; سنڌي شخصيتون: صنم ناز جوڻيجو

14 September, 2020

صنم ناز جوڻيجو

صنم ناز جوڻيجو

ننڍڙي ڳوٺ اميد علي جوڻيجو کان نڪري سڄي سنڌ جي عورتن جي حقن لاءِ ڪوششون ڪندڙ جي زندگي ۽ ڪارڪردگي جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



اهو به عجيب وقت هو جو مون پنهنجن دوستن عبدالجبار جوڻيجو ۽ فدا حسين جوڻيجو  کي چيو ته ادي صنم کي سگا  جي مرڪزي اليڪشن ۾ فارم ڀرايون. انهن  دليون پئي هنيون نيٺ چيائون ته اچو ته بابي کان اجازت ٿا وٺون. انهن سان ويٺي  وڏن کان موڪل وٺڻ لاءِ پئي هڪ ٻئي کي ٺوٺيون هيون سي ته ڳالھ ڪيئن ڪڍون پر الله جا ڪرم جو اجازت ملي وئي ته هوءَ اوهان سان گڏ ڀلي سماجي ڪم ڪري. يقينن اهو هڪ وڏو فيصلو هو. ڇو ته انهن کي ڳوٺ جي نياڻي راڄ ڀاڳ واري جي اعلي تعليم پرائڻ ۽ سماجي ڪم ڪرڻ ڪري مائٽن عزيزن، رسم رواج ۽ ٻيا انيڪ مسئلا پئي سجهيا. اهو سڀ ڪجهه انهن لاءِ بلڪل نئون هو. پر ادي صنم کي پنهنجي امڙ ۽ والد جو ساٿ هو ۽ وڏن جو اعتماد هو جو هوءَ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪراچي اسلام آباد وغيره جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري سگهي. ڪڏهن رات ته ڪڏهن ڏينهن، ڪڏهن سردي ته ڪڏهن گرمي پر سگا جي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ ڪوشش ڪري پهچي پئي. ادي صنم جوڻيجو پر اعتماد طريقي سان ۽ ڪاميابي سان تعليم ۽ سماجي ڪم گڏوگڏ برقرار رکندي پئي اچي. هن لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئون ۽ چئيليجنگ آهي. جيئن جيئن ڏاهپ ۽ ڄاڻ وڌي پئي تيئن تيئن سور وڌڻ ٿا ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان اڪير وڌي ٿي ۽ انهن لاءِ شعوري طور ڪم ڪرڻ جي به سگهه وڌي ٿئي. هوءَ رب پاڪ کان هر دم دعا گهرندي اڳتي وڌندي رهي ٿي.


جانِبَ! تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعُورَ سين،

مُون تي ڪَرِ، مُنهنجا پِرِين! توهُ تُسِي تيڏو،

اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئَن نَوازِينِم نِگاهَ سين.

صنم ناز جوڻيجو ۲۷ فيبروري ۱۹۹۲ ڳوٺ اميد علي جوڻيجو ۾ جنم ورتو پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي جتي سندن رهنمائي بهترين استادن ڪئي جن ۾ سر سيف الله سومرو هميشه تمام گھڻي حوصلا افزائي ڪئي بعد ۾ انٽر پري ميڊيڪل گورنميٽ گرلس ڪاليج شهدادڪوٽ مان A۱ گريڊ ۾ حاصل ڪئي هر ٻار جي خواهش جيئان ادي جي پڻ ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواهش هئي جنهن لاء هن ۲۰۱۰ ۾ انٽري ٽيسٽ پڻ ڏني پر سندس نصيب ۾ استادي پيشو لکيل هو سنڌ يونيورسٽي مان ۲۰۱۴ ۾ ايم ايس سي باٽني ۾ ڪيائين ان سان گڏ ۲۰۱۷ ۾ ساڳيئي يونيورسٽي مان پڻ ايم فل به ڪيائين ۲۰۱۴ ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪري پرائمري ٽيچر ٿئي. ادي صنم کي پنهنجي ڳوٺ مان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪندڙ پهرين ڇوڪري هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.

ادي صنم ناز جوڻيجو ۲۰۱۲  ۾ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي ميمبرشپ حاصل ڪئي ۲۰۱۵ کان ۲۰۱۸ تائين سي اي سي جي ميمبر رهي انهي دوران هن شهدادڪوٽ ۾ ڪيترا ئي پروگرام ڪرايا جنهن ۾ ۰۸ مارچ ۲۰۱۶ ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام ۾ آبي اي کان پاس ٿيل شهدادڪوٽ جي هيڊ مسٽريس کي مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو مختلف اسڪولن خصوصن ڳوٺن ۾ وڃي آدمشماري جي جاڳرتا مهم تحت ليڪچر ڏنا. صحت جي حوالي سان پوليو بابت جاڳرتا مهم پڻ هلائي. صنم ناز اکين جي ڪيمپ ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي ٿي. ۲۰۱۷ ۾ روشن تارا اسڪولن ۾ سگا مرڪز پاران ڪنوينر مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ ۾ روشن تارا اسڪول پڻ وزٽ ڪيا. ادي محلي جي غريب ٻارڙن کي مفت ٽيوشن ڏئي رهي آهي سندس ڪارڪردگي جي ڪري ۲۰۱۷ ۾ سگا مرڪز طرفان مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. ۲۰۱۸ جي مرڪزي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيائين ۽ هينئر سيڪريٽري وومن ڊولپمينٽ جي زميواري تي فائز آهي. ۰۸ مارچ۲۰۱۸ تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي برانچن ۾ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ عورتن ۾ شيلڊ ڏنا ويا جنهن جي صدارت چئرمين سگا مرڪز محترم رفيق احمد جعفري ۽ خاص مهمانن ۾ سگا جو سيڪريٽري جنرل خالد حسين چنا ۽ ايڊوڪيٽ ڪلپناديوي هئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن پڻ شرڪت ڪئي. ان پروگرام ڪرائڻ سان عورتن جي حوصلا افزائي ٿئي.

سگا شهدادڪوٽ شاخ پاران شاه جي شاعري ۾ عورت جي مقام پروگرام ۾ حصو ورتائين تقريب ۾ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ۽ پروفيسر عبدالرشيد خانواهي شاه جو اپٽاھ پيش ڪيو. ۱۴ آگسٽ ۲۰۱۹ع تي روشن تارا اسڪول سيوهڻ طرفان آزادي جو ڏينهن ملهايو ويو جنهن ۾ ادي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان جي لاء نعمت آهي اسان کي پنهجي ملڪ جو قدر ڪرڻ گهرجي. استادن جي عالمي ڏينهن تي مرڪز طرفان حيدرآباد ۾ پروگرام منعقد ٿيو جنهن ۾ ادي پڻ شرڪت ڪئي. سگا جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو نمايان سنڌ ليول تي روشن تارا ٻالڪ ميلو سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ لڳائڻ ۾ مدد ڪيائين.

ادي صنم شهدادڪوٽ جي عورتن لاء هڪ رول ماڊل رکي ٿي. هوءَ وک وک سوچي سمجهي کڻي ٿي پر بهترين طريقي سان ان کي نڀائي ٿي. الله پاڪ کيس اڃان به وڌيڪ ڪاميابي عطا فرمائي. آمين

پهريون ڊرافٽ..... ۲۳. ۰۷. ۲۰۲۰

1 comment: