; سنڌي شخصيتون: ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو

13 September, 2020

ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو

ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو

خالد حسين چنا



وقت بهترين استاد آهي. اهو گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو. دنيا جا وڏا سچ وقت گذرڻ سان ڪوڙ ثابت ٿيا آهن ۽ وري ڪيترا ئي ڪوڙ سچ ثابت ٿيا آهن. ڪي ماڻهو وقت ڏسي پاڻ پليو وڃن ته ڪي وري وقت ڏسي اڀرندڙ سج جي سلامي ڪن. حقيقت ۾ ڪنهن به شخصيت جو ماپو ڪرڻ ڏکيو آهي پر وقت اهو ماپو آهي جنهن سان خبر پئجي سگهي ٿي. سوچيان ويٺو ته اسان جي شهر شهدادڪوٽ ۾ تمام ٿوري وقت ۾ ڪيترا ئي ماڻهو ڏسندي ڏسندي مٽجي ويا آهن. ڪيترا ئي نوان سردار، ڀوتار ۽ ليڊر ٿيا آهن. ڪيترن ئي وقت سان سياسي لڳ لاڳاپا پئي مٽايا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته وقت سان تبديلي اڻٽر آهي ۽ جيڪڏهن اها تبديلي هاڪاري آهي ته ان سان سماج ۾ مثبت تبديلي ايندي آهي. جرمني جي مشهور تعليمدان جان پيسٽلزئي مطابق روين جي مثبت تبديلي کي ئي اصل ۾تعليم چئبو آهي. ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو انهن تمام ٿورن ماڻهن مان آهي جن کي اسان شروع کان وٺي مجموعي طور تي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪوششون ڪندي ڏٺو آهي. هر ڪنهن ننڍي وڏي سان پيار ۽ احترام سان لفظن کي توري تڪي ڳالهائيندي ٻڌو ويوآهي. سردار خان چانڊيو سگا شهدادڪوٽ جو بنيادي ميمبرن مان هڪ آهي. هن ڪڏهن به زندگي ۾ غلط يا سوديبازي ڪري زوري جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. سردار خان چانڊيو پنهنجي من جو سردار آهي ۽ روايتي سردار جي برعڪس هن پاڻ پڙهائي ۽ محنت تي زور ڏئي وڪالت ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. هن جي نظر ۾ محنت ۽ تعليم ئي روشن مستقبل لاءِ ضروري آهي. تنهنڪري هو هر ڪنهن کي محنت ۽ تعليم جو درس ڏيندو رهندو آهي. هن پنهنجن پٽن کي اعلي تعليم ڏياري هن معاشري جو ڪامياب ۽ ڪارگر فرد بڻايوآهي ۽ پنهنجن نياڻين کي وڪالت ۽ ڊاڪٽري پڙهائي آهي هڪ بهترين مثال قائم ڪيو آهي.


سردار خان چانڊيي ۱۸ اپريل ۱۹۵۳ع تي رئيس غوث ڏني چانڊيي جي گهر ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ۾ جنم ورتو. ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو شهدادڪوٽ شهر جي اوڀر طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، جيڪو اُن وقت جي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ اچي ٿو. هن بنيادي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي. جڏهن ته ۱۹۶۴-۶۵ع ڌاري ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ۾ مڊل اسڪول جو بنياد پيو، جنهن جو پهريون استاد موجوده نالي وارو ليکڪ ۽ محقق سائين در محمد پٺاڻ مقرر ٿي آيو. جنهن وٽ ڇهون ڪلاس پڙهي، ستين ڪلاس لاءِ هن شهدادڪوٽ جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي.

سردار خان چانڊيي ۱۹۶۹ع ۾، ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان مئٽرڪ ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ داخلا ورتي. جتان ۱۹۷۱ع ۾ انٽر ۽ ۱۹۷۳ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. اُن وقت بورڊ جا امتحان حيدرآباد ۽ گريجوئيشن جا امتحان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان ورتا ويندا هئا. هن گريجوئيشن ڪرڻ بعد ۱۹۷۵ع ۾ مئنيجر دفتر طور سرڪاري ملازمت شروع ڪئي، ۽ اهڙي ريت حيدرآباد سکر جي دفتر روزگار  ۾ نوڪري ڪيائين.

۱۹۷۸ع ۾ هو والد جي طبيعت ناساز ٿيڻ سبب سرڪاري ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي موٽي شهدادڪوٽ آيو. ساڳئي سال ۾ محترم محمد اشرف کهاوڙ سان گڏجي سگا شهدادڪوٽ شاخ جو بنياد وڌائون. جنهن بعد ميمبر سازي ڪري ڪم شروع ڪيو ويو. ۱۹۷۸ کان وٺي سگا شهدادڪوٽ سان لاڳاپيل آهن. سگا شهدادڪوٽ شاخ جا ٻه دفعا جوائنٽ سيڪريٽري رهيا آهن ۽ شروعاتي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ ساٿين سان شامل هوندا هئا. هن جي دور ۾ ڪيترا ئي ادبي ۽ علمي پروگرام ٿيا ۽ صحت جون ڪئمپون لڳيون.

سردار خان چانڊيي ان دور ۾ ايل ايل بي لاءِ لا ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي، جتي اُن وقت قاضي اختر صاحب هيو. ايل ايل جي ڊگري وٺڻ بعد ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل ۾ رجسٽر ٿيو. جنهن بعد وڪالت سان گڏو گڏ سگا جي پليٽ فارم تان مختلف سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهيو.

قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ٿيڻ سبب ۲۰۰۶ع ۾ بار ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ ۾ رجسٽر ٿيو. ۽ ۲۰۰۷-۰۸ع ۾ ضلعي صدر مقرر ٿيو. جنهن بعد هو نومبر ۲۰۰۸ع ۾ جج ائنٽي ٽيررازم طور مقرر ٿيو، جيڪا ڪورٽ جيڪب آباد، شڪارپور، ۽ ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ تي مشتمل هئي. ۽ ڪورٽ جيڪب آباد ۾ هئي. ۲۰۱۱ع ۾ جج جي عهدي جو مدو پورو ٿيو.

سردار خان چانڊيو عهدي جو ٽائيم پورو ڪري واپس شهدادڪوٽ آيو، ۽ پوءِ وڪالت سان گڏو گڏ سماجي ڪم شروع ڪيائين ۽ هن وقت پنهنجي حال ۽ مزاج آهر سماجي ۽ خير جا ڪم ڪندو ٿو رهي. رب پاڪ کان دعا آهي ته هو پنهنجي اهل عيال سميت خوش هجي ۽ سلامت هجي. آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا