; سنڌي شخصيتون: حاجي پير بخش شيخ، سگا، گمبٽ، خالد حسين چنا،
Showing posts with label حاجي پير بخش شيخ، سگا، گمبٽ، خالد حسين چنا،. Show all posts
Showing posts with label حاجي پير بخش شيخ، سگا، گمبٽ، خالد حسين چنا،. Show all posts

14 September, 2020

حاجي پير بخش شيخ

حاجي پير بخش شيخ

سگا گمبٽ جو بي لوث خدمت گار جي زندگي جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن هڪ شعور جو نالو آهي. هي شعور سماج جي ضرورتن جي نشاندهي ڪري ٿو. انسان کي انسان جي محبت جو قائل ڪري ٿو، الله جي ڏنل نعمتن جو شڪرانو بجا آڻڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي اهو شعور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واچوڙي وانگر پکڙيو آهي. سنڌ جي سر زمين هزارين سالن کان محبت ۽ رواداري کي برقرار رکندي پئي اچي. اهڙن صالح قدرن وارن پيارن ماڻهن منجهان گمبٽ مان پير بخش شيخ پڻ هڪ آهي. هن کي اسان سگا جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين ۾ متحرڪ ڏٺو. نهايت ئي پيار ڏيندڙ پير بخش هميشه گيڙو رومال ڪنڌ ۾ ويڙهي ٻين کان نمايان نظر ايندو آهي. هن جو سنڌ سان عشق نروار نظر ايندو آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين محترم اسد الله کيڙي هڪ هنڌ تقرير ڪندي چيو هو ته اسان جي ڀون جي اها ريت آهي. اسان نينهن ۾ ناگا ٿي نچندا آهيون. اسان جو نينهن انتها جو هوندو آهي. سنڌ جي سدا سڳنڌي مٽيءَ ۾ اها مڻيا آهي ته ان جو باسي ان سان جيجل جيئن نينهن لائي ٿو. پوءِ ڀلي ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي. مان جوئي آهيان سوئي آهيان. پير بخش شيخ صوفي منش ماڻهو سنڌ جي صالح قدرن جي پاسداري ڪندو آيو آهي. هن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سنڌ جي مسئلن اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪيو آهي.