراڪوما جي نئين آپريشن ڪرڻ سيکاري آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي ڪردار جو وڏو پاسو انساني ڀلائي خاطر هر وقت تيار رهڻ ۽ بنا لالچ ۽ لوڀ جي وقت تي ڪم اچڻ ۽ عملي طور انهي کي ثابت ڪرڻ آهي. انهيءَ جو مثال اسان جي سگا جو پليٽفارم آھي. جڏهن ۱۹۸۷ع ۾ سيوهڻ شاخ اکين جي ڪئمپ organize ڪئي ته انهي ۾ سر فهرست رهيا. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ مفت اکين جي ڪئمپ ۾ عبادت سمجهي اڄ ڏينهن تائين خدمتون ڏيندا رهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالستار وڌي ميڊيڪل شعبي ۾ مخلتف سماجي ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ۱۹۹۷ع ۾ سگا طرفان لڳايل پهرين اکين جي ڪئمپ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان پوءِ هو سگا شهدادڪوٽ شاخ جي ٻين سڀني سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. هو سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪيترين ئي اکين جي ڪئمپن جو حصو رهيو آهي. هن پاڪستاني ٽيم سان اکين جي عالمي ڪئمپن، جهڙوڪ: عراق جي شهرن، ڪربلا موليٰ، نجف اشرف، ڪوت ۽ ديوانه صوبي ۾ حصو وٺي عالمي مهارت ۽ شهرت حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب ۱۹۹۷ع کان سگا شاخ شهدادڪوٽ ۾ ميمبر جي حيثيت سان شامل ٿيو. هو سگا شهدادڪوٽ شاخ کي سماجي ڪمن ۾ جاني توڙي مالي سهڪار به ڪندو رهي ٿو. هر سال سگا شهدادڪوٽ طرفان اکين جي ڪئمپ جي سرواڻي ڄڻ سندس ذمو هجي. سندس دلچسپي سبب ٻيا به اکين جا ڊاڪٽر اچي ڪئمپ ۾ پنهنجون خدمتون ڏيندا رهن ٿا. سگا شهدادڪوٽ هن وقت تائين ۲۵ اکين جون ڪئمپون لڳائي چڪي آهي، جنهن جو گهڻو ڪريڊٽ ڊاڪٽر عبدالستار وڌي صاحب ڏانهن وڃي ٿو. سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين وٽ ڊاڪٽر عبدالستار صاحب جي تمام وڏي عزت ۽ احترام آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو ڪيترا ڀيرا اليڪشن ڪاميٽي سگا شهدادڪوٽ جو چيئرمين ۽ ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

هو ۱۹۹۸ع ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو نائب صدر مقرر ٿيو. پي ايم اي تعلقي شهدادڪوٽ جي چار دفعا صدر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. هن وقت ٻيو دفعو لڳاتار ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو صدر آهي. ڊاڪٽر صاحب ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڊاڪٽرن جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندو رهي ٿو. ۽ ۲۰۰۷ع کان ۲۰۱۷ع تائين پاڪستان ڊاڪٽرس فورم جي صدر جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏنائين.

ڊاڪٽر عبدالستار پي ايم اي ۽ پي ڊي ايف جو صدر هوندي  ۲۰۰۷ع ۽ ۲۰۱۰ع جي ٻوڏ دوران سڄي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي اندر ڪيتريون ئي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ۽ ۱۰ محرم الحرام ۽ چهلم تي شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ميڊيڪل ڪئمپون پڻ لڳائيندو رهي ٿو. هن وقت به پيپلز پارٽيءَ طرفان پي.ڊي. ايف جو ٻيون دفعو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو صدر آهي. سندس چوڻ آهي ته ۲۰۰۶ع ۾ ڊاڪٽر ضياءُ الدين صاحب ذاتي دلچسپي سان پي سي بي سيل جي طرفان ييگ ليزر مشين ڏني، جيڪا مسلسل ۱۰ سال هلي. لک پڙهه ڪئي سي پر ڪم نه ٿيو. ييگ ليزر سمجهو ته سيڪنڊ لائين سرجري هوندي آهي. ييگ ليزر مشين ذريعي رڪارڊ موجب۳۰۳۵۰ مريضن جو آپريشن ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن في مريض کان ييگ ليزر آپريشن جا ۵۰۰۰ به وٺجن ته هڪ ڪروڙ ستهٺ لک عوام جا بچيا آهن. تازو ئي، ڊِي سي قمبر شهدادڪوٽ، جاويد جاگيراڻي صاحب ذاتي دلچسپي وٺي ۹ لک ۸ هزار روپيا ڪنهن مخير ماڻهو کان ڪمپني کي ڏياريا ڪافي عرصي کان خراب ييگ ليزر مشين ٺهرائي، ۽ هاڻي اها ييگ ليزر مشين هلي ٿي ۽ ڊاڪٽر صاحب وري آپريشنون ڪري پيو.

 هن کي تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ ۲۴هون سال هلي ٿو. اسپتال جي رڪارڊ موجب هو گذريل سال تائين ۲ لک ۲۲ هزار او پي ڊي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ پرائيويٽ يا ڪئمپ جي او پي ڊي الڳ آهي. نه صرف اهو پر هن ۳۵۰۰ ليزر آپريشن ڪيا آهن، ۹۰۰۰ (نو هزار) ميجر آپريشن ڪيا آهن، ۸۵۰۰ مائينر آپريشن ڪيا آهن. سگا شهدادڪوٽ جي گذريل ۲۵ ڪئمپن جي رڪارڊ موجب هن ۹۰۰۰ جي لڳ ڀڳ آپريشن ڪيا آهن، جيڪو حقيقت ۾ وڏو رڪارنامو آهي. هو هڪ مسلسل جدوجهد ڪندڙ بي لوث خدمتگار آهي. رب پاڪ هن کان خير جا ڪم ڪرائيندو رهي ٿو. جيڪي عين عبادت ۽ صراط مستقيم جي رستي پار ڪرائڻ وارا آهن.

ڊاڪٽر عبدالستار وڌي کي قومي بين الاقوامي تنظيمن طرفان بي لوث خدمتن جي مڃتا عيوض مختلف انعام ۽ ڪيترا ئي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن.

۱. انسان همدرد شهدادڪوٽ طرفان سٽيزن ايوارڊ سان نوازيو ويو.

۲. سٽي گورنمينٽ طرفان ۲۰۰۶ ۾ تعلقي شهدادڪوٽ جو بيسٽ ڊاڪٽر ايوارڊ مليو.

۳. شهدادڪوٽ فورم طرفان بهترين شهري جي انعام سان نوازيو ويو.

۴. سگا برانچ شهدادڪوٽ جي طرفان بهترين ڪارڪردگي جو انعام پڻ ڏنو ويو.

۵. سگا مرڪز طرفان بهترين خدمتن تي گولڊ ميڊل ڏنو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا