; سنڌي شخصيتون: تاج محمد بلوچ

14 September, 2020

تاج محمد بلوچ

تاج محمد بلوچ

چاچو تاج سڏجندڙ سگا جو متحرڪ ڪردار

خالد حسين چنا



ننڍن ۾ ننڍو نظر ايندڙ ۽ هن وقت لڳ ڀڳ ۶۸ سالن جو وڏن ۾ وڏو، نهايت سادو پر سنجيده محبتي ماڻهو، تاج بلوچ صاحب جو نالو سگا رضاڪارن وٽ نهايت پھنجائپ وارو نالو آهي. خاموش طبعيت پر گفتگو ۾ مدلل ۽ مربوط هوندو آهي. هو سياست ۾ رھيو پر سياسي چالباز نه آهي. هو ادب ۽ تاريخ جو ڄاڻون، پنهنجي ثقافت سان پيارڪندڙ سنڌ جو شعور آهي. تاج بلوچ ۱۹۹۲ع جي آخر ۾ سگا ميرپورخاص شاخ جي ميمبرشپ حاصل ڪري سگا جي قافلي ۾ شامل ٿيو جتي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ پروفيسر مظهر ميمڻ، نظير ڀنڊ  جهڙا بي لوث سماج سڌارڪ جديد سنڌ اڏڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هيا. هو به پر امن ترقي يافته سنڌ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ شروع کان وٺي ڪوشان آهي. هن جي محنت ۽ سچائي جي ڪري هو سگا ميرپور خاص شاخ جو سال ۱۹۹۳ع، ۱۹۹۴-۱۹۹۵ع، ۲۰۰۱-۲۰۰۲ع ۾ سگا ميرپورخاص شاخ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. سال ۲۰۰۳-۲۰۰۴ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سگا مرڪز ۾ رهيو. سال ۲۰۰۴-۲۰۰۶ع ۾ سگا ميرپورخاص شاخ جو صدر رهيو. ان کان پوءِ ۲۰۰۶-۲۰۰۹ع ۾ روشن تارا اسڪول ميرپورخاص جو چيئرمين رهيو. ۲۰۰۰-۲۰۰۱ع ۾ سگا مرڪز ۾ سيڪريٽري تعليم رهيا. ۲۰۱۲ کان وٺي لڳاتار ٽي دفعا ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي رهيا آهن ۽ سگا جي هر عمل ۽ جدوجهد ۾ پنهنجو ڪوششون هر ممڪن حد تائين شامل ڪندا ٿا رهن. هن جي جدوجهد جا محرڪ  هن جي پنهنجي زندگي ۽ هن جي علائقي جي ماڻهن جون تڪليفون ۽ ڏکيائون آهن جيڪي هن کي ننڍي لاءِ کان وٺي ويھڻ  نه ٿيون ڏين.


تاج محمد بلوچ جي والد جو نالو حاجي گل محمد آهي. پاڻ ۱۸ مئي ۱۹۵۱ع ۾ ڳوٺ گل محمد رند ۾ ڄائو. هي ڳوٺ موجوده ميرپورخاص ۽ اڳوڻي ٿرپارڪر ضلع ۾ هڪ وستي ڪاڪ جي ڀر ۾ آهي. تاج محمد پرائمري تعليم سندس ڳوٺ ۾ نئين قائم ڪيل اسڪول ۾ ٿر سان تعلق رکندڙ انتهائي قابل ۽ محنتي استاد آنندرام چارڻ کان حاصل ڪئي. بعد تاج انگريزي پڙهڻ لاءِ ميرپورخاص جي دارالقاسميه هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جيڪو ساڳي وقت اورينٽل ڪاليج (مشرقي ٻولين) ۾ به هو جتي عربي ۽ سنڌي ٻولين جا مولوي، مولوي عالم، اديب، اديب عالم، اديب فاضل جا امتحان به ڪرايا ويندا هئا جن مان ڪي تاج به پاس ڪيا. هن هاءِ اسڪول جو باني سنڌ جو مشهور ديني ۽ سياسي، سماجي شخصيت مولوي عبدالحق رباني (نصرپور وارو) ۽ سندس ساٿي هئا. مولوي عبدالحق رباني صاحب جو ڳاڻيٽو ڪنهن وقت ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور درسگاهه “ديو بند” جي انتهائي ذهين ۽ لائق شاگرد طور ٿيندو هو. ديو بند جي مدرسي ۾ علم سان گڏ شاگردن کي هندستان جي انگريزن کان آزادي ۽ سامراج دشمني جا سبق به پڙهايا ويندا هئا ۽ پوءِ جڏهن اتان تعليم مڪمل ڪندڙ عالمن ۽ اسڪالرن سنڌ ۽ هند جي ڏورانهين علائقن ۾ اسڪول ۽ درسگاهون قائم ڪيون ته اتي به شاگردن کي عام تعليم سان گڏ سماجي خدمت ۽ انساني قدرن ۾ ويساهه جا درس به ڏنا ويندا هئا جيڪي ٻين شاگردن سان گڏ تاج بلوچ به پرايا جن کي هو پنهنجي زندگي جو اثاثو قرار ڏئي ٿو. هي هاءِ اسڪول راندين ۽ ٻين غير نصابي سرگرمين جهڙوڪ تقريرن ۽ عام معلومات جي مقابلن سبب ميرپورخاص ۾ مشهور هو، ان ۾ تاج به حصو وٺندو هو ۽ جنهن ۾ وڌيڪ نکار اڳتي هلي ڪاليج، يونيوسٽي ۽ سياسي، سماجي تنظيمن خاص طرح سگا ۾ ڪم ڪرڻ سان آيو.

مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد تاج ميرپورخاص شهر جي ئي شاهه عبداللطيف گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ انٽر ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي جيڪو گهڻو ڪري ان وقت جي ٿرپارڪر ڊويزن جو واحد سائنس ڪاليج هو. تاج بلوچ  شاهه لطيف ڪاليج جي سنڌي ڊبيٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري هو ۽ ان حيثيت ۾ هو پنهنجي ڪاليج ۾ پروگرام به آگنائيز ڪندو هو ته شهر ۽ شهر کان ٻاهر سنڌي جي ٻين ڪاليجن ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلن ۽ پروگرامن ۾ به حصو وٺندو هو. جڏهن تاج ۱۹۶۷ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته انهن ڏينهن ۾ ۴ مارچ وارو مشهور واقعو ٿيو هو جنهن سان سنڌ ۾ سجاڳي جي نئين لهر پيدا ٿي، ان کان سواءِ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد به هلندڙ هئي جنهن کان متاثر ٿي تاج شاگرد سياست ۾ به سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان حصو ورتو جنهن جو اڳواڻ ڄام ساقي هو ۽ ساڻس گڏ مهر حسيني شاهه، مير ٿيٻو، شاهه محمد شاهه به اڳواڻي ۾ شامل هئا ۽ تاج جا پروفيسر امداد چانڊيو، پروفيسر عزيز مهراڻوي، محمد صالح بلو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ابوبڪر رند، احمد خان جمالي، ايوب لغاري، تاج مري، سهيل سانگي، شھيد نظير عباسي، امداد اوڍو به ان وقت جا ساٿي هئا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن شعبي مثال تعليم، صحت، سياست، صحافت، سماجي خدمت جا روشن ستارا ٿي اڀريا ۽ ڪي اڃان به پنهنجي ڏات ونڊين پيا.

شاهه لطيف ڪاليج مان زولاجي ۾ B. Sc ڪرڻ بعد تاج وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي جتي هو انگلش لٽرري سوسائٽي جو سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان وقت يونيورسٽي يونين سان گڏ مختلف شعبن ۾ به چونڊيون ٿينديون هيون. انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ ان وقت ميڊم امينه خميساڻي، پروفيسر ارجن لال، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر خير محمد لاڙڪ جهڙا قابل استاد موجود هوندا هـئا.

يونيورسٽي ۾ ايم اي انگلش دوران سهيل سانگي، مولا بخش لغاري، پروفيسر محمد حسن بودلو (جيڪو هاڻي وفات ڪري ويو آهي) فخر الدين بلوچ (جيڪو پوءِ ڊپٽي اسپيڪر جنرل پوليس ٿيو) تاج جا ڪلاس فيلوز هئا. جڏھن ته ڊپارٽمينٽ جي سينئرز ۾ جناب گل محمد عمراڻي، قلي بخش رند ۽ دريا خان ڏاھري شامل ھئا  تاج ايم. اي جي فائنل جي آخري سال ۾ هو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ ڪنهن ڳالهه تان ناراضگي جي نتيجي ۾ ٻه شاگرد سيد علي مردان شاهه (جنهن جي هاڻي نوان جتوئي طرف وڏي درگاهه آهي) ۽ جان محمد کونهارو قتل ٿي ويا ۽ پوءِ پوليس ۽ ٻين ادارن يونيورسٽي تي ريڊ ڪيو ۽ وائيس چانسلر طرفان ڪجهه شاگردن کي خارج ڪيو ۽ مٿن ڪيس به داخل ڪيا ويا. تاج تي به ۱۳ ڊي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن کي اڄ تائين ڪو هٿيار هلائڻ ته ڇا کڻڻ به نه ٿو اچي. پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وائيس چانسلر ٿي آيو ۽ هن شاگردن جي داخلا بحال ڪري کين امتحان جو موقعو ڏنو ۽ تاج پوسٽ گريجوئيشن ۱۹۷۴ع ۾ مڪمل ڪئي.

ڪاليج ۽ يونيورسٽي لائيف ۾ تعليمي سرگرمين دوران ڪيترا ئي ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ، ڪپ ۽ ميڊل کٽڻ سان گڏ ڪاليج مئگزين ۽ ٻين ادبي پرچن ۾ مضمون، ليک، اخبارن ۾ ڪالم به لکيا  ميرپورخاص مان نڪرندڙ ماھوار سوشلسٽ ۽ مٺي مان نڪرندڙ رسالي “جاکوڙ” جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ به شامل رهيو ته ان ۾ “ڳوٺاڻي جو ڪالم” جي نالي سان سلسليوار ليک به ڪافي عرصي تائين  لکيائين

تاج ڊسمبر ۱۹۷۷ ۾ Entomologist طور هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي جوائن ڪيو ۽ وڏو عرصو ميرپورخاص ۾ مقرري دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ ڪم ڪرڻ بعد پروموشن ملڻ تي ڊائريڪٽوريٽ مليريا ڪنٽرول پروگرام سنڌ ۾ پوسٽنگ دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ٽيمن سان گڏ ذميواريون نڀايائين ته لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ WHO طرفان ٿيندڙ ريسرچ ۽ تربيتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي انهن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيائين.

هن وقت تاج بلوچ پنهنجو وقت پنهنجي تر جي ماڻهن جي حقن لاءِ ڪوششون ڪندو رهي ٿو. هو پنهنجو وقت مطالعي ۽ سماجي ڪمن ۾ صرف ڪري ٿو. سگا ميرپور خاص شاخ جي ساٿين کي هر سماجي ۽ علمي ڪمن ۾ ساڻ ڪري جدوجهد ڪري ٿو. رب پاڪ کان دعا آهي ته هو پنهنجو وقت پنهنجي گهر وارن ۽ ساٿين سان صحت ۽ عزت سان گذاري ۽ خير جا ڪم جاري رکي. آمين

No comments:

راءِ ڏيندا