; سنڌي شخصيتون: قادر بخش ميمڻ

14 September, 2020

قادر بخش ميمڻ

قادر بخش ميمڻ

سگا هالا سان واسطو رکندڙ بي لوث محنت ڪندڙ رضاڪار جي زندگي ۽ ڪارڪردگي جو مختصر احوال...

خالد حسين چنا



هڪڙا ماڻهو هميشه ڪارڪن ٿئي ڪم ڪرڻ ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪندا آهن. اهي ليڊر ٿيڻ جي ڪوشش به نه ڪندا آهن ۽ ننڍن وڏن سان رلجي ملجي خير جو ڪم ڪندا آهن. جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ احترام پيدا ڪري وٺندا آهن. اهڙو ئي هڪ پيارو شخص سگا هالا شاخ سان تعلق رکندڙ محنتي ۽ محبتي محترم قادر بخش ميمڻ به آهي.


هن سان اسان جي اڪثر  ڪري عيد جي ٻئي ڏينهن تي هالا ۾ سگا جي سرواڻ ۽ محبوب شخصيت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي گهر ملاقات ٿيندي هئي ۽ ڪيئي دفعا  هن سان روشن تارا اسڪول ۾ وزٽ يا پروگرامن ۾ به ملاقات رهي آهي. ۲۰۱۵ع ۾ سگا جي مرڪزي اليڪشن ۽ ڪنوينشن دوران قادر بخش ميمڻ بلڪل متحرڪ نظر آيو. مهمانن جي خدمت ۽ ڪم ڪار سڀني سان ملڻو جلڻو نهايت پيارو ماڻهو قادر بخش پاڻ کي ائين رکندو پيو اچي ڄڻ   ته هو بلڪل به  پوڙهو نه هجي. روشن تارا سيڪريٽريٽ طرفان  ۲۰۱۴ ۽ ۲۰۱۵ع ۾ “اسان جو شاھ” جا سڄي سنڌ ۾ ڪلسٽر پروگرام ٿيا. دادو، ڪراچي، گهوٽڪي ۽ هالا ۾ لطيف شناسي تي زبردست پروگرام ٿيا. هالا جي خوبصورت هال ۾ شاندار ۽ يادگار پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ ۾ محترم محمد ابراهيم شيخ، پرنسپل، استادن ۽ سگا جي ساٿين سميت قادر بخش ميمڻ جون ۽ هن جي نياڻي جيڪا اسڪول ۾ استاد آهي محنتون شامل آهن.

جڏهن روشن تارا اسڪول کي بهتر ڪرڻ ۽ سگا شاخ هالا کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ۲۰۱۹ ع ۾ روشن تارا اسڪول هالا ۾ سگا شاخ هالا جو عام اجلاس سڏايو ويو هو جنهن ۾ ميمبرن کان علاوه سگا جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محترم جاويد احمد انڙ ۽ سيڪريٽري تعليم محترم عبدالحميد بلو ۽ مينيجر ايجوڪيشن سگا محترمه اشرف لاريب ۽ مينيجر ريسرچ محترمه پارس چنا شريڪ ٿيا. مان حيدرآباد مان  صبح نڪري رستي تي کيبر مان اعجاز شهوڪ کي کڻي اچي هالا پهتم. ڏسان ته سائين مراد ڳاهوٽي صاحب سان گڏ  محترم قادر بخش ويٺو هجي. گڏجاڻي سٺي رهي. سگا شاخ هالا کي بهتر ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ قادر بخش ميمڻ صاحب پنهنجي پاڻ تي هر ڪم ۽ ذميواري کڻڻ لاءِ تيار هو. هن جو سگا ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سان سالن جو عشق آهي. ماضيءَ جا واقعا ۽ قصا ٻڌائي هن سڄي گڏجاڻي کي گرمائي ڇڏيو. هن جوش ۾ اچي پاڻ کي ۽ پنهنجي ساٿين کي بهتر ڪم ڪار لاءِ چيو.

قادر بخش ميمڻ ۴ اپريل ۱۹۴۵ع تي هالا ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا جڏهن ته گريجوئيشن سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ پاڻ ماسٽرز جون ڊگريون اسلامڪ ڪلچر ۽ لائبريري سائنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. سندس جي تعليم وارو دور انتهائي ڏکيائين مان گذريو. ان دوران پاڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هيا ۽ پڙهائي مان بچندڙ وقت کان پوءِ سينيئر اسسٽنٽ لائبريرن جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري پڻ ڪندا رهيا. اهڙي ريت پاڻ ڪيريئر جي شروعات ۱۹۶۵ع کان ڪيائين.

۳۰ فيبروري ۱۹۷۶ع کان پاڻ سگا جا سرگرم بنيادي ميمبر رهيا آهن. سندن سماجي خدمتن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. ۱۹۸۵ع کان سگا طرفان مختلف اکين ۽ چمڙي جي ڪئمپ ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ پهرين جنوري ۱۹۹۳ کان روشن تارا اسڪول هالا جي ايڊمنسٽريٽر طور ذميواريون سنڀاليون. ۱۹۸۱ع ۾ روشن تارا اسڪول هالا جا وائيس چيئرمين رهيا. هن سگا طرفان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ به اسٽال لڳايا ۽ ڀرپور داد حاصل ڪيو.

سندس سماجي ڪمن ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي عيوض سگا مرڪز طرفان مختلف ايوارڊ جنهن ۾ حيدري ٽرافي ۽  “ڊاڪٽر ياسمين گولڊ ميڊل” ۽ روشن تارا اسڪول هالا طرفان ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيا اٿس. پاڻ روشن تارا اسڪول هالا جي پلاٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. قادر بخش ميمڻ هميشه ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪيائين. ڪيترا ئي پروگرام روشن تارا اسڪول طرفان شروع ڪيا ويا جنهن ۾ بالغن جي تعليم، آغا خان يونيورسٽي، اسرا يونيورسٽي طرفان ٻهراڙين ۾ پروگرام ڪرايا.

طالب الموليٰ لائبريري ۾ ٽي ڏهاڙا ادبي ڪانفرنس لڳي جنهن ۾ مختلف ڪتاب ۽ قرآن شريف  جيڪو سون جي پاڻي سان ٺهيل هيو رکيائين جنهن تي مظهر الحق صديقي هٿان سرٽيفيڪٽ ڏنو ويو. ان کان علاوه ٻهراڙين ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون جنهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ڪوششن سان هالا ۾ سماجي کيتر ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. پاڻ سگا جي هر ڪنوينشن ۽ سالگرهه ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪيائين.

قادر بخش ميمڻ هن وقت حقوق العباد ۽ حقوق الله جي پاسداري ڪندي پنهنجي زندگي جو وقت عبادت ۽ خدمت ۾ گذاري رهيو آهي. رب پاڪ کان دعا آھي ته ھو پنھنجي اهل عيال سميت هميشه صحت ۽ سلامتي سان هجي!  آمين

پهريون ڊرافٽ... ۲۰. ۰۷. ۲۰۲۰

No comments:

راءِ ڏيندا