; سنڌي شخصيتون: ناصر مراد قريشي

09 September, 2020

ناصر مراد قريشي

ناصر مراد قريشي



ناصر مراد ولد مراد علي نور قريشي، ۲۸ فيبروري ۱۹۶۷ تي جيڪب آباد جي مذهبي گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد مراد علي نور صاحب، ملڪ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب ھو.

ناصر مراد پرائمري تعليم، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پوليس ھيڊڪوارٽر مان، ۱۹۷۷ ۾ جڏهن ته ميٽرڪ ۱۹۸۲ ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جيڪب آباد مان ڪئي. جنهن دوران سندس رھنمائي استاد وزير احمد سرڪي ۽ استاد نثار احمد سومرو (جيڪي بعد ۾ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيا) جن ڪئي. ان علاوه انٽرميڊيئيٽ ۱۹۸۴ ۽ بي ايس سي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ۱۹۸۷ ۾ ڪئي. جتي وري کيس پروفيسر لياقت علي پٺاڻ، پروفيسر غلام نبي سڌايو ۽ پروفيسر يونس قريشي جي شفقت ۽ رھنمائي رھيس. ماسٽر ڊگري ڪئمسٽري جھڙي ڏکئي سبجيڪٽ ۾ ۱۹۹۱ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي مان پاس ڪري ٿرڊ پرزيشن حاصل ڪئي.


ناصر مراد ڪيترن ئي تقريري مقابلن جو حصو رھيو ۽ ايوارڊ پڻ ماڻيا. پاڻ ھڪ سٺو اسپورٽس مين ھو ۽ ڪرڪيٽ ھاڪي ۽ فٽبال جو ڀلوڙ رانديگر رھي چڪو آهي. کيس ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئيشن جيڪب آباد پاران آل پاڪستان فٽبال ٽورنامينٽ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.

جئين ته سندس تعلق مذھبي گھراڻي سان ھجڻ سبب، ناصر مراد دين جي خدمت ۾ به پيش پيش رھيو آهي. سنڌ ھارس اينڊ ڪيٽل شو ۾ نوجوانن کي دين ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ مذھبي اسٽال لڳائيندو رھيو آهي. سندس گھريلو ماحول مذھبي ھجڻ سان گڏوگڏ ادبي پڻ ھو. جنهن سبب پاڻ پنهنجي والد مراد علي نور کان علاوه غالب سنڌ فيض بخشا پوري، عبدالڪريم گدائي، ارشاد احمد شڪيب ۽ قطب الدين تاب جھڙن اديبن جي صحبت ۾ رھي، ادبي سکيا ورتي.

ناصر مراد سنڌ ھارس اينڊ ڪيٽل شو جي مشاعرھ ڪميٽي، نعت ڪميٽي ۽ سگھڙ ڪميٽي  جو ميمبر پڻ رھي چڪو آهي. پنهنجي شاگردي واري دور کان کيس لکڻ جو وڏو شوق ھوندو ھو جو سندس ان دور جا لکيل آرٽيڪل مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجندا رھيا آهن. صحافتي شعبي ۾ نظر عباس بخاري، علي شير آفريدي، تھذيب الاسلام رضوي، عمر بابو ڀائي، ممتاز مڱريو ۽ فتاح عابد جھڙين صحافين جي رھنمائي حاصل ھئي.

ناصر مراد، سال ۱۹۹۲ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج مستونگ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. جنهن دوران ھن ۲۰۰۵ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ۲۰۱۲ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ماڻي، پروموشن حاصل ڪيو. سال ۲۰۰۸ ڌاري، بلوچستان ۾ ٽن ٻين ڪيڊٽ ڪاليجز جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جعفرآباد، ڪيڊٽ ڪاليج پشين ۽ ڪيڊٽ  ڪاليج  قلعه سيف الله شامل آهن.

پاڻ بلوچستان بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪوئٽا جو پيپر سيٽر ۽ ھيڊ آف ايگزامس پڻ رھي چڪو آهي. ان کان علاوه ھو ڪيڊٽ ڪاليج مستونگ جي تراني جو خالق آهي. پاڻ ۲۰۰۵ کان ڪيڊٽ ڪاليج مستونگ کان جاري ٿيندڙ ميگزين جو ايڊيٽر پڻ آهي.

ناصر مراد، تعليمي ميدان ۾ غير معمولي ڪاميابيون حاصل ڪندڙ شاگردن کان انٽرويو ڪيا، جيڪي روزاني جنگ ڪوئٽا ۽ روزاني مشرق ڪوئٽا ۾ ڪافي عرصي تائين ڇپجندا رھيا.

ناصر مراد جا انگريزيءَ ۾ لکيل فل پيج آرٽيڪل، روزاني انگريزي اخبارن بلوچستان ٽائمز ۽ بلوچستان ايڪسپريس ۾ ڇپجندا رھيا آهن. ان کان علاوه سندس اردو لکڻيون، ملڪ جي تمام اردو اخبارن جي زينت بڻجنديون رھيون آهن. پي ٽي وي ڪوئٽا سينٽر لاءِ اردو ۽ براھوي ٻولين ۾ ڪاليج جي ڊاڪيومينٽريز ٺھرائڻ، ناصر مراد جو وڏو ھٿ ھو. نه فقط ايترو پر خيبر نيوز لاءِ پشتو وش نيوز لاءِ بلوچي ريڊيو پاڪستان لاءِ اردوءَ ۾ ڊاڪيومينٽريز پڻ ٺھرايون.

سنڌ جو ھيءُ سپوت ۲۰ سالن تائين ڪيڊٽ ڪاليج مستونگ جي فٽبال ٽيم جو ڪوچ پڻ رھيو آهي. ان دوران سندس ٽيم ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ ڪيڊٽ ڪاليج اسٽيل مل ڪراچي جي ٽيمن کي شڪست ڏني آهي.

ناصر مراد، پنهنجي شاگردن کي تقريري مقابلن لاء پڻ اتساھيندو رھيو آهي ۽ سندس شاگرد صادق پبلڪ اسڪول بھاولپور، ملٽري ڪاليج جھلم، پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي رسالپور سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ڪاليجن جي تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ انھن مقابلن مان ڪيترن ۾ ڪاميابيون پڻ حاصل ڪيائون.

سال ۲۰۱۶ ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ذريعي، ڪيڊٽ ڪاليجز بلوچستان جي اسٽاف مان پھرين پرنسپال سيلڪٽ ٿيڻ جو اعزاز پڻ ناصر مراد کي ئي حاصل آهي. بلوچستان ۾ معياري تعليم جي قيام لاءِ تمام گھڻيون محنتون ڪيون. کيس ڪيڊٽ ڪاليج ڪوھلو جيڪو بلوچستان جي پٺ تي علائقن مان ھڪ آھي، جي قيام جو جڏهن چيو ويو ته اھو ڪم پڻ بخير و خوبي سرانجام ڏنائين ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڪوھلو ۾ ٻه سال پرنسپال رھڻ کانپوءِ، سال ۲۰۱۸ ۾ پنهنجون خدمتون ڪيڊٽ ڪاليج مستونگ حوالي ڪيون. جتي اڄ به ھو ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ انٽر ميڊيئيٽ ڪلاسز طور ڪم ڪري رھيو آهي.

 

(جييڪب آباد وال آف فيم، فيسبڪ پيج تان کنيل، ۰۹ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي)

No comments:

راءِ ڏيندا