; سنڌي شخصيتون: غوث بخش ڪلوڙ

13 September, 2020

غوث بخش ڪلوڙ

غوث بخش ڪلوڙ

سگا ڪشمور جي کاهوڙي بي لوث رضاڪار جي زندگي ۽ خدمتن جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



محترم غوث بخش ڪلوڙ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي انهن رضاڪارن مان آهي جن جي سماجي خدمتن جي سرهاڻ جي ڪري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي زندگي کي جياپو بخشيو آهي ۽ عوام ۾ سٺي ساک رکندڙ ادارو ٿئي اڀريو آهي. انهن رضاڪارن جي ڪري سگا سنڌ جي نمائندگي ڪندي سنڌ جي هر مسئلي تي ڪالاباغ ڊيم کان وٺي سنڌي ٻولي تائين، معياري تعليم کان وٺي بهتر صحت جي سهولتن تائين، ڌاري آبادڪاري کان وٺي نوڪرين ۾ ميرٽ ٽئين ۽ هر مسئلي تي آواز اٿاريندي ۽ لکپڙهه ڪندي رهي ٿي.


جيئن ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته وڻ ميوي سان ۽ ماڻهو پنهنجي دوستن سان سڃاتو ويندو آهي بلڪل اهڙي طرح تنظيمون ۽ ائسوسيئيشن پنهنجن ميمبرن جي ڪردار ۽ خدمتن جي عيوض سڃاتيون وينديون آهن. اهڙن پيارن ۽ بي لوث رضاڪارن ۾ ڪشمور مان محترم غوث بخش ڪلوڙ به آهي. غوث بخش ڪلوڙ کلڻو، ملڻو، ماٺيڻي طبيعت ۽ پنهنجي دنيا ۾ مست رهندڙ شخصيت آهي. سندن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ ٿيندي. غوث بخش ڪلوڙ جو جنم ۳۱ جولائي ۱۹۵۵ع تي ڳوٺ قادزئي خان ڪلوڙ ۾ ٿيو. ڪشمور پرائمري اسڪول مان پرائمري تعليم ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪشمور مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ٽن سالن جي ڊپلوما گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي خيرپور مان ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪيائين.

سال ۱۹۷۶ع ۾ گڊوٿرمل پاور اسٽيشن واپڊا ۾ سب انجنيئر طور ڀرتي ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ لائين مين سپريٽينڊنٽ گريڊ ون مقرر ٿيو. ان کان پوءِ BPS-17 ۾ واپڊا ۾ سب ڊويزنل آفيسر مقرر ٿيو.

غوث بخش ڪلوڙ ۱۹۹۱ع ۾ سگا ۾ شموليت ڪئي. ۱۹۹۲ع کان ۲۰۰۴ع تائين سگا ڪشمور شاخ جو صدر رهيا. سندس صدارت دوران ڪشمور شهر ۾ مختلف ميڊيڪل ڪئمپس لڳرايون جيڪي سگا مرڪز ۽ BMC سگا ڪشمور شاخ جي تعاون سان هيون. ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ دوران سگا مرڪز جي تعاون سان جناح اسپتال ڪراچي مان ۱۵ ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم گهرائي، ڪچي جي علائقي ۾ ٻوڏ متاثرين جو علاج ڪرايو ۽ مفت دوائون ڏنيون، گڏوگڏ کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ ڪپڙن جي وڏي تعداد پڻ متاثرين ۾ ورهائي. غوث بخش ڪلوڙ ۱۹۹۳ع ۾ سگا مرڪز کان ايمبولينس ورتي جيڪا سگا ڪشمور شاخ جي نگراني ۾ هلندي هئي. پر بدقسمتي سان مزاري بگٽي جهيڙي دوران هڪ لاوارث لاش ايمبولينس ۾ ڊيره بگٽي بلوچستان موڪليو ويو جتي ايمبولينس ڊرائيور کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ ايمبولينس اغوا ڪري بگٽي کڻي ويا جيڪا ساٿين ايجنسين جي مدد سان لاش ۽ ايمبوليسن واپس ڪرائي ۽ ڪجهه عرصي بعد سگا مرڪز جي هدايتن تي اها ايمبولينس سگا لاڙڪا نه شاخ جي حوالي ڪئي وئي. غوث بخش ڪلوڙ جن مختلف ڳوٺن ۾ جمع ڪلينڪ پڻ هلرايون.

غوث بخش ڪلوڙ جي سگا ڪشمور شاخ ۾صدارت دوران سندن قرباني جو وڏو ڪارنامو اهو آهي ته ڪشمور شهر ۾ روشن تارا اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن لاءِ ڪافي پريشانيون ڏسڻيون پيون. هڪ مخير ماڻهو اسڪول لاءِ پلاٽ ڏيڻ لاءِ عجيب شرط رکيا ته غوث بخش ڪلوڙ هُن جي ڀائيٽي کان پَٽَ تي ويهي معافي وٺي ڇو ته سائين سرڪاري ڊيوٽي دوران هن جي ڀائيٽي کي بجلي چوري جي الزام هيٺ جيل ۾ وجهرايو هيو. سائين کي جس هجي ته شهر جا ۵ معزز ماڻهو سان ڪري پٽ تي ويهي ان همراهه جي ڀائيٽي کان معافي ورتي پر افسوس جو ان مخير ماڻهوءَ وري به پلاٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ وري ٻي شرط اها رکي ته محلي جي مارڪيٽ جي ۱۶ دڪاندارن کي پڻ بجلي چوري ڪيس مان آجو ڪرائي ته پوءِ پلاٽ ڏيندس. تنهن کان پوءِ غوث بخش ڪلوڙ جن اها به شرط پوري ڪئي ۽ ڏنڊ جي رقم عدالت ۾ ڀري هنن کي آزاد ڪرايائين پر پوءِ به هن پلاٽ نه ڏنو ويو.

تنهن کان پوءِ سائين پنهنجي ذاتي اثر رسوخ ۽ دوستي ناتي D.C جيڪب آباد کان روشن تارا اسڪول ڪشمور لاءِ هڪ پلاٽ حاصل ڪيو ۽ ڪم شروع ڪرڻ لاءِ پنهنجو سرڪاري اثر رسوخ هلائي PPL کان ۵ ڪمرن جو اسڪول ٺهرايائين جنهن جو افتتاح PPL ۾ ٿيو. اسڪول جي پهرين ٻن سالن تائين اسڪول اسٽاف جون پگهارون پڻ سائين پنهنجي کيسي مان ڏنائين جيڪو اسڪول ۲۰۰ روپين سان شروع ڪيائين اڄ ان جي ملڪيت ۵ ڪروڙ کان به مٿي آهي. اڄ روشن تارا اسڪول جيڪو ڪي جي کان شروع ٿيو ۽ هاڻي هائير سيڪنڊري ليول تائين پهتو آهي جنهن ۾ ۳۶ ڪمرا، ڪمپيوٽر ليب، لائبريري، ميٽنگ هال ۽ لان پڻ آهي.

غوث بخش ڪلوڙ ۱۲ سال سگا ڪشمور شاخ جا صدر رهيا، ۴ سال وائيس چيئرمين سگا لاڙڪا نه ڊويزن رهيا، ۴ سال ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سگا مرڪز رهيا، ۲ سال مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيا ۽ ۱۹۹۷ع کان اڄ تائين (۲۳ سال) روشن تارا اسڪول ڪشمور جي اسڪول انتظاميا ڪاميٽي جو چيئرمين رهيا آهن. هن وقت به اسڪول جو چيئرمين آهي.

روشن تارا اسڪول ڪشمور ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪري رهيو آهي. هن اسڪول ۾ ۴۲۳ ڇوڪرا ۽ ۴۴۳ ڇوڪرين سميت ڪُل ۸۶۶ معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جڏهن ته هن اسڪول ۾ ۴۲ استاد پڙهائي رهيا آهن جيڪي تجربيڪار ۽ باصلاحيت آهن. هن اسڪول ۾ جديد طرز جون سهولتون جنهن ۾ سائنس ليبارٽري، ڪمپيوٽر ليب، صاف پاڻي پيئڻ لاءِ آر.او پلانٽ جي سهولت موجود آهي. ان کان علاوه هن اسڪول ۾ هڪ جديد طرز جي لائبريري جي پڻ موجود آهي. جنهن ۾ هر شعبي جا ملڪي توڙي غير ملڪي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. هن اسڪول جي عمارت تمام خوبصورتي سان تعمير ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ آن لائين ڪلاسز جي سهولت پڻ ميسر آهن. هر سال ڪيترا ئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا حال ڪن ٿا. هن اداري مان تعليم حاصل ڪيل ڪيترا ئي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ڪامياب پروفيشنل بڻجي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهو سگا ڪشمور جي ساٿين جي محنتن جو نتيجو آهي. فقير زمان دايو کان وٺي غلام مرتضي سومرو تائين، شروعاتي ميمبرن کان وٺي اڄ تائين ڪم ڪندڙ رضاڪارن جو هڪ تسلسل آهي. انهن سڀن ساٿين جي محنت ۽ خدمت کي سلام پيش ڪجي ٿو.

محترم غوث بخش ڪلوڙ کي سماجي خدمتن جي مڃتا عيوض سگا گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ ڪيترا ئي سرٽيفڪيٽ ڏنا آهن. هو سگا جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري ٿو. عمر جي حساب سان ظاهري نظر ڀلي گهٽ اچي پر دل ۾ سنڌي ماڻهن جي خدمت لاءِ نوجوانن وانگر لڇي پڇي ۽ تڙپي ٿي. ڌڻي  در دعا آهي ته رب پاڪ هن کي پنھنجي اهل عيال سميت صحت ۽سلامتي عطا فرمائي آمين.

پهريون ڊرافٽ... ۲۳ جون ۲۰۲۰

No comments:

راءِ ڏيندا