; سنڌي شخصيتون: سائين الهورايو قريشي

12 September, 2020

سائين الهورايو قريشي

سائين الهورايو قريشي

خالد حسين چنا

خيال ۽ يادون به جهرڪيءَ وانگي ٽپ ڏئي ڪڏهن ڪنهن ٽاريءَ تي ٿا ويهن ته ڪڏهن آزاد اُٽار ۾ دنيا جا لقاءَ پسائين ٿا. اوچتو ماضي بعيد جو هڪ منظر سامهون مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب تي نظر پوڻ سان ذهن ۾ تري آيو، جيڪو مون کي شاگردي واري دور ۾ محترم سائين مرحوم الهورايو قريشيءَ پنهنجي صحيءَ سان شاهه عبداللطيف جا شعر پڙهڻ کانپوءِ بطور انعام ڏنو هو. ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، زندگيءَ جا پل ۽ پهر، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال ائين گذري ويا خبر ئي ڪا نه پئي. خير ايتري پراڻي ڳالهه به ڪونهي جڏهن سنڌ ۾ ماڻهو واچون ۽ گهڙيال نه هئڻ ڪري سج جا پاڇا ڏسي وقت جو اندازو لڳائيندا هئا پر يقينن شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۽ ٽرين کي روزانو هلندي ڏٺو. اسان پنهنجو هاءِ اسڪول جي شاگردي وارو دور ياد ڪندي پنهنجن عظيم استادن کي اڄ به خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.


انهن عظيم استادن منجهان سائين الهواريو قريشي به هڪ آهي. هو ۲۱ اپريل ۱۹۳۷ع ۾ شهدادڪوٽ شهر جي جڙيل شاهه محلي ۾ پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم شهدادڪوٽ مان حاصل ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ايم اي اڪانامڪس ۾ پاس ڪيائون، پوءِ وري ايم اي سنڌي به ڪيائين، گورنمينٽ پرو نشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۾ استاد طور ڪيئي سال پڙهايائين، ڪيترا ئي شاگرد اڄ به مختلف اعليٰ عهدن تي ملڪ ۽ قوم جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سائين الهواريو قريشي سنڌي ٻولي ۽ رياضي ۾ مهارت رکندو هو. هو ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ اُن بابت تمام گهڻي ڄاڻ هوندي هيس. سائين الهورايو قريشي انهن استادن مان هڪ هو جن جو نه صرف  لکڻ پڙهڻ سان شوق هوندو هو پر اهي ٻين کي مختلف ڪتاب پڙهڻ لاءِ همٿائيندا به هئا.

سائين الهورايو قريشي شايد دنيا جي ڏاهي ماڻهو البرٽ آئن اسٽائن جي فلسفي کي سمجهي ورتو هو تنهنڪري  هن جي عملي زندگي ۾ ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو نمايان نظر اچي ٿو. البرٽ آئن اسٽائن پنهنجي جڳ مشهور مضمون “دنيا منهنجي نظر ۾” لکي ٿو ته اسان ڀلي ڪيترا به ڪتاب پڙهون، ڪيترو به اونهو مطالعو ڪيون پر پوءِ به ان نتيجي تي پهچنداسون ته اسان جي زندگي جو مقصد  صرف ۽ صرف ٻين ڪاڻ جيئڻ آهي.

سائين الهورايو قريشي طبيعت ۾ عوامي ۽ ملنسار هوندو هو. ماڻهن جي ڳالهه غور سان ٻڌندو هو. شاگردن جي والدين سان محبت سان پيش ايندو هو. ڀلي کڻي سائين الهورائي قريشي صاحب فلسفي جا اونها ڪتاب نه به پڙهيا هجن، پوءِ به هن جي زندگي نهايت سادي هوندي هئي. هو شهر جي رهاڪن مان ڪيترن ئي نسلن کي پڙهائيندڙ باڪردار ۽ مثالي استاد هو. جنهن ڪڏهن به استاد هجڻ واري اعزاز ۽ رتبي جي برعڪس ڪم ڪيو هجي. سائين الهورايو قريشي آنڌي هجي يا مانجهي، سردي هجي يا گرمي، پيرين پنڌ گهر کان هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ وقت کان اڳ پهچڻ ۽ دير تائين ويهڻ زندگيءَ جو معمول هوندو هو. سائين الهورايو قريشي بخيل طبيعت جو بلڪل نه هو ۽ اڪثر طور تي دوست ۽ والدين سان ڪچهري ڪندي، چانهه پيئندي زندگي جو مزو وٺندو هو. اسان کي ياد آهي انهن ڏينهن ۾اسڪول ۾ راندين جو هفتو ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو هو. ملهه کان وٺي هر راند جا ڪيترا ئي مقابلا ٿيندا هئا ۽ آخر ۾هڪ اسٽيج ڊرامو ڀرپور طريقي سان ٿيندو هو.

سائين الهورايو قريشي سگا شهدادڪوٽ شاخ جي باني ميمبرن مان هو. جڏهن محترم سائين اشرف کهاوڙ صاحب سگا شهدادڪوٽ شاخ کي کولڻ لاءِ ۱۹۷۸ع ۾ ڪنوينر بڻجي آيو ته سائين الهورايو قريشي، سائين نظام الدين سومرو، استاد محمد حسن پٺاڻ، سائين محمد اسلم شيخ ۽ ٻين ساٿين گڏجي ڪري سگا برانچ قائم ڪئي. سائين الهورايو قريشي ۱۹۷۸ع يعني شروع کان وٺي سگا شهدادڪوٽ شاخ جو صدر رهيو. هو ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۶ع تائين مسلسل صدر رهيو ۽ پنهنجي  صدارت واري دور ۾ڪيترا ئي سماجي ڪم سرانجام ڏنا، ڪيتريون ئي صحت جو ڪئمپون ۽ علمي ادبي پروگرام ڪرايا. سگا مرڪز جي ڪنويشن ۽ سالگرهه جي پروگرامن ۾شرڪت ڪئي. شهدادڪوٽ شهر لاءِ بوائز ۽ گرلس ڪاليج جي قيام ۾بهترين ڪردار ادا ڪيو. رات جو شاهي بازار ۾نظاميه نائيٽ اسڪول پنهنجي سگا ساٿين سان گڏجي ڪيترا ئي سال هلايو، جتان ڪيترا ئي شاگرد بنيادي تعليم حاصل ڪري ڪامياب زندگيءَ گذارڻ لڳا.

سگا شهدادڪوٽ شاخ سان شروع کان سلهاڙيل محترم محمد اسلم شيخ پنهنجي ڪتاب يادن جي خوشبو ۾ سائين الهورايو بابت لکي ٿو ته؛ “هو شهدادڪوٽ جي قابل احترام استادن مان هڪ هيو کيس ادب، تاريخ، فلسفي، سياست ۽ ڪرڪيٽ تي عبور حاصل هيو. تاريخي مثال ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيندو هيو. مسٽر الهورايو مطالعي جو شوقين هيو، بحث مباحثن ڪري ڳالهين کي مڃائيندو هيو.”

۱۰ مئي ۱۹۸۵ع تي سگا جو نائون ساليانو ڪنوينشن هاليڊي ان ڪراچي ۾ ٿيو جنهن ۾ سائين الهورايو قريشي کي بهترين ڪارڪردگي عيوض سگا جو نشان ۽ سند ڏني وئي. ياد رهي ته هي اهو زمانو هو جڏهن ضياالحق طرفان سگا تي سرڪاري نوڪري وارو ماڻهو جو ميمبر ٿيڻ تي پابندي لڳل هئي پر سائين الهورايو قريشي مسلسل سگا شاخ جو صدر رهيو ۽ سماجي ڪم ڪندو رهيو. اهو هن جو نه صرف قوم سان محبت ۽ سچائيءَ جو اعليٰ مثال آهي پر هڪ وڏي بهادري پڻ آهي ڇو ته سگا مرڪز کان وٺي مختلف شاخن جا ڪافي نالي وارا ۽ سرگرم ساٿي سگا کان ضياءُ الحق جي بين کانپوءِ پاسيرا ٿي ويا هئا پر هي مرد مجاهد پنهنجي تر جي ماڻهن لاءِ سماجي ۽ علمي ڪم ڪندو رهيو.

سائين الهواريو قريشي هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ جو بهترين هيڊ ماستر رهيو. ان جي دور ۾ڪيترا ئي پروگرام ٿيا ۽ تعليم جو معيار بهتر ٿيو. هو هاءِ اسڪول اعتبار خان چانڊيو ۽ پوءِ هاءِ اسڪول چاڪياڻي ۾ پڻ هيڊ ماستر ٿي رهيو. هن جي خدمت علائقي ۾اڄ به ياد ڪئي وڃي ٿي.

سائين الهواريو قريشي ۱۳ جون ۱۹۹۸ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، هن کي چار پٽ ۽ چار نياڻين جي اولاد آهي، وڏو پٽ غلام نبي (قمر)، عبدالرحمنٰ (بدر)، پروفيسر محمد ظفر ۽ صدر الدين قريشي بحيثيت استاد جي علم جي روشني ڦهلائي رهيا آهن.

مددي ڪتاب ۽ ماڻهو

۱. سگا سهائي... سهيڙيندڙ: اشارت حسين ميمڻ

۲. يادن جي خوشبو.. محمد اسلم شيخ شهدادڪوٽي

۳. صدرالدين قريشي صاحب

No comments:

راءِ ڏيندا