; سنڌي شخصيتون: محمد ابراھيم شيخ

14 September, 2020

محمد ابراھيم شيخ

محمد ابراھيم شيخ

سگا جو سرگرم ۽ پيارو ساٿي - زندگيءَ جو مختصر احوال..

خالد حسين چنا



۴ ڏهاڪا زندگيءَ جو وڏو عرصو ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو زندگيءَ جون ۴۰ کان مٿي بهارون هڪڙي ئي اداري سان سلهاڙيل رهي ته اها ان ماڻهوءَ جي اداري سان ڪمال جي انسيت چئبي. زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ماڻهو ڪنهن اداري، تنظيم يا ڪنهن فرد سان ايترو عرصو جٽاءُ ڪري سگهندا آهن پر اسانجو دوست، اسانجو همسفر محترم محمد ابراهيم شيخ اهڙن ماڻهن منجهان هڪ آهي، جنهن کي جڏهن کان سانڀر ٿي آهي تڏهن کان هو سنڌ جي عظيم اداري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سان سلهاڙيل رهيو آهي. سگا سان سلهاڙجندي خيرن سان کيس چاليھ سال اچي ٿيا آهن پر هڪ لمحو، هڪ مهل به پاڻ کي سگا کان پري نه ڀانيو هوندائون. سگا هميشه کيس ساھ جي رڳ جيان ويجهو رهي آهي. هو ان سڄي عرصي کان نهايت ئي سرگرم رهندو آيو آهي. سگا جي هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ پنهنجي شرڪت فرض جيان يقيني بڻائيندو آهي، نه رڳو پروگرامن ۾ شرڪت پر عملي طور تي هو هر پروگرام جو هڪ متحرڪ ڪارڪن بڻجي پروگرام کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو رهڻ ڄڻ ته سندس عادت بڻجي وئي آهي. ايترو گهڻو عرصو سگا سان ساڻ رهندي هو هاڻي سگا جي جيئري جاڳندي تاريخ آهي، کيس سگا جي سرگرمين، لاهن چاڙهن، ڪاميابين ۽ ڪٿي ڪٿي ناڪامين جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي.


هڪڙن ماڻهن صرف علم پڙهيو آهي پر محمد ابراهيم شيخ انهن ماڻهن مان هڪ آهي جن ڪڙهڻ ۽ ٺرڻ تائين جا مرحلا پار ڪري  عملي ميدان ۾ ڪاميابيءَ سان زندگي گذاري رهيو آهي. هو سگا جي انهن رضاڪارن مان آهي جن بي لوث خدمتون ڪيون ۽ هر ڏک سک ۾ سگا سان ساٿ ۾ رهندا پيا اچن. ماڻهن وٽ محمد ابراهيم شيخ جي سڃاڻپ ۽ شناخت “سگا وارو ادا ابراهيم شيخ” آهي. ڇاڪاڻ ته سگا حيدرآباد شاخ شروع کان وٺي نهايت متحرڪ شاخ رهي آهي. ابراهيم شيخ صاحب سگا هالا، سگا خيبر ۽ آسپاس جي شاخن سان تمام گهرو رهيو آهي. سگا جا رضاڪار حيدرآباد شهر جي هر مسئلي تي متحرڪ رهيا آهن. ابراهيم شيخ صاحب پنهنجن ساٿين سان گڏجي حيدرآباد ۾ ڪيترا ئي بهترين ۽ تاريخي پروگرام ڪاميابي سان ترتيب ڏنا آهن. بين القوامي سچل ڪانگريس هجي يا شاھ سچل سامي بين الاقوامي ڪانفرنس هجي، روشن تارا ٻالڪ ميلو هجي يا ادبي علمي رهاڻ هجي محمد ابراهيم شيخ جو ڪردار متحرڪ رهيو آهي.

رضاڪار کي بي لوث خدمتن تي مختلف تڪليفون اچن ٿيون. سماجي ڪم ڪرڻ ۾ اڪثر مثبت موٽ گهٽ ملي ٿي. هڪ رضاڪار پنهنجو قيمتي وقت ۽ صلاحيتون بنا ڪنهن لالچ جي ارپي ٿو. پنهنجي صحت جو به خيال نه ٿو ڪري. پنهنجي گهر وارن جي ناراضگي به برداشت ڪري ٿو. رڃ، واري ۽ نٽهڻ اس جا پنڌ ڪري ٿو. موٽ ۾ اڪثر ڪري شاباس به ڪو نه ٿي ملي پر محمد ابراهيم شيخ انهن ماڻهن منجهان نه آهي، جيڪي جلد مايوس ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سگا جي رضاڪارن ۾ سهپ، رواداري ۽ قربانيءَ جو عنصر جام ملي ٿو. محمد ابراهيم شيخ به سدائين مسڪرائيندڙ ۽ درگذر ڪندڙ آهي. هن کي ڪمال جي برداشت آهي. هو ڪيترن ئي شين ۽ ظاهري مسئلن ئي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي وقت سان خود به خود صحيح ٿيو وڃن. ابراهيم شيخ سگا جي سفر ۾ ڪم ڪندي ڪندي سور ساڻ زندگي گذارڻ جو فن سکي ورتو آهي.

هِيڪلَائِي هَيل، پُورِينديسَ پُنهَونء ڏي،

آڏَا لَڪَ لَطِيفُ چَئِي، سُوڙِيُون سُڄنَ سِيلَ،

تَه ڪَرِ ٻِيلِي آهن ٻَيلَ، سُورَ پِريَان جَا سَاڻُ مُون..

محمد ابراهيم شيخ جو جنم ۱۶ مارچ ۱۹۵۸ع تي هالا ۾ ٿيو. تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ هالا ۾ حاصل ڪيائين. هو پرائمري تائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ گورنمينٽ پرائمري اسڪول،  مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا جڏهن ته گريجوئيشن ۽ ماسٽر اڪانامڪس جي ڊگري (سنڌ يونيورسٽي) سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان حاصل ڪئي. هن ۱۹۷۶ع ۾ بئنڪ ۾ نوڪري حاصل ڪئي ان دوران سندس تعليم پڻ ھلندي رھي.

محمد ابراهيم شيخ سال ۱۹۷۸ع کان سگا جي سٿ ۾ ھالا شاخ ۾ شامل ٿيو ۽ ان ئي سال برانچ جو انفارميشن سيڪريٽري ٿيو. ان دوران ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي ڪوششن سان طالب الموليٰ ڪالوني ۾ ٻن ڪمرن جو گرلس پرائمري اسڪول تعمير ڪرايو ويو. انھن ڏينھن ۾ ھي ھالا جو پھريون گرلس پرائمري اسڪول ھو. ھو ۽ ٻيا ساٿي ڊاڪٽر صاحب سان گڏجي ان خير جي ڪم ۾ گڏ رهيا. محمد ابراهيم شيخ سال ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۵ع تائين ھالا شاخ جو مالي سيڪريٽري رهيو.

محمد ابراهيم شيخ ۱۹۸۶ع کان شاخ جو صدر. نائب صدر، جنرل سيڪريٽري جي عھدن تي رھيو. ان سڄي عرصي دوران روشن تارا اسڪول جو قائم ٿيڻ ۽ ۱۹۸۱ع کان ۱۹۸۹ع تائين ھر سال اکين جون ڪئمپون،  چمڙي ۽ ميڊيڪل جون جنرل ڪئمپون آرگنائيز ڪيون.

سگا حيدرآباد شاخ طرفان هن ساٿين سان گڏجي ڪيترا ئي سماجي ڪم ڪيا. حيدرآباد ۾ گورنمينٽ جا ۲۰ اسڪول سگا ۽ ايس ڊي اي جي تعاون سان گذريل ڪيترن سالن کان هلي رهيا آهن. ابراهيم شيخ صاحب جي ڪوششن سان ڪئنيڊا جي ڊاڪٽرن جي مدد سان روشن تارا اسڪول ھالا جي نئين بلڊنگ ٺهرائي. هو روشن تارا اسڪول ھالا جو ڪيترا ئي سال وائيس چيئرمين پڻ رهيو ۽ اسڪول جي مڪمل نگهباني ڪندو رهيو.

محمد ابراهيم شيخ ۲۰۱۲کان ۲۰۱۵ تائين سگا جو سيڪريٽري ماليات رهيو. ان دوران ڪيترن ئي ڪمن ڪارين ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موڪيو مليس. هو نهايت دور انديش ۽ تجربيڪار ماڻهو آهي. هن وٽ هر وڏي کان وڏي مسئلي جو آسان حل موجود آهي. هو ماڻهن جي نفسيات جو ماهر آهي ۽ هن وٽ ننڍي مزدور کان وٺي وڏي آفيسر تائين جي ماڻهن کان بهترين نموني ڪم وٺڻ جو پنهنجو انداز آهي ۽ ڏانءُ آهي. هن سگا شاخ جي پروگرام کان ويندي مرڪزي سطح تائين جي پروگرامن کي ترتيب ڏيڻ ۽ منظم طريقي سان ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حيدرآباد جي تاريخي ميران ٻائي اسڪول ۾ سگا جون مرڪزي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ماڻهن جي رهائش ۽ کائڻ پيئڻ جا انتظام محمد ابراهيم شيخ ۽ ساٿين سنڀاليا. ۲۰۱۵ ۾ سگا جو ڪنوينشن ۽ مرڪزي اليڪشن هالا ۾ ٿي، جتي پڻ محمد ابراهيم شيخ ۽ انهن جي ساٿين گڏجي انتظام سنڀاليا. ذميواري کڻبي ته غلطيون به ٿينديون ته ڪم به ٿيندا. ڪوشش انسان جي وس ۾ آهي باقي ڀلو رب پاڪ ڪري. اڪثر ڪري ڪم ڪندڙ ساٿي ڪيترن ماڻهن کي نه وڻندا هوندا پر ڪامياب اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪم ڪندا رهن ۽ پنهنجي عشق ۾ مگن رهن.

هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي....

محترم محمد ابراهيم شيخ جون خدمتون شروع کان  شاخ کان وٺي سگا مرڪز ۾ هجڻ ڪري سڄي سنڌ ۾ رهيون آهن. هن ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿرجي ڏڪار کان وٺي سنڌ ۾ ٻوڏ جي حالتن ۾ ٺٽي، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ بهترين طريقي سان ڪم ڪيو آهي. هن کي ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. هن سگا طرفان سلور جوبلي ايوارڊ ماڻيو. ۳۳ هين سالگرهه ۽ ايوارڊ تقريب ۱۰ ڊسمبر ۲۰۰۵ع، سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ٿي،جنهن ۾ محمد ابراهيم شيخ کي بهترين ڪارڪردگي جي مڃتا عيوض گريجوئيٽ گولڊ ميڊل ڏنو ويو.

محمد ابراهيم شيخ وٽ زندگي جو مقصد ٻين ڪاڻ جيئڻ آهي. هو فطرت جي رازن کي سمجهي ٿو. دنيا ۾ ڪيترا ئي ماڻهو آهن جيڪي پيدا ئي ناهن ٿيندا ۽ نه وري مرندا آهن. ڇو ته انهن جي، ڄمڻ مرڻ جو ڪنهن تي فرق ئي ناهي پوندو. جيڪي ماڻهو ٻين ڪارڻ جيئندا آهن، انهن جي مرڻ، هي جهان ڇڏي وڃڻ جو ڏک به ٿيندو آهي. مرشد لطيف فرمائي ٿو..

وَڻ ٿا مَيوو ڪَن، پَاڻ نه کائين پنهنجو،

ٺڪر، ڀتر، ڇَاپڙا، ڌُوڻون ڌارَ سهن،

پَسِيو لڄَ لَطيف چَئي، وَيچَارن وَڻن،

ڦِرِيو ڦرُ ڏِين، مُند مُقابل پنهنجي.

ابراهيم شيخ صاحب عمر جي هن عرصي ۾ به سنگت سان ساٿ نڀائيندو پيو اچي. رب پاڪ هن کي صحت عطا فرمائي. هو پنهنجي اهل عيال سميت خوشين ڀري زندگي گذاري، شال حيدرآباد جون هوائون کيس راس اچن، شال حيدآباد جي شامن ۾ ٽهڪ ۽ مرڪون وکيريندو رهي.

پهريون ڊرافٽ... ۲۰. ۰۸. ۲۰۲۰


No comments:

راءِ ڏيندا