; سنڌي شخصيتون: حميره نور

09 September, 2020

حميره نور

حميره نور

همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندڙ شاعره ۽ اديبه

علي محمد درد سولنگي



حميره نور، جنهن پنهنجي لکڻ جي شروعات، حميره شمس شيخ جي نالي سان ۲۷ مئي ۱۹۹۱ع ۾ ڪئي، سندس باقاعده ڪو به استاد نه آهي، نه ئي هن ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي شروعات ڪئي. هي سڀ قدرتي ۽ %۱۰۰ سؤ سيڪڙو حادثاتي واقعو هيو. شاعري ڪرڻ کان اڳ هن کي/حميره کي شاعريءَ کان سخت چڙ هئي. جڏهن سيپٽمبر ۱۹۹۱ع ۾ روزاني ”پڪار“ ڪراڇيءَ ۾ حميره جي پهرين تخليق ڇپي ته سندس رشتيدارن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن جا رويا ۽ رايا انتهائي خراب هيا. ڪن ته ايترو به چيو ته؛ ”حميره عشق ۾ ناڪام ٿي آهي. تڏهن شاعري شروع ڪئي اٿس/تڏهن شاعري پئي ڪري.“ ايتري تائين جو سندس والد به سندس شاعريءَ واري عمل جي پهريان مخالفت ڪئي. ليڪن حميره لکڻ جو عمل جاري رکيو ۽ آخرڪار سندس والد به سندس همت افزائي ڪرڻ شروع ڪئي، حميره شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون ۽ ڪالم به لکيا آهن.


۱۹۹۱ع کان مسلسل ڪيترا ئي سال سندس تخليقون حميره شمس شيخ جي نالي سان اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون ۽ پوءِ ۱۹۹۹ع کان هوءَ حميره شمس شيخ بدران حميره نور جي نالي سان لکڻ لڳي. حميره شمس کان حميره نور ٿيڻ لاءِ، هن ڪيترو ڀوڳيو هوندو، ڪيترو وڃايو، ڪيترو حاصل ڪيو يا ان عمل پويان ڪهڙي ڪهاڻي يا ڪهڙو محرڪ آهي، اها ته انهيءَ کي/حميره کي خبر. پر اها حقيقت آهي ته اڄ به حميره نور کان وڌيڪ کيس حميره شمس شيخ جي نالي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

حميره نور جي شاعري، ڪالم ۽ ڪهاڻيون عبرت مئگزين، ڪاوش، سنڌو، بختاور، سرتيون، سارس، سنڌ سجاڳ، خادم وطن، پڪار، جاڳو، هلال پاڪستان، عوامي آواز، فئملي مئگزين، سنڏ ايڪسپريس، سارنگا، پرھ، ادب، ڪينجھر ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون رهيون آهن ۽ ڇپبيون رهن ٿيون. حميره ۲۵ کن ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪي سڀ جو سڀ ڇپيل اٿس. حميره غزل، نظم ۽ آزاد نظم جي شاعره آهي. سندس شاعري هر طرح کان سگھاري آهي. حميره جو چوڻ آهي ته؛ ”شاعري ٿورن لفظن ۾ پنهنجن احساسن جي اظهارڻ جو نانءُ آهي.“ سندس سوچ، سندس موضوع، سندس ڏک درد، سندس ئي نه پر هن معاشري جا موضوع ۽ ڏک درد آهن. ظلم، زيادتيون، ڏک، سور (پنهنجا توڙي پراوا) کيس لکڻ لاءِ اتساهيندا/مجبور ڪندا آهن.

حميره نور جي شاعريءَ ۾ عورت جي درد جي ڪٿا آهي. جيئن سندس هي آزاد نظم؛

 * ا ک ر ن

تنهنجي منهنجي

پريم ڪھاڻي

چئن

”اکرن“

تي مشتمل هئي،

جنهن مان

پھريان ٻه اکر

مون وٽ

۽

پويان ٻه اکر

تو وٽ رھيا،

مطلب

 ” اک “ مون وٽ رھي

۽

” رن “ تو وٽ رھي

ڪھاڻي ختم.

.................

* ڏاهي ۽ ڇري

الله

ڏاهي م ٿيان

ڏاھيون ڏک ڏسن!

پر !

مون ته

مون چريءَ کريءَ

هوندي به ڏک ڏٺا!

معنيٰ ته

ڏاهي ۽ چريءَ جي

مقدر ۾

ڪو به فرق ڪونھي.

..........

 * دلجاءِ ڪر

او ميان!

تون صرف

ڪوڙ ڳالھائڻ

بند ڪر ته

منهنجو سچ

پاڻ ئي پاڻ

ماٺ ڪري

ويهي رهندو!

دلجاءِ ڪر.

حميره جو چوڻ آهي ته خوشي ۽ سکن جي پڄاڻيءَ کي درد چئبو آهي.

 درد جي

زبان ڪونھي

نه ته

سڀ کان وڌيڪ

رريون

ڪوڪون

دانھون

آهون

پٽ پاراتا

هن جا ئي

ٻڌڻ ۾ اچن ها

عدالتن ٻاهران.

.......................

حميره نور جا چار ڪتاب 

۱. درد جي خوشبوءِ (۲۰۰۴ع)

۲. ذائفان ذات (۲۰۰۶ع)

۳. تون ۽ مان (۲۰۱۱ع)

۴. گونگيون زندگيون (۲۰۱۹ع) ۾ ڇپجي چڪا آهن.

ايم اي سوشيالاجي، ٽريننگ ڪوآرڊينيٽر حميره، ۲۱ آڪٽوبر تي پنو عاقل ضلع سکر ۾ شمس الدين شيخ جي گھر ۾ جنم ورتو. حميره طبيعتن نرم مزاج آهي. هن ۾ برداشت به تمام گھڻي آهي. پر کيس ڪوڙ، سامھون ڪوڙ ۽ بي حيائيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي. حميره، سارنگا ۽ ڪجھ ٻين سماجي تنظيمن سان پڻ وابسته آهي.

حميره کي مڃتا طور ۲۰۰۶ع، ۲۰۱۰ع ۽ ۲۰۱۱ع ۾ (ٽي ڀيرا) APNS ايوارڊ، هڪ گولڊ ميڊل، SAU ٽنڊو ڄام ۽ مختلف ادارن پاران ڏھ (۱۰) کن شيلڊون مليل آهن.

حميره جو چوڻ آهي ته؛ ”عورت، ڪائنات جي خوبصورت تخليق آهي. اڄ جي عورت، حصن ۾ ورهائجي ويئي آهي. هر ڪا، پنهنجي پنهنجي حالتن موجب ڦاٿل ۽ حالتن مان نڪرڻ جي جدوجھد ۾ مصروف آهي. ڇو ته هتي ڪو گڏيل پليٽ فارم ته آهي ئي ڪو نه، جتي گڏجي عملي ڪم ڪجن. جڏھن ته ملازمت پيشه عورت گھڻو ڪري مجبوريءَ جي حالت ۾ جاب ڪري پئي. ان عورت جو الميو اهو آهي ته هوءَ هڪ ئي وقت جاب، گھر ۽ ٻاهر جي خاطر دنيا کي منهن ڏئي پئي. مطلب ته جنجال سنڀالي پئي.“

حميره جو چوڻ آهي ته؛ ”مرداڻي معاشري ۾ مرد، مرد کي گھڻو سپورٽ ڪري ٿو. عورت ليکڪا، پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿي. ڪتاب ڇپرائڻ، مھورت ڪرائڻ، ڪتاب مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۽ رڪوري ڪرڻ جھڙا مسئلا، عورت جي ادب کي هڪ هنڌ تائين محدود ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. ادبي ۽ سرڪاري ادارن کي گھرجي ته عورتن جا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ پنهنجي پاليسي ۽ روين تي نظر ثاني ڪن.“

سندس چوڻ آهي ته؛ ”عزت، دولت ۽ شھرت کان ڪو به باشعور ماڻھو انڪار نه ٿو ڪري سگھي.“

سنڌي سماج ۾ ليکڪ ۽ ليکڪا کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي بابت حميره جو چوڻ آهي ته؛ ”هڪ ته اسان وٽ ٻڌي ڪونهي، اديب صرف هڪ ڪرسيءَ لاءِ ڄنڊاپٽ ۾ وقت وڃائين پيا ۽ ٻيو ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ادب ۽ اديب جي سار ئي نه ٿا لھن.“

تنقيد اصلاح جو ٻيو نالو آهي پر، اسان وٽ تنقيد کي انا جو مسئلو بڻائي جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ ذاتيات تائين لھي ايندا آهن. جيڪو برداشت جوڳو عمل نه آهي. اڄ ڪلھ جيڪو ادب سرجي پيو ان ۾ سٺا ليکڪ سٺو لکن پيا ۽ خراب ذھنيت وارا الائي ڇا ڇا پيا لکن، خاص ڪري سي ڊي ۽ ڪئسٽ جي دنيا ۾ ولگر شاعري ادب جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي.“

سچي محبت کي ايمان جو جزو سڏيندڙ ۽ اڻ وڻندڙ ڳالھين جي اظھار کي نفرت چوندڙ حميره جي پسنديده شخصيت بيبي عائشه رضه، پسنديده ڪتاب قرآن شريف، پسنديده گل موتيو، پسنديده رنگ اڇو، ڪارو ۽ تيز سائو، پسنديده موسم، جھڙالي موسم ۽ پسنديده پھر فجر جو پھر آهي.

حميره، سرمد جي پيدائش کي زندگيءَ جي پهرين خوشي ۽ والده جي وفات کي زندگيءَ جو پهريون سڏڪو ۽ صدمو سڏي ٿي. حميره جي نظر ۾ زندگي رب جي رحمت/نعمت ۽ موت موت زندگيءَ جي پڄاڻي آهي. دل بابت سندس چوڻ آهي ته؛ ”زندگي ۽ موت جي وچ ۾ ڦاٿل شيءِ کي دل چئبو آهي.“

حميره جيڪو ڪجھ سهي ٿي، ان جي شڪايت ڪنهن سان به نه ٿي ڪري. ڇو ته سندس چوڻ مطابق ته؛ ”شڪايت تڏهن ڪبي آهي، جڏهن ازالي جو آسرو هجي.“

سندس چوڻ آهي ته؛ ”لکڻ وقت تڪليف، تڪليف ۽ صرف تڪليف ٿيندي آهي.“

هوءَ چوي ٿي ته؛

تڪليف ۾

تڪليف ڏيڻ

تڪليف ڏيندڙ کي

ڪا به

تڪليف محسوس

نه ٿي ٿئي

نه ته هو

تڪليف ڏيڻ کان پهرين

ڏھ ڀيرا

سوچڻ جي

تڪليف ضرور ڪري ھا.

.......

حميره وٽ چئن ڪتابن جيترو مواد موجود آهي. اهي ڪتاب هن سھيڙي ته ڇڏيا آهن پر انهن جا نالا اڃا فائينل نه ڪيا آهن.

حميره جي اکين ۾ اداسائي، نراسائي، اڪيلائي، ساڀيا کان خالي سپنن، زندگيءَ جي تلخ تجربن، لوڪ جي طنزيه جملن، طعنن، تنڪن، اوپرن لھجن جي دردن، پلڪن/پنبڻين ۾ سڪي ويل لڙڪن جا الاهي سارا افسانه جھاتيون پائيندي نظر اچن ٿا.

حميره جي چپن جي مصنوعي مرڪ به سندس اندر جي آنڌ مانڌ کي لڪائڻ ۾ ناڪام رهي ٿي. سندس پيڙائن جي پاڇي سندس وجود تي/چھري تي اذيتن جي انڊلٺ ٺاهي ڇڏي آهي. پر پوءِ به حميره حالتن کان ھار مڃڻ، پوئتي مڙي نهارڻ بدران، همت ۽ حوصلي سان اڳتي، اڃا اڳتي، اڃا اڳتي وڌندي رهي ٿي. هن جي زندگيءَ/ڊائريءَ ۾ ”ٿڪ“ نالي ڪنهن لفظ جو وجود ئي نه آهي. هوءَ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي رهي ٿي.

شال ڌڻي کيس اڃا وڌيڪ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا فرمائي. آمين.

 

(روزاني آجيان شڪارپور ۾  ۰۷ سيپٽمبر ۲۰۲۰ تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا