; سنڌي شخصيتون: حاجي محمد قريشي

14 September, 2020

حاجي محمد قريشي

حاجي محمد قريشي

سيوهڻ جي تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ جي زندگي  جو مختصر احوال

خالد حسين چنا



سيوهڻ جا شروعاتي اصلي رهاڪو حاجي محمد قريشي صاحب جي ڪيل خدمتن کي اڄ به ياد ڪندا آهن. هو هڪ درويش صفت انسان هو جنهن وٽ غريب بي پهچ ماڻهن جي خدمت  ڪرڻ ئي عبادت هوندي ھئي.


هو پنهنجي دور جو بهترين استاد ۽ تعليم سان پيار ڪندڙ شخص هو. سائين محمد قريشي جا پڙهيل شاگرد ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پنهنجون خدمتون ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏئي رهيا آهن. هو شاگردن کي پنهنجي اولاد وانگر پرورش ڪندو هو. پڙهائڻ سان عشق هجڻ ڪري هو ڏينهن رات تعليم کي بهتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هوندو هو. هو سيوهڻ ۽ آس پاس جي اسڪولن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. دادو ضلعي جو  ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (D. E. O) دادو بنيو.

نذير سومرو صاحب هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته  سائين حاجي محمد قريشي جو سيوهڻ وارن لاءِ سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو هو جو هن سيوهڻ ۾ مئٽرڪ پاس بي روزگار نوجوانن جا انٽرويو ڪرائي هڪ ئي وقت ۴۰ کان مٿي استادن کي تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ڪرايو، بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي گهر ويٺي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو اهڙو مثال شايد ڪٿي هجي. پاڻ جيڪڏهن چاهي ها ته نوڪريون ڏيڻ جي بهاني سان هڪ وڏي رقم حاصل ڪري وٺي ها. ليڪن پاڻ ائين نه ڪيائين.

سائين حاجي محمد قريشي هڪ شخص نه پر هڪ ادارو هو. هو جتي ويو، جنهن سان مليو ان وٽ پنهنجي خوبصورت يادون ڇڏي ويو. هو بلڪل نيڪ سچو ۽ هڪ همدرد انسان ۽ بهتر تعليمي ماهر هو. هن جي ڪوششن ۽ مسلسل محنت جي ڪري هاءِ اسڪول سيوهڻ هڪ مثالي ادارو بڻيو جتان ڪيترا ئي بهترين شاگرد پيدا ٿيا ۽ ٿيندا رهن ٿا.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) شاخ سيوھڻ جو ميمبر رهيو. هر سال هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ سگا طرفان مفت اکين جي ڪئمپ ۾ هر طرح جو تعاون ڪندو رهيو. وڏي عمر جي باوجود نوجوانن وانگر رضاڪار طور ڪم ڪندو رهيو. سندس اهڙي جذبي ۽ شخصيت کي محسوس ڪري کيس سال ۸۴-۱۹۸۳ع سگا سيوهڻ جو صدر چونڊيو ويو.

سگا جي ميمبرشپ تي لڳل وفاقي ملازمن جي بندش کان پوءِ، ڊسمبر ۱۹۸۳ ۾ لڳايل مفت اکين جي علاج۽آپريشن جي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ حاجي محمد قريشي صدر، مير محمد پرھيار اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ، محمد شريف بلوچ ڊپٽي ڪمشنر دادو، مظهر علي ميمڻ، محمد طيب سومرو، غلام اڪبر اوٺو ۽ محمد ابراهيم انصاري ۽ ٻيا سياسي سماجي ماڻهو موجود هئا.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سيوھڻ شاخ جي آفيس شاپنگ سينٽر ۾  ۱۹۸۴ ۾ قائم ڪئي وئي، آفيس جي افتتاح  جي هڪ پر رونق تقريب رکي وئي جنهن ۾  پروفيسر غلام مصطفي بليدي جنرل سيڪريٽري سيوھڻ شاخ، محمد يارل پنھور، محمد ابراهيم اوٺو چيئرمين ٽائون ڪاميٽي سيوهڻ، حاجي محمد قريشي صدر سيوھڻ شاخ،غلام اڪبر اوٺو ماليات سيڪريٽري، سيد محمد شاه لڪياري، علي محمد ملاح ڪائونسلر ٽائون ڪاميٽي، امان الله لورھائي ڪائونسلر ۽ ٻيا شامل هئا.

اکين جي ڪيمپ ۱۹۸۴ جي آخري ڏينهن تي والنٽيرس ۾ سرٽيفيڪيٽ ورھائڻ تقريب ٿئي جنهن ۾  پروفيسر منظور علي خسرو (سيوھڻ برانچ جي فائونڊر ميمبرن مان) اکين جو ماھر پروفيسر ڊاڪٽر گلزار احمد شيخ، سيوھڻ شھر جو مخير دوست حاجي محمد اسماعيل سھتو (اکين جي ڪيمپ ۱۹۸۳ کان ۱۹۸۹ تائين مريضن، ان سان گڏ آيل سمورن اٽينن، ۽ والنٽيرس ۾ ۳ وقت خوراڪ پنھنجي طرفان مڪمل بندوبست ڪرڻ وارو دريا دل سخي مرد مومن)، حاجي محمد قريشي صدر سيوھڻ شاخ، محمد طيب سومرو، غلام اڪبر اوٺو، ماليات سيڪريٽري ۽ ۱۹۸۳ کان ۱۹۹۳ تائين اکين جي ڪيمپ جو آرگنائيزر ۽ ڪيترا ئي رضاڪار شامل رهيا.

۱۹۸۶ع ۾ روشن تارا اسڪول سيوھڻ جي سنگ بنياد رکڻ جي تقريب ٿئي جنهن ۾  غلام اڪبر اوٺو ماليات سيڪريٽري سيوھڻ برانچ مھمان خاص حاجي ھارون ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر دادو جو استقبال ڪندي، ڊاڪٽر مظهر علي کوسو، محمد طيب سومرو، قاضي نصيرالدين صديقي، جسٽس غلام حيدر لاکو، حاجي محمد ھارون، حاجي محمد قريشي صدر سيوھڻ شاخ ٻيا ساٿي شامل رهيا.

۱۹۸۶ ۾ سگا شاخ سيوھڻ، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول سيوهڻ۾ شام جي وقت بالغن جي تعليم جو سينٽر قائم ڪيو. ان اسڪول کي ھلائڻ جي لاءِ  اسان کي پرائمري جي استادن نذير حسين سومرو، شفقت حسين شيخ، ۽ عبدالحفيظ بڙدي پنھنجون خدمتون فراهم ڪيون،

پرائمري اسڪول ٻارن جي پيئڻ جي پاڻي کي اسٽور ڪري رکڻ جو تمام وڏو مسئلو ھو، ان جي لاءِ سيوھڻ شاخ ھڪ وڏي واٽر ٽينڪ انھن کي ٺھرائي ڏني وئي.

سگا جو ڏهون مرڪزي ساليانو ڪنوينشن ڪميونٽي سينٽر سيوهڻ ۾ ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ ۾ ٿيو. (حوالو ڪتاب سگا سهائي پيج نمبر ۲۹). اهو انتهائي ڏکيو دور هو. سگا تي ٻين هو. ڪيترا ئي ساٿي  استعيفا ڏئي ويا. ڪي خاموش ٿئي ويا. سگا ۾ ڪم ڪرڻ جيءُ جوکي ۾ وجهڻ هو پر سڄي سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي روشني جا ڪرڻا ٻريا پئي. پر سيوهڻ شاخ سگا کي ان وقت  وڏي سگھ ۽ قوت بخشي. انهن ساٿين عشق جو مچ ٻاري پروانا بڻجي بي لوث ٿئي پنهنجن مسڪين ماڻهن جي واهر بڻيا. سچ ته آهي سڀ ساٿي عظيم انسان آهن. سيوهڻ ۾ سگا جو يادگار ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ اسٽيج تي ساڄي طرف کان، حاجي محمد قريشي صدر سگا شاخ سيوھڻ، منير احمد چانڊيو سيڪريٽري جنرل، بشير احمد مورياڻي چيئرمين، غلام اڪبر اوٺو، وائيس چيئرمين، ۽ سيد عاشق حسين شاه جنرل سيڪريٽري سيوھڻ شاخ شامل هئا.

سگا جي پليٽ فارم تان سائين محمد قريشي صاحب ۽ ساٿين تمام بهتر ڪم ڪيا. هو نوڪري تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۸۷ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي محلي مان وڏي اڪثريت سان ميمبر طور چونڊيو ويو ۽ هو ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين ٿيو. حاجي محمد قريشي شهر جي عام ماڻهن مان هو ۽ هن کي شهر جي معروضي حالتن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. هن ميونسپل ۾ ڪم ڪندڙ هيٺي عملي جو خاص خيال رکيو. انهن جون ڪيترن مهينن جون رهيل پگهارون جاري ڪيائين. حاجي محمد قريشي صاحب ۽ ان جي سڄي ٽيم جي ڪوشش سان سيوهڻ شريف شهر جا ڪيترا ئي مسئلا حل ٿيا. هو هڪ ڪامياب ۽ يادگار دور جو بهترين عوامي اڳواڻ رهيو جنهن شهر جي صفائي ۽ پاڻي طرف خاص ڌيان ڏنو.

حاجي محمد قريشي، سائين غلام اڪبر اوٺو ۽ ٻين سگا جي ساٿين جي مدد سان ھر سال  حضرت لال شهباز قلندر سيوھڻ جي  ميلي جي موقعي تي سيوھڻ ۾ زرعي ۽ ثقافتي نمائش جو انعقاد ڪيو ويندو آهي. ۱۹۸۴ کان ۱۹۹۰ تائين اسان سگا شاخ سيوھڻ پڻ ان ۾ ھڪ اسٽال لڳائيندي هئي جنھن ۾ برانچ جي ڪيل سمورين ايڪٽو ٽيز جي تصويري رپورٽنگ ڪيل ھوندي ھئي، ان سان گڏوگڏ سيوھڻ ۾ تيار ٿيل ھنرن جي پڻ نمائش ٿيندي هئي. پر سڀ کان وڏو مقصد اهو هوندو ته اقتدار۾ ويٺل حڪمرانن کي اھو باور ڪرائڻ ھو ته انهن سگا جي سرڪاري ملازمن جي ميمبرشپ تي بندش وڌي، پر سگا جا بي لوث رضاڪار پنھنجو خدمت جو قافلو ھمت ۽ جذبي سان جاري و ساري رکيو پيا اچن. ان نمائش ۾ هر سال ڪو نه ڪو وڏو حڪمران اچي معائنو ڪندو هو ۽ سگا سيوهڻ شاخ طرفان لڳايل اسٽال تي ضرور بيهندو هو جتي سگا جا سرگرم ساٿي پنهنجي تنظيم جي ڪرڪردگي ٻڌائيندا هئا.

زرعي ۽ ثقافتي نمائش سيوھڻ ميلو ۱۹۸۸ع ۾ نذر حسين مھر ڊپٽي ڪمشنر دادو، سيد عاشق حسين عاشق صدر سيوھڻ شاخ ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان گورنر سنڌ، سيد ڪوڙل شاه صوبائي وزير سنڌ ڪئمپ جو دورو ڪيو جنهن کي حاجي محمد قريشي، غلام اڪبر اوٺو، عبدالقدوس چنہ جنرل سيڪريٽري سيوھڻ شاخ ۽ ٻين ساٿين ڀليڪار ڪئي ۽ سگا جي ڪارڪردگي ٻڌائي.

حاجي محمد قريشي اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي پر هن جون ڳالهيون ۽ هن جا خير جا ڪم اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ موجود آهن. هو مسلسل جدوجهد ڪندي هي فاني جهان ڇڏي لافاني ٿئي ويو. هن هڪ اهڙو مثال رب پاڪ کان دعا آھي ته پنهنجي مٺڙي محبوب جي صدقي حاجي محمد قريشي کي جنت الفردوس عطا ڪري! آمين

پهريون ڊرافٽ... ۵ آگسٽ ۲۰۲۰

No comments:

راءِ ڏيندا