; سنڌي شخصيتون: محمّد لائق کوسو

13 September, 2020

محمّد لائق کوسو

محمّد لائق کوسو

سگا ڪنڊيارو جي بي لوث رضاڪار جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪيل خدمتون.

خالد حسين چنا



خوش نصيب آهن اهي انسان جن جي هٿان خير ۽ چڱائيء جا ڪم ٿيڻ ٿا، جن جي ذريعي ڪيترن انسان جي ڀلائي ٿئي ٿي، ڪيترن غريب، مسڪين ۽ يتيم جا ڏک سور دور ٿيڻ ٿا. اهو انسان حقيقت ۾ خوشنصيب آهي جنهن وٽ ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو ۽ جستجو آهي. جگ مشهور سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن پنهنجي مشهور مضمون “دنيا منهنجي نظر ۾” ۾ لکيو آهي ته جيڪو ماڻهو صرف ۽ صرف پاڻ ڪارڻ جيئي ٿو، صرف پنهنجي خوشي چاهي ٿو اهو شخص جانور وانگر آهي” ماڻهو کڻي ڪيترا به علم حاصل ڪري، ڪيترا به ٿلها اونها ڪتاب پڙهي، ڪيترا به وڏا بحث ڪري پر پوءِ به اچي ان نتيجي تي پهچندو ته زندگيءَ جو مقصد ٻين ڪارڻ جيئڻ آهي. چوندا آهن ته پسند پسند کي ڳولهي لهي سو هر ماڻهو کي پنهنجي پسند وارا ماڻهو وڻندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ سماجي ڀلائي ۽ ٻين جي ڪم اچڻ جو جذبو آهي ته ان کي اھڙا ئي ماڻهو وڻندا ۽ اهڙن ئي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي.


سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن اهڙن ئي بي لوث رضاڪارن جي تنظيم آهي جيڪا سڄي سنڌ ۾ غريب مسڪين ماڻهن جي معيار زندگي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ گذريل اڌ صدي کان ڪم ڪري رهي آهي.سگا جي  پاڻ ارپڻ ۽ ٻين ڪارڻ جيئڻ واري جذبي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيترا ئي بي لوث ۽ سچا ماڻهو هن ساٿ ۾ شامل رهيا. اهڙن پيارن ۽ محنتي ماڻهن منجهان سگا ڪنڊيارو سان تعلق رکندڙ محترم محمد لائق کوسو به آهي.

هو  ۱۰. ۰۸. ۱۹۴۳ع ۾ ڳوٺ شير خان کوسو ۾ پيدا ٿيا. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوء مٽئرڪ جي تعليم ڪنڊيارو هاء اسڪول مان حاصل ڪيائين. مٽئرڪ جو امتحان ڏيڻ لاء نوابشاھ ويا. ڇو جو ان وقت مٽئرڪ جو امتحان نوابشاه سينٽر ڏانهن وڃڻو پوندو هو. آس پاس جي شهرن جي سهولت ڪا نه هئي. پاڻ گريجوئيشن ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين.

محمّد لائق کوسو کي ننڍي هوندي کان سوشل ڪمن سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. پاڻ جڏهن مٽئرڪ پاس ڪيائين. تڏهن پنهجي ڳوٺ ۾ هڪ سوشل تنظيم جو بنياد رکيائون. ته جيئن منهجي ڳوٺ جا نوجوان نسل اعلي تعليم ۽ اعلي ڪردار حاصل ڪري سگهن. ۽ پاڻ تعليم سان تمام گهڻو لڳاء شوق رکندا هئا. ڳوٺ شير خان کوسو ۾ ان وقت پرائمري تعليم جي بلڊنگ منظور ٿيل ڪا نه هئي. سندس جي ڪاوشن سان ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم جي بلڊنگ منظور ٿئي.

محمّد لائق کوسو کي ۱۹.۰۴.۱۹۶۶ع تي سرڪاري نوڪري جو آرڊر مليو. پاڻ ھيڊ ڪلارڪ سول اسپتال نوابشاه ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا هئا. هن جي والد صاحب کي دل جي تڪليف جو آرزو هيو. هن پنهنجي اعلي آفيسرن کي ٻه مهينن موڪل جي درخواست ڏني ته منهنجو والد صاحب بيمار آھي. مون کي موڪل ڏني وڃي جيڪا منظور نه ٿي سگهي. هن پنهنجي والد صاحب جي علاج خاطر اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. ان وقت دل جي تڪليف جو علاج صرف ڪراچي ۾ ميسر هو.

پاڻ ۱۹۷۱ع ۾ ڪنڊيارو شھر ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليائين. ۽ سوشل ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. جڏهن به سگا جو سڏ ٿيندو هو، ڪا گڏجاڻي ٿيندي هئي ته پنهنجو اسٽور بند ڪري اچي اتي پهچندو هو.

 هو هڪ متحرڪ ڪردار هو ۽ هن کي پيدائشي هئي ته ماڻهن کي گڏ ڪيئن ڪجي، انهن کي سماجي ڪمن تي قائل ڪيئن ڪجي. هن کي ماڻهن کي برداشت ڪرڻ جو اعلي ظرف هو. اهو ئي سبب آهي جو محمّد لائق کوسو تقريبا ۱۱ سال ڪنڊيارو ۾ دوڪاندار ايسوسيشن جو صدر رهيو. ۽ سگا سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ميمبر طور شامل ٿيو. پاڻ ۸ سال ڪنڊيارو برانچ جا جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا. ۽ مرڪز سي سي اي ڪاميٽي جا پڻ ميمبر رهيا.

محمّد لائق کوسو سگا سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تنظيم ۾ رهي ڪري  بي لوث خدمتن ڪيون. جنهن جي نتيجي ۾ تعليم لاء وليج ڪميونٽي اسڪول (هوم اسڪول) سگا جي تعاون سان هر هڪ ڳوٺ.۰۱. ڳوٺ شير خان کوسو. ۰۲. ڳوٺ خميسو خان حطار. ۰۳. ڳوٺ غازي خان گوپانگ ۰۴. ڳوٺ سائين ڏنو راڄياڻي.۰۵. ڳوٺ حاجن خان لاکو. جي اڻ پڙهيل نياڻين کي پهرين درجي کان پنجن درجي تائين مفت ۾ تعليم جي زيور سان نوازيو ويو.

ڪنڊيارو شهر ۾ روشن تارا اسڪول سگا جي تعاون سان ٻه عدد هنري مرڪز ڳوٺ شير خان کوسو ۽ ڳوٺ حاجي خان کوسو ۾ قائم ڪيا. انهن ھنري مرڪز  ۾ غريب ۽ بي سهارا عورتن لاء ھٿ جو هنر ڀرٿ ڪڙهائي ۽ سلائي جو ڪم ڪرايو ويندو هو. انهن بي سهارا ۽ غريب عورتن کي سيکاريو ويندو هو. ۽ سکڻ کانپوء انهن غريب عورتن جي سلائي برٿ کي اسلام آباد جي لوڪ ورثه ميله تائين رسائي ڏئي انهن کي مالي پاڻ ڀرو بڻايو ويندو هو.

هنري مرڪزن کي ڏسڻ لاء سگا طرفان محترم بخش علي لاکو صاحب. محترم ولي محمد روشن صاحب. محترم مظهر ميمڻ صاحب. ۽ اسلام آباد مان هڪ تنظيم  طرفان مسٽر وليم ميگرل صاحب ۽  محترمه ظاهره بابر ۽ سفينه ميمڻ پڻ وزٽ ڪرڻ کان پوء متاثر ٿيا ۽ وزٽرز نوٽ بوڪ تي اهڙي هنري مرڪز کي بهترين ڪوشش ۽ ڪامياب طريقو لکيو ويو.

سگا طرفان مختلف وقتن تي جيڪي به پروگرام ڪيا ويا محمد لائق کوسو سڀني پروگرامن ۾ اڳڀرا رهيا. ۽ تقريبن سڀئي پروگرام ۾ شامل ٿيندا هئا. پوء اهي پروگرام ڀلي ٻارڙن جو عالمي ڏينهن هجي يا ٻيو ڪو سماجي انساني ڀلائي جو ڏينهن  هجي. پوليو مھم هجي يا چمڙي جي مفت ڪئمپ هجن يا مفت طبعي ڪئمپ هجن.

اها حقيت آھي ته هن سگا لاء جيڪو قيمتي وقت ڏنو. اهو دل جي شوق ۽ جذبي سان ڏنائين. سنڌ گريجوئيٽس ايسو سيئيشن هن جوڌي جوان کي اعلي ڪارڪردگي جي اعزازي سند ۱۹۹۴ع ۾ بي لوث خدمتن جي مڃتا ۾ گريجوئيٽ گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. ان وقت  سنڌ جي چيف مينسٽر سيد عبدالله شاھ صاحب انهن کي گولڊ ميڊل ايوارڊ پاريو.

محمد لائق کوسو ۱۸ فيبروري ۱۹۹۷ع تي هي فاني جهان ڇڏي ويو. هو سڄي زندگي پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن کي پوئتي رکي غريب مسڪين ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪندو رهيو. رب پاڪ پنهنجي محبوب مٺڙي محمد مصطفي احمد مجتبي جي صدقي ھن کي جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪري. آمين

هڪ ٻيو ايوارڊ محمّد لائق کوسو جي وفات کان پوء سندس جي فرزند محترم ذوالفقار علي کوسو کي ان وقت سنڌ جي چيف مينسٽر جناب علي محمد مهر صاحب کان وصول ڪيو. اهڙي طرح خدمت جو جذبو سگا ۾ نسل در نسل روان دوان آهي ۽ انشاءَالله قائم دائم رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا