; سنڌي شخصيتون: حاجي پير بخش شيخ

14 September, 2020

حاجي پير بخش شيخ

حاجي پير بخش شيخ

سگا گمبٽ جو بي لوث خدمت گار جي زندگي جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن هڪ شعور جو نالو آهي. هي شعور سماج جي ضرورتن جي نشاندهي ڪري ٿو. انسان کي انسان جي محبت جو قائل ڪري ٿو، الله جي ڏنل نعمتن جو شڪرانو بجا آڻڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي اهو شعور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واچوڙي وانگر پکڙيو آهي. سنڌ جي سر زمين هزارين سالن کان محبت ۽ رواداري کي برقرار رکندي پئي اچي. اهڙن صالح قدرن وارن پيارن ماڻهن منجهان گمبٽ مان پير بخش شيخ پڻ هڪ آهي. هن کي اسان سگا جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين ۾ متحرڪ ڏٺو. نهايت ئي پيار ڏيندڙ پير بخش هميشه گيڙو رومال ڪنڌ ۾ ويڙهي ٻين کان نمايان نظر ايندو آهي. هن جو سنڌ سان عشق نروار نظر ايندو آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين محترم اسد الله کيڙي هڪ هنڌ تقرير ڪندي چيو هو ته اسان جي ڀون جي اها ريت آهي. اسان نينهن ۾ ناگا ٿي نچندا آهيون. اسان جو نينهن انتها جو هوندو آهي. سنڌ جي سدا سڳنڌي مٽيءَ ۾ اها مڻيا آهي ته ان جو باسي ان سان جيجل جيئن نينهن لائي ٿو. پوءِ ڀلي ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي. مان جوئي آهيان سوئي آهيان. پير بخش شيخ صوفي منش ماڻهو سنڌ جي صالح قدرن جي پاسداري ڪندو آيو آهي. هن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سنڌ جي مسئلن اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪيو آهي.


حاجي پير بخش شيخ ۶ نومبر ۱۹۴۵ع ۾ گمبٽ ۾ پيدا ٿيا. سندس والد جو نالو حاجي الله بخش شيخ آهي. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ گمبٽ مان ۽ مئٽرڪ مُراد هاءِ اسڪول گمبٽ مان ۱۹۶۳ع ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۶۸ع ۾ بي. اي جي ڊگري سچل سرمست ڪاليج راڻيپور مان حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ ايل. ايل. بي ۱۹۷۸ع ۾ لاڪاليج خيرپور  ۾ پاس ڪيائين.

 پير بخش شيخ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي ڪري سگا گمبٽ شاخ جي قائم ٿيڻ وقت ۱۹۷۸ع کان تاحيات ميمبر آهي. ۱۹۹۲ع کان مسلسل ۲۰۱۰ع تائين ڪل سترهن سال سگا گمبٽ شاخ جو صدر رهيا آهن. ان عرصي دوران سگا گمبٽ شاخ لاءِ نئين عمارت حاصل ڪيائين. چمڙي، شگر، يرقان ۽ طهرن جون طبي ڪئمپون لڳرايائين. سگا گمبٽ شاخ هڪ متحرڪ شاخ رهندي آئي آهي ۽ پير بخش شيخ جهڙا ڪيترا ساٿي ساٿ ۾ شامل ٿئي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن. جيڪو حقيقت ۾ انهن جي صحبت جو ثمر آهي. هن شاخ جا ڪيترا ئي ساٿي سگا مرڪزي سطح تي پنهنجو ڪردار نڀائيندا اچن. هن وقت به پير بخش جي ساٿ ۾ رهندڙ ساٿي محترم راز علي گل ڀٽو سگا جو مرڪزي سيڪريٽري ثقافت آهي ۽ احسن طريقي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

سگا جو اڻويهون ساليانو ڪنوينشن تاريخ ۲۳, ۲۴, ۽ ۲۵ مارچ ۱۹۹۴ع گمبٽ ۾ ٿيو. سگا جو ٽن ڏهاڙن وارو ساليانو ڪنوينشن تمام گهڻو يادگار رهيو. محترم ولي محمد روشن سيڪريٽري جنرل ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جن چيئرمين سگا هئا. محترم پير بخش شيخ ۽ ساٿين ڏينهن رات محنت ڪري ڪنوينشن کي ڪامياب ڪيو. سالياني ڪنوينشن جي افتتاحي اجلاس ۾ سگا جي باني ۽ سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ تاريخي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي گذريل ۲۲ سالن جي دور ۾ ڪيترا ئي خوشگوار تجربا به ٿيا آهن جهڙوڪ سنڌ جي عام ماڻهو هن ساٿ وڏي عزت احترام ۽ محبت ڏني آهي جنهنڪري اسان کي پذيرائي ملي رهي آهي..... مون کي اميد آهي ته اسان لالچ، باھمي حسد، خودپسندي ۽ سازشي عمل کان پري رهي پنهنجي خوابن جي جنت طرف بي لوث پورهئي جوعمل جاري رکندا سين. اسان کي پنهنجي من مان چائت ڪڍي سچائيء ۽ سڪ کي جائگير ڪرڻو پوندو، تڏھن ئي اسان پنهنجي سماج کي عزت ڀريو پرسڪون ۽ ترقي يافته بڻائي سگهندا سين.

محترم پير بخش شيخ ڪيترا ئي سماجي ڀلائي جا ڪم ڪندو رهي ٿو. ڪميونٽي اسڪول قائم ڪرايائين، هن الله بخش شيخ پرائمري اسڪول لاءِ پلاٽ ڏنائين. شهري سرگرمين ۾ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ڀرپور شرڪت ڪندا رهيا.

پير بخش شيخ جتي رهيو محنت ڪيائين. هن ۾ اڳواڻي جا پيدائشي جوهر هئا. جتي جتي رهيا ماڻهن جي رهنمائي ڪيائون. ماڻهن جي بي لوث جذبي سان مدد عيوض دلين جاء ٺاهيائون. ميڊيڪل اسٽور هلائڻ سان گڏ ميڊيڪل اسٽور ايسوسيئيشن گمبٽ جو ڏهه سال صدر رهيو. انهن زميدارين کان علاوه آبادگاري به ڪندا آهن. بدين لاءِ سيلاب ۽ طوفان ستايلن لاءِ سامان جي ٽرڪ ڀرائي ڏياريائين ۽ پڻ مقامي ماڻهن کي ٻوڏ جي متاثرين ۾ سامان گڏ ڪري ورهائيندا رهيا آهن.

گمبٽ شهر جي تاريخ ۾ تمام وڏي جدوجهد اسپتال جي نالي تي هلي. ڪيترا ئي ڏينهن مسلسل احتجاج رهيو. جنهن ۾ شهر جي هر پڙهي لکي با شعور حصو ورتو. سگا گمبٽ شاخ ان تحريڪ ۾ سر فهرست رهي. سگا گمبٽ جا ساٿي شهر جي ٻين سياسي سماجي ساٿين سان گڏجي ڀرپور لک-پڙھ ڪئي. پير بخش شيخ به گمبٽ اسپتال جي نالي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.

سگا جي ثقافتي وفد سان ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي قيادت ۾ هندستان جو دؤرو ڪيائين. جون مهيني ۲۰۰۶ ع ۾ سگا جو وفد انڊيا جي دوري تي ويو. موجوده سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري صاحب، پير بخش شيخ صاحب، پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو صاحب، عثمان پنهور صاحب ۽ ٻيا..... شامل هئا. سگا چيئرمين جناب رفيق احمد جعفري ان يادگار دوري کي هڪ سفر نامي نالي “ اکيون پسي آئيون” ۾ بهترين انداز سان قلمبند ڪيو آهي. دارجلنگ جابلو ٻيلن جو سير ۽ دارجلنگ چانھ جو مزو، ڪلڪتي ۾ محفلون ۽ راڳ رنگ، دهلي جا نظارا ۽ قطب مينار، حضرت نظام الدين اولياء، مرزا غالب اڪيڊمي، جامع مسجد دهلي ۽ انڊيا گيٽ جو سير سان گڏ تاج محل جو دل لڀائيندڙ منظر بهترين نموني لفظن جي جادوگري سان اکين آڏو جيئري تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

محترم پير بخش شيخ ۽ ٻين سگا جي ساٿين جو لاڙڪاڻو گمبٽ پل جي جدوجهد ۾ نهايت ئي متحرڪ ڪردار رهيو. انهن پير بخش صاحب جي اڳواڻي ۾ شهر جي ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ساٿ سان  گمبٽ کي گئس ڏيارڻ جون ڪوششون ڪيائين ۽ ڪامياب ٿيا.

سگا جي وجود جو هڪڙو مقصد اهو به هو ته پنهنجي قوم جي ٻچڙن کي معياري تعليم ڏئي خوشحال ۽ پرامن سنڌ جو قيام ڪجي. ان ڪري سگا جي هر شاخ ۾ تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ خاص ڪوششون هلنديون رهنديون آهن. سگا جي ڪيترن شاخن جي ساٿين جي جدوجهد جي ڪري سنڌ جي مختلف شي۾ روشن تارا ڪاميابي سان پنهنجو ڪردار نڀائي رهيا آهن. سگا جي هر شاخ جي ڪوشش هوندي آهي ته انهن جي علائقي ۾ روشن تارا اسڪول هجي. پير بخش شيخ ۽ سگا جي ساٿين روشن تارا اسڪول لاءِ پلاٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هن وقت پلاٽ کي چوديواري آهي ۽ انشاء الله جلد روشن تارا اسڪول گمبٽ باقي مرمت ڪرائي پنهنجي علائقي جي روشن ٻارن جي معياري  تعليم جي زيور سان خوب سيرت  بڻائيندو.

پير بخش شيخ سڀني محبت ۽ مان  ڏيندڙ پياري شخصيت هن وقت گمبٽ ۾ پنهنجي اهل عيال سان زندگي جا خوشگوار ڏينهن گذاري رهيو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته هو صحتمند ۽ خوش رهي. آمين

پهريون ڊرافٽ ۵ جولا ۲۰۲۰

No comments:

راءِ ڏيندا