عبدالڪريم سومرو
منهنجو سائين
اعظم ڀٽي
منهنجو هڪ استاد
چوندو آهي ته؛ ”فقط تدريسي علم حاصل ڪري، اوهان سماج ۾ سُٺا ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل
۽ پروفيشنل ماڻهو ته ٿي سگهو ٿا پر اهو ضرور ناهي ته تدريسي علم اوهان کي سُٺو انسان
به بڻائي! سُٺو انسان ٿيڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي ٻولي جي ادب ۽ ثقافت سان چاهه جو
جُزو پيدا ڪرڻو پوندو، ٻوليءَ سان محبت، ان جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت جي پروڙ ئي
اوهان کي بهترين انسان بڻجڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.“
تدريسي حوالي سان ڀلي
کڻي مون کي ڪا خاطر خواهه ڪاميابي نصيب نه ٿي هُجي پر ٻوليءَ جي حوالي سان، علم ۽
ادب جي حوالي سان، حُب الوطني جي لحاظ کان منهنجي رهنمائي، رهبري ۽ تربيت واري سفر
جي شروعات مڊل جي تعليم پرائڻ دوران منهنجي سائين عبدالڪريم سومرو جي گُفتار سان ٿي.
جنهن هميشه نه رڳو ڪلاس رُوم ۾ پر ڪلاس کان ٻاهر به ٻولي سان محبت، وطن سان محبت،
ادب ۽ ثقافت سان چاهه پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ لطيف شناسي جو نه رڳو درس ڏنو. بلڪ هميشه
اُتساهيندو رهيو.
سنڌو درياهه جي ڪنڌي
تي آباد شهر ملاڪاتيار (ٽنڊو محمد خان) ۾ رهائش پذي،ر منهنجو سائين عبدالڪريم سومرو،
ڪنهن به هٺ، وڏائي، غُرور ۽ تڪبر کان مٿانهون ٿي ڪري، پنهنجي مزاج ۾ سادگيءَ جو
مجسمو بڻيل رهيو آهي. سائين پنهنجي مضمون جي حوالي سان ليڪچر ڏيڻ، فنِ تقرير ۽ ڪمپيئرنگ
جو بي تاج بادشاهه، پنهنجي ٻولي، علم، ادب، ثقافت، جاگرافي سميت شاهه لطيف جو
بهترين پارکو، شارح، اهل علم ۽ اهل دانش شخص آهي. جنهن جي ڇپر ڇانوَ ۾ مون جهڙن
سوين گمنام شاگردن، علم جا ڪي محدود ۽ مثبت ڪڻا ضرور حاصل ڪيا. رمضان ميموريل مڊل
اسڪول کان وٺي دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان تائين، سندس شخصيت ۽ منفرد
استاد واري حيثيت اڄ به منهنجي ذهن جي اسڪرين تي چوڏهين جي چنڊ جيان بلڪل صاف ۽ چِٽي
بيٺل آهي.
تدريسي عمل کان هٽي
ڪري مون کي هن ۾ هڪ بهترين اديب ۽ دانشور نظر ايندو آهي، جنهن وٽ هر وقت پنهنجي ٻولي،
علم، ادب ۽ ثقافت جو اونو رهي ٿو. شاهه لطيف جو بيت سمجهائڻ وارو سندس انداز، ماءُ
جي لولي جهڙو سُڪون ارپيندو رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هو شاهه لطيف جي فقيرن، تمر فقير،
مدن فقير، وڳند فقير جو هُوبهو عڪس بڻجي سامهون ايندو آهي ته ڪڏهن هو سنڌ جي شعله
بيان مقررن جيان فنِ تقرير جو ماهر لڳندو آهي. انهن ٻنهي حيثيتن کان هٽي ڪري
منهنجو سائين مون کي هڪڙو بهترين ڪمپيئر، هڪڙو مايه ناز ميزبان باسندو آهي، جيڪو
اسٽيج ۽ پنڊال کي منظم انداز ۾، هڪ عجيب ڇِڪ، ڪشش ۽ تجسس سان منظرنگاريءَ جا جلوا
پيو پسائيندو آهي. سندس شاندار ڪمپيئرنگ جا رنگ پسي ئي مون کي به اهڙي قسم جي ڪمپيئرنگ
ڪرڻ جو شوق، اُتساهه ۽ جذبو مليو. عجيب اتفاق اهو آهي ته مون کي پنهنجي هن استاد
سان گڏ مخمور مهيري جي ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ گڏجي ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو پهريون ۽
آخري موقعو نصيب ٿيو. يقين ڄاڻو ته اهو لمحو منهنجي لاءِ ڪنهن سعادت کان گهٽ نه
هو، ڪٿي زمين ۽ ڪٿي آسمان! آئون بس زمين تي هلندڙ ڦرندڙ ڪنهن جاندار جيان، آسمان تي
چمڪندڙ چنڊ ڏي محبوبي نظرن سان گُهوريندو رهيس ته ڪاش آئون به هن پنهنجي عظيم
استاد جو پرتوو بڻجي پوان.
عبدالڪريم سومرو پنهنجي
علمي ڪِرت سان توڙ نڀائي چڪو آهي، جيڪا ڪِرت کيس قدرت لاتعداد خُوبين سان گڏ عطا ڪئي.
هو گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ علم جو درياهه بڻجي، ڪيترن ئي پياسن
وجودن کي سيراب ڪري زندگي جا سٺ سال پورا ڪري، نوڪري تان رٽائر ٿي ويو. پر علمي ۽
ادبي محفل جي دعوت جتي به ملندي اٿس، وڏي اُڪير سان ڪهي ايندو آهي. انتهائي پيار،
محبت ۽ شفقت واري انداز ۾ گفتگو جا گُل ورهائيندو رهندو آهي. شال سندس اها جاکوڙ سڦلتا
جو ڪو دڳ ماڻي، سُڪون سدائين سندس ڳولائو رهي.
انسان کي دنيا ۾ آڻڻ
جو اعزاز جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ وٽ آهي ته انهيءَ انسان کي آسمان جي بلندين تي جيڪا
هستي پهچائيندي آهي، اها هستي صرف استاد آهي. بيهي کيس سلام ڪيو ۽ ادب سان ملو ۽
ان جي ڪري ئي آريائي سلطنت ۾ گنڌار سلطنت جي فن تعمير، سنسڪرت زبان جي تخليقڪارن ۽
شلوار قميض ٺاهڻ جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا، اسلامي تاريخ ڏسو ته حضرت علي عليه السلام ڇا
خوب فرمايو ته ”مان ان جو غلام آهيان جنهن مون کي هڪ لفظ به سکاريو.“ ان ئي هستيءَ
بابت پاڪستان جي معروف دانشور اشفاق احمد لکي ٿو ته؛ ”روم (اٽلي) ۾ منهنجو ٽريفڪ
چالان ٿيو، مصروفيت جي ڪري فيس وقت سر ادا نه ڪرڻ ڪري ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو پيو. جج جي
سامهون پيش ٿيس ته ان سبب پڇيو. مون جج کي چيو ته؛ مان هڪ پروفيسر آهيان ۽ مصروف
اهڙو رهيس جو وقت ئي نه مليو. ان کان پهرين جو مان ڳالهه پوري ڪريان جج چيو ته؛ (A teacher is in the court!) ۽ سڀ اٿي
بيهي رهيا ۽ مون کان معافي وٺي، چالان رد ڪري ڇڏيو. ان ڏهاڙي مون ان قوم جي ترقي
جو راز ڄاڻي ورتو.“
علامه اقبال کي جڏهن شمس العلماءِ جو خطاب ڏنو پئي ويو ته هن ان اعزاز جو شرف به پنهنجي استاد کي ڏنو. اسان جي قومي هيروز به استاد جي ايتري قدر عزت ڪندا هئا پر اڄ جي ان تيز رفتار دور ۾ استاد جو مقام ڪٿي گم ٿي ويو آهي، تاريخ ۾ استادن کي پنهنجي معاشري جي سڀ کان وڌيڪ قابل احترام شخصيت جي وچ ۾ رکيو ويو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا