; سنڌي شخصيتون: محمد صديق ڪاڪا

13 September, 2020

محمد صديق ڪاڪا

محترم صديق ڪاڪا

سگا جي سابق سيڪريٽري جنرل جي زندگي جو احوال

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) ۴ جون ۱۹۷۲ع ۾ قائم ٿئي. سگا جو مقصد پرامن خوشحال سنڌ لاءِ ڪوششون ڪرڻ آهي. سگا سنڌ جي پڙهيل باشعور ماڻهن جو هڪ رضاڪار گروهه آهي جنهن جو مقصد بنا ڪنهن مذهبي يا سياسي مت ڀيد جي غريب مسڪين بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. سگا جي ڪم ڪار ۽ اڀرڻ کي اڃا پهريون ڏهاڪو مس گذريو هو ته ان وقت جي سرڪار سگا جي رضاڪارن کي جيڪي حڪومت جي نوڪري ۾ هئا ڪم ڪرڻ تي ۱۹۸۳ ۾ پابندي لڳائي ڇڏي. سگا جهڙي خالص رضاڪار ۽ پنهنجن رضاڪارن تي هلندڙ سماجي تنظيم لاءِ پنهنجي جياپي کي برقرار رکڻ وڏو امتحان هو. ڪافي ساٿي آمر جي حڪم بعد خاموش ٿئي ويا. استعيفا ڏئي ڇڏيائون. پر ان جي باوجود سگا جي اڪثر رضاڪارن عبادت سمجهي غريبن جي مدد لاءِ سگا ۾ ڪم ڪندا رهيا. رب پاڪ جو ڪرم ۽ ساٿين جي نيڪ مقصد سان سچائي ڪري سگا جي علم واري سجاڳي ۽ روشني جي لاٽ ڪيترن ئي طوفانن باوجود ٻرندي رهي. اهڙن مانجھي مردن ۽ بهادر سگا ساٿين منجهان صديق ڪاڪا به هڪ آهي جنهن پنهنجن پراون جي هزارين تڪليفن باوجود پنهنجو وارو وڄايو. سگا سان اهڙين گھڙين ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي سڀ عظيم ۽ معتبر آهن. انهن جي سچائي، خلوص ۽ حوصلو ڪري سگا پنهنجو جياپو برقرار رکي سگهي. صديق ڪاڪا پنهنجن رضاڪار ساٿين کي غريبن جي مدد خاطر تڪليفون برداشت ڪرڻ تي حوصلو ڏيندي سگا جي اٺون ساليانو ڪنوينشن ۾ تاريخ ۲۰ اپريل ۱۹۸۴ جي رپورٽ پيش ڪندي شيخ اياز جون سٽون چوڻ ٿا ته “هو تو کي  لوئي رهيا آهن ۽ تون چپ آهين. پٿر کي به چوٽي تان هيٺ ڌڪبو آهي ته ان  ۾ جان اچي ويندي آهي”.


سگا جي سابق سيڪريٽري جنرل محمد صديق ڪاڪا جو جنم هالا جي ويجهو ڳوٺ سيراچون ڪاڪا جو آهي. هو ۵ فيبروري ۱۹۵۴ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري جا ۲ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيا ته وري ٽيون درجو سونڊا ننگر ٺٽو ۾ پڙهيا جتي سندس وڏو ڀاءُ ٽيليفون کاتي جو ملازم هئو وري چوٿون درجو ننگر ٺٽي شهر ۾ پڙهيا جتي سندن وڏو ڀاءُ پوليس کاتي جو ملازم هئو وري پنجون درجو پنهنجي ڳوٺ ۾ واپس اچي پڙهيا وري ڇھون ستون اٺون درجو سندس ڳوٺ کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود هاءِ اسڪول بکر جمالي ۾ پڙهيا، جتي پڻ الاهي وڏا عالم اديب سندس ڪلاس فيلو هئا. تنهن بعد نائون ڏهون درجو ٽنڊو جان محمد ۾ پڙهيا ۽ اتان ميٽرڪ پاس ڪري اچي هالا جي ڪاليج مان انٽر ڪيائون.

صديق ڪاڪا سن ۱۹۷۲ کان ڪراچي شهر کي پنهنجو مسڪن بڻايو. هتي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ پنج سال مڪينيڪل انسٽرڪٽر طور ڪم ڪيائون اتي پڻ الاهي سنڌي ڇوڪرن کي اتي نوڪري ڏيارڻ ۾ مددگار ٿي رهيا ان دوران سويڊش پوليٽينڪ ڪاليج لانڍي مان ٽن سالن جو اليڪٽرڪ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين ته وري ڪراچي يونيورسٽي مان پرائيويٽ بي اي به پاس ڪيائين مشين ٽول فيڪٽري جي فوجي جنتا سان ناچاڪي ٿيڻ سبب اتان ۷۷ جي مارشلا ۾ استعفا ڏئي هڪ پرائيويٽ اداري ۾ اليڪٽريڪل سپروائزر طور ڪم شروع ڪيائين ان دوران سنڌي رسالي ماهناما اديون ڪراچي جو بزنيس مئنيجر طور به ڪم ڪندا  رهيا ان دوران ڪراچي جي الاهي نامور شخصيتن جي انٽرويوز جي اديون جي ايڊيٽر عمرالدين بيدار صاحب سان گڏجي سيريز شروع ڪيائون جن ۾ ۳۰ مشهور شخصيتن جا انٽرويو ڪري ڇاپيا ويا سن ۱۹۸۱ ۾ سنڌي ساهت سال جي ٽن ڏينهن واري سنڌ مدرسي ۾ ڪرايل مرڪزي پروگرام جا انچارج به هئا پاڻ  پروفيسر غلام مصطفا شاھ جا ڪجھ عرصو بنا پگهار جي اسسٽنٽ ٿي رهيا. سن ۱۹۸۲ ۾ شاھ لطيف اسڪول سنڌي مسلم سوسائٽي ڪراچي ۾ ڪرايل عورتن جي ٽن ڏينهن جي پروگرام جا نگران به ٿي رهيا، تنهن بعد انگريزي رسالي منٿلي مائننگ انجنيئر جا بزنيس مئنيجر ٿي رهيا. سن ۱۹۸۰ ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جا ميمبر ٿي رهيا جتي سندن اداري سنڌ ڪلچرل ائنڊ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي پاران اتي الاهي علمي ادبي پروگرام ڪرائيندا رهيا مشهور ڳائڻي حميره چنا کي سندن والد غلام محمد چنا جي مدد سان لانچ ڪرڻ ۾ سهڪاري رهيا. پاڻ ڪجھ علمي ادبي ڪتابن جا پبلشر ٿي رهيا آهن جتي پاڻ سنڌ ڪتاب گهر پاران ۵ ڪتاب ڇپايا هئائون.

سگا جي ميمبر سرڪاري ملازمن تي آمر حڪومت سن ۱۹۸۳ ۾ پابندي لڳائي ته پهرين سگا جا سيڪريٽري جنرل جمال دائوپوٽو ٿيا ۽ ڪاڪا صاحب ڪراچي برانچ جا جنرل سيڪريٽري هئا وري سگا جا چيئرمين اسداللہ کيڙو صاحب ٿيا ٿوري عرصي ۾ جمال دائودپوٽو صاحب جي استعفا ڏيڻ تي جماعت کين سن ۱۹۸۴ع ۽ ۱۹۸۵ع لاء سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو جنهن دوران پاڻ سگا کي منظم ڪرڻ لاءِ اسداللہ کيڙو صاحب سان گڏ سڄي سنڌ جو دورو ڪري جماعت کي منظم ۽ مستحڪم بڻائڻ جي ڪوشش ڪيائون ان دوران جماعت جا ۲ ساليانا ڪنوينشن به پاڻ پنهنجي نگراني ۾ ڪرايائون ان دوران سگا جي روشن تارا اسڪولن جا دورا ڪري انهن جي سار سنڀال لهندا هئا ان دوران روشن تارا اسڪول پراڻي گوليمار به سندس ڪوششن سان قائم ٿيو ان دوران ليڊي نصرت هارون سينٽر کڏه مارڪيٽ ۾ سگا طرفان ٽن ڏينهن جي اکين جي مريضن جي ڪيمپ به سندن نگراني ۾ لڳائي وئي جتي چار سو مريضن جي اکين جا آپريشن ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ٿيا.

سال ۱۹۸۳ دوران ائسوسيئيشن تي سرڪاري احڪامن ڪري سڀني شاخن اندر صرف عهديدارن جي ردوبدل ٿيندي رهي. سماجي ڪم ڪار ٿورو يا گهڻو هلندو رهيو. ڪيتريون ئي صحت جون طبي ڪئمپون لڳايون ويون جن ۾ نئون ديرو، ڳوٺ الهڏنو ساند، ڳاڙهي واري راهوجا، ناٺو ملاح، مجيد ڪيريو، ڀٽ شاهه، نور محمد شجراع، ٽنڊو عالم خان، مئوٺڪر، بگوديرو شهدادڪوٽ ۽ ٽنڊو باگو شامل آهن. درساڻو ڇنو ۽ سيوهڻ ۾ اکين جون ڪئمپون لڳايون ويون.

ثقافتي پروگرامن ۾ سال ۱۹۸۳ع ۾ آغا سليم سان شام شڪارپور شاخ طرفان ملهائي وئي ۽ سگا ڪراچي شاخ طرفان مولانا دين محمد وفائي جي ورسي ملهائي وئي.

سگا جي رضاڪارن لاءِ حڪومت جي پابندين سبب خوف ۽ ڏهڪاءُ واري صورتحال باوجود تنظيم جون گڏجاڻيون جاري رکڻ لاءِ سگا جي قيادت ۽ بي لوث ساٿين کي سلام پيش ڪجي ٿو. ڪيترا ساٿي پس پردا ڪم ڪري نه صرف غريبن جي مدد  پئي ڪئي پر تنظيم کي سگهه پئي بخشي. سگا جي ان وقت جي چيئرمين جناب اسد الله کيڙو ۽ سيڪريٽري جنرل جناب صديق ڪاڪا نائون ساليانو ڪنوينشن تاريخ ۱۰ مئي ۱۹۸۵ع هاليڊي ان هوٽل ڪراچي ۾ ڪيو. ڪنوينشن ۾ رپورٽ پيش ڪندي مرڪزي سيڪريٽري جنرل صديق ڪاڪا مرشد لطيف جو شعر پڙهندي؛

ويٺي ور پون، ستي ملن نه سپرين،

جي مٿي رندن رئن، ساجن ملي تن کي.

ساٿين کي ٻڌايو ته هن چيئرمين سگا محترم اسد الله کيڙو سان گڏجي سگا شاخن جا دورا ڪيا ۽ روشن تارا اسڪولن جو معائنو ڪيو. سگا جا ساٿي هماليه جو حوصلو رکڻ ٿا جيڪي رضاڪار طور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. صديق ڪاڪا ڪنوينشن ۾ ساٿين کي ٻڌايو ته سال ۱۹۸۵ دوران اکين جي هڪ ڪئمپ سيوهڻ شريف ۾ لڳائي وئي. سيوهڻ شاخ ۹ طبي ڪئمپون لڳايون ۽ ٽنڊو محمد خان شاخ ۵ طبي ڪئمپون لڳايون. ان کان علاوه ڪراچي شاخ ايمبولينس سروس شروع ڪئي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي يارهين سالگره ۲۸ جولائي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي جنهن جي صدارت محترم محمد ابراهيم جويو ڪئي. جنهن ۾ ڪيترين شخصيتن ۽ سگا رضاڪارن کي بهترين ڪارڪرگي تي ايوارڊ، سگا نشان ۽ سندون ڏنيون ويون.

ان وقت مارشلا سرڪار جي پابندين باوجود پاڻ ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافي ساٿين ۽ سگا جي رضاڪارن جي مدد سان سگا جي سالگره جو پروگرام ڪايائون تنهن بعد سگا پاران ابراهيم علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ موسيقي جي پروگرام منعقد ڪرائڻ تي سرڪار سندن خلاف هڪ ڪيس به داخل ڪرايو هئو تنهن کي منهن ڏنائون سن ۱۹۸۷ع ۾ ڪاروبار خاطر پنهنجي ڳوٺ منتقل ٿيا ته سگا کي وقت نه ڏئي سگهيا. پاڻ ڪراچي ۾ ۴۰ سال رهي هاڻي ۹ سال پهرين حيدرآباد جي قاسم آباد جي علائقي ۾ رهائش پذير آهن جتي پاڻ ظاهري طور تي پراپرٽي جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن پر هن جي جياپي جو محرڪ ۽ مقصد سنڌ جي خوشحالي آهي جنهن سبب هو اڃان تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان متحرڪ رهي پيو. هو سنڌ جو يگانو عاشق، کرو ۽ سڌو ماڻهو آهي.



محمد صديق ڪاڪا

منهنجي ڏاڏاڻي ڏيھ جو شهزادو..

شھربانو ڪاڪا

اڄ پهرين فيبروري آهي منهنجي والد صاحب جي ٻين ورسي آهي. سندس ياد ۾ منهنجو روح رڙندو ئي رهي ٿو پر پنج ڏينهن اڳ منهنجي سڀ کان ننڍي چاچي محمد صديق ڪاڪا جي وفات جو تازو صدمو نهايت گهرو آهي، جيڪو ٻه سال اڳ منهنجي پياري پيءُ جي وڇوڙي کان وڌيڪ محسوس ٿي رهيو آهي. انسان جي وڏي عمر پوڙھو ناهي ڪندي بس وڏڙن جي وڇوڙي جا اهي صدما جيءُ جهوريندا آهن ۽ ماڻهو ضعيف ٿي ويندو آهي...

چاچا جي ياد ۾ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. مون اڄ آلين اکين سان ٻه اکر لکيا اٿم، سو پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊيان ٿي.

ڪاڪا محمد صديق، ڇهن ڀائرن جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ هو. گهر جي سڀني ڀاتين خاصطور تي بابا جو تمام گھڻو لاڏلو هو. ڪنهن به عقيدت جي اثرن کان آجي، سندس سياسي تربيت ۾ منهنجي مرحوم پيءُ جو وڏو رول هو، جنهن کي پاڻ استادِ اعظم سڏيندو هو. مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن اسان پنهنجي ڳوٺ رهندا هئاسين ۽ آئون چئن پنجن سالن جي هُيس ان وقت پاڻ هالا ڪاليج ۾ پڙهندو هو. ڪاليج وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو هو ته آئون سندس پويان پئي گھمندي هيس. صبح  جو سويل ڏندڻ ڪرڻ ۽ هٿ مُنهن ڌوئڻ کان پوءِ ٽُوال سان منهن رڳڙي اُگھڻ جي سندس عادت هوندي هئي. آئون کيس ڏسندي رهندي هُيس. سندس ناشتي کان پوءِ ڏاڏيءَ کان موڪلائڻ وقت کانئس ورتل پئسا پنهنجي يونيفارم جي پينٽ جي کيسي ۾ وجھڻ، مونکي اڄ به ياد آهي. ڇو ته انهيءَ دور ۾ ڳوٺن ۾، پئنٽ شرٽ جو رواج صفا نه هو. هن جو سُهڻو لباس پائڻ جو شوق، انهيءَ زماني جو هو، جيڪو اڱرن واري استريءَ تي پاڻ ئي اِستري ڪري پهريندو هو. سن ٻاهتر ۾ جڏهن ڪراچيءَ آيو ته سدائين بيل باٽم پئنٽ ۽ رنگين گلن واري ريشمي ڪپڙي جي شرٽ پائي ايندو هو. ننڍڙي سُوٽ ڪيس جنهن ۾ عيد جي نون ۽ ان وقت جي بهترين فئشن وارن ڪپڙن سان گڏ ٽوٿ برش، ٻه ٽي چيڪ جا رومال، کوکي ۾ بند پيل نئون ڪيپري صابڻ، پئٽرا سينٽ جي آڱر جي سائز جي بوتل ۽ شئمپو جي بوتل جنهن کي ڇولڻ سان شيشي جي ڪرچين جيان پاڻيٺ چِلڪندي نظر ايندو هو. سٺا دوست، بهترين ڪتاب ۽ سُهڻو لباس، سندس شوق هُئا. آئون ته ٻارڙي هيس پر سندس اهي شيون ڪنهن وڏي کي به انسپائر ڪرڻ لاءِ ڪافي هُيون.

مُحبت ۽ نفرت ۾ شدت هن جي ذات جو حصو هئي. مونکي اها ڇوڪري به ياد آهي جيڪا سندس پهريون عشق هُئي. هوءَ ٻانهن ۾ پهريندڙ چوڙين جي سائز جيتريون وڏيون واليون پنهنجي ڪنن ۾ پهريندي هئي .سندس ڊگھا، ِچمڪندڙ ۽ لسا وار هوندا هئا. اها ڇوڪري، چاچا جي ناناڻي خاندان سان تعلق رکندي هئي. جنهن جا وڏا ته نانگي لين ڪوٽڙيءَ ۾ رهندڙ هئا پر پاڻ پنهنجي ماءُ پيءُ سان ليمارڪيٽ جي هڪ بلڊنگ ۾ ٻن ڪمرن واري فليٽ ۾ رهندي هُئي. اُن سان کيس بي انتها عشق ٿيو. سن چوهتر ۾ سندن مڱڻو ٿيو. جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهريون ڀيرو مون ڪراچي ڏٺي ۽ مڱڻي کان پوءِ هو ناهيد اختر کي شوق سان ٻڌندو هو. خبر نه پوندي هئي ته کيس اُن ڇوڪريءَ سان محبت هُئي يا ناهيد اختر سان!

سندس اهو صدمو به ياد اٿم، جڏهن اهو مڱڻو ٽُٽي ويو. سندس محبت کانئس وڇڙي وئي هُئي. پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ جون فريم ٿيل تصويرون، جيڪي اڳ ڪمري جي ڀتين تي  ٽنگيل هونديون هيون، هاڻي سندس بستري تي، ويهاڻي هيٺان رکيل ملنديون هيون. ناهيد اختر بدران محمد رفيع ۽ ٻين راڳين جا غمگين غزل ٻڌندو هو. اسان ٻار سندس ڪمري ۾ اهي وکريل ڪئسيٽون پيا سنڀاليندا هئاسون. ڇو ته سن ڇاهتر ۾ منهنجي والد صاحب کي ڪراچيءَ ۾ ماستري ملي ته اسان کي به گھرايائين. جتي هُن سان گڏ رهندا هُئاسين.  

محبتون، وصل جون مُحتاج نه هونديون آهن! مونکي منهنجي ڳوٺ جي سڀ کان سُهڻي ڇوڪري به ياد آهي، جيڪا چاچا کي تمام گھڻو چاهيندي هُئي. پر ڳوٺاڻو سماج هو ۽ هوءَ ڪنهن ٻئي جي زال ٿي وئي. جيتوڻيڪ اڄ هوءَ به پوڙهي ٿي چُڪي آهي پر آئون يقين سان ٿي چوان ته اُن ڇوڪريءَ کيس بيحد چاهيو، پنهنجي جيون جو پَل پَل کيس ياد ڪيو هوندو. ڇو ته تازو جڏهن آئون پنهنجي ڳوٺ ويس ته هميشه جيان هوءَ اسان سان مِلڻ آئي. (مونکي سدائين چوندي هُئي ته تون مُهانڊن ۾ صديق جهڙي آهين. شايد اُن جو عڪس منهنجي صورت ۾ پسيندي هُئي) ۽ گھڻي دير تائين ڏاڍي اُڪير سان چاچا جو تذڪرو ڪندي رهي.

ڪراچيءَ اچڻ کان پوءِ، شروعاتي دور چاچي جي نوڪري مشين ٽول فئڪٽريءَ ۾ هئي گڏوگڏ تعليم به جاري هيس. پر انهيءَ ذاتي صدمي جي ڪري ٻئي ڇڏائجي ويس. ذوالفقار ڀُٽي صاحب سان تمام گھڻو جذباتي لڳاءُ هيس ۱۹۷۷ع ۾ انجي حڪومت ختم ٿي ضياءِ مارشل لاٰ لڳو ته کيس سخت صدمو رسيو. جلد ئي سلائي مشين تي هلندڙ ڪپھ جي ڌاڳي ۽ مڇي مارڻ لاءِ ڄارين ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙنائلون جي ڌاڳي جو هڪ ننڍڙو ڪارخانو قائم ڪيائين. برانڊ جو نالو به ذوالفقار هو ۽ پنيءَ تي تلوار جو نشان هوندو هو. مُهم جوئي ايتري هيس، جو موٽر سائيڪلن تي دوستن سان ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي ڀٽي صاحب جي مزار تائين، سير لاءِ نڪري ويو.

انهيءَ زماني ۾ پاڪستان ۾ ڪميونزم جي نظريي جو پرچار گھڻو ٿيڻ لڳو ته  ٽپال ذريعي هر مهيني ماسڪو مان طلوع نالي اردو رسالو ايندو هو جنهن جي ٽائٽل ڪَوَر تي گھڻو ڪري لينن جون تصويرون  هونديون هيون. ڏکڻ ڪوريا ۽ روس ۾ ڪميونزم تي ڇپجندڙ ڪتاب ايندا هُئا. سنڌي اردو ادب به اسان جي گھر ۾ گھڻو پڙهجندو هو.

انهي دوران سندس سياسي ۽ سماجي سرگرميون جاري هيون. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۽ سگا جي مختلف سرگرمين ۾ به اڳرو رهيو. سگا جو ان ڏکئي وقت ۾ جنرل سيڪريٽري ٿيو، جڏهن ضيائي مارشل لاٰ ۾ سرڪاري ملازمن جي سگا جي ميمبرشپ تي پابندي مڙهي وئي هُئي.سڀ ڪامورا جيڪي سگا جا ميمبر هئا نوڪرين بچائڻ خاطر پاسيرا ٿي ويا ڇو ته رمپا پلازا واريءَ آفيس تي فوجي ڇاپا هڻندا هئا ۽ هيءُ بهادريءَ سان اڪيلي سِر انهن کي مُنهن ڏيندو هو.

گڏوگڏ پاڻ سنڌ ايجوڪيشنل، سوشل ۽ ڪلچرل ايسوسيئيشن جي جھنڊي هيٺ ڪراچيءَ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل ۽ تاج محل هوٽل ۾ ڪيترائي وڏا راڳ جا پروگرام ڪيائين استاد منظور حسين، محمد جمن، عابده پروين ۽ محمد يوسف جهڙا فنڪار شريڪ ٿيندا هئا. حميرا چنا کي ته متعارف ڪرائڻ ۾ سندس هٿ هو.

تنهن کان پوءِ عمرالدين بيدار صاحب جي رسالي اديون ۾ مددگار رهيو منهنجي والد صاحب جو ناول ڪُندن به انهيءَ دوران قسطوار لکيو هو جنهن کي ۱۹۸۳ع ۾ پهريون دفعو پاڻ سنڌ ڪتاب گهر پاران ڇپرايو..

انتهائي غربت ۾ پليل نوجوان صديق ڪاڪا کي وڏو ماڻهو ٿيڻ جي تمام گھڻي خواهش هُئي جنهن لاءِ هن وڏي جدوجهد ڪئي. سنڌي ساهت جو سال ۱۹۸۱ع ۾ ڀرپور نموني سان ملهايو ويو ان سلسلي ۾ سنڌ مدرسته السلام ڪراچيءَ ۾ وڏي پئماني تي هڪ ساهت ڪانفرنس بمنعقد ڪئي وئي جنهن جي آرگنائزنگ ڪميٽيءَ ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاھ جي سرپرستيءَ ۾ پاڻ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪيائين. ۱۹۸۳ع ۾ ضياءُ الحق جي مارشل خلاف سنڌ ۾ شديد مذاحمت ڏسڻ ۾ آئي. قومپرست ڌرين سان لھ وچڙ ۾ به آيو انهن لاءِ عملي جدوجهد ڪيائين. سگا ۾ هئڻ ڪري گھڻن بيوروڪريٽس سان تعلق ۾ رهيو جنهن تعلق جو فائدو وٺندي ڳوٺ جي ڪيترن نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏيڻ ۾ انهن جي مدد ڪيائين. سن ۱۹۹۰ع ۾ بينظير صاحبه جي پهرين دور ۾ جڏهن سائين غلام مصطفيٰ شاھ تعليم جو وفاقي وزير ٿيو ته سنڌ مدرسي ۾ گرلس پرائمري اسڪول جي شروعات ٿي منهنجي نوڪريءَ لاءِ مدد ڪئي.

حاجي عبدالله هارون اسڪول ڪاليج ۽ هنري سکيا جي مرڪز جي ويجهو ڪراچيءَ جي ملاحن جي قديم ترين وستي جنهن کي کڏو سڏيو ويندو آهي. اُتي ڪنهن چڱي جي سهڪار سان مرزا قليچ بيگ جي نالي سان لائبريري ۽ ريڊنگ روم کوليائين. جنگ ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، امروز، نواءِ وقت، سنڌي اخبارون آفتاب، مهراڻ، عبرت، هلال پاڪستان مطلب ته اٽڪل ٻارنهن اخبارون روزانو اينديون هُيون. جيڪي صبح جو هاڪر گھر تي پهچائيندو هو. اسڪول مان واپسيءَ کان پوءِ منهنجو ڀاءُ ابراهيم ۽ سوٽ عمر اهي اخبارون کڻي لائبريري کولي صاف ڪري وڃي ويهندا هئا.  جتي لياريءَ ۽ پسگردائيءَ جا ڪيترائي اديب ۽ سياسي ورڪر ايندا هئا. ادبي ڪچهريون ۽ بحٿ مباحثا ٿيندا هئا.

تمام گھڻو زندھ دل ۽ جيدار شخص هو. کيس جيئڻ جو پئدائشي ڏانوُ هو . مون کي اڄ به ياد آهي ۱۹۸۰ع جورمضان هجي منهنجي مرحومه ڏاڏيءَ جو روضو هو افطاريءَ لاءِ امان مونکي پاڙي جي دڪان تان دال خريدڻ لاءِ موڪليو. دڪان تي هڪ پاڙيسري عورت ڏاڍي طنز مان دال ڏانهن ڏسي چيو ته پهريون روضو ۽ افطاريءَ تي دال! آئون ڪنڌ جهڪائي دال جو پاءُ وٺي گھر آيس ايتري ۾ گھر جو ٻاهريون در کُليوچاچا پنهنجي عادت موجب وڏا ٽهڪ ڏيندي گھر ۾ داخل ٿيو ۽ امان کي چيائين ڀاڄائي پَلو آندو اٿم. اها افطاري اسان تازي پَلي سان ڪئيسين.

انهيءَ زماني ۾ ڪراچي شهر ۾ نياڻين جا ٽي سنڌي ميڊيم سيڪنڊري اسڪول هئا. هڪ چنيسر ڳوٺ ۾ ٻيو اين جي وي ۽ ٽيون لياريءَ ۾ ولي محمد حسن علي اسڪول هو جتان مون مئٽرڪ ڪئي. مُنهنجي اسڪول ۾ ڪلاس روم گھٽ هئا ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين کي تڪليف هئي. چاچا کي جيئن خبر پئي ته اُنهيءَ ڪم لاءِ سائين غوث علي شاھ جيڪو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو تعليم جو وزير هو ان کي چئي وڌيڪ ڪمرا ٺهرائڻ ۾ مدد ڪيائين.  مطلب پنهنجي وتَ ۽ وس آهر سڀني جو مددگار ٿي رهيو، جنهن تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

پيري مُريديءَ ۽ ٻين مدي خارج ۽ فرسوده رسمن رواجن کي للڪارڻ ۽ انهن خلاف بغاوت ڪرڻ بهادر انسان جو مَرڪُ هوندي آهي. ڪاڪا صديق صاحب ۱۹۹۷ع جي اليڪشن ۾ انهيءَ سيٽ تان اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو جتان مخدوم صاحبان بلامُقابله کٽيندا رهيا هئا ڇو ته هالا جي اڪثر راڄن ۽ برادرين جا ماڻهو سندن مُريد هئا جن ۾ ڪاڪا وري چوٽ چڙهيل هُئا ۽ آهن. جيتوڻيڪ غريب جو ٻار اليڪشن کٽي ڪونه سگھيو پر سخت مقابلو ڪيائين. سنڌ ۾ هڪ انقلابي سوچ جو بنياد وڌائين ته مُرشد کي ڏڻ ڏيو پر ووٽ نه ڏيو.

سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ فيسبڪ تي پاڻ تمام گھڻو سرگرم رهيو. سڄيءَ سنڌ ۾ پنهنجي سياسي شعور، کري مزاج ۽ بيباڪيءَ جي ڪري ته مشهور هو. مضبوط دليلن سان گفتگوءِ ڪرڻ جي فن تي جيڪا ڪمانڊ کيس هئي اهڙو هُنر ڪِن ٿورن کي ايندو هوندو. پنهنجي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو مڪمل توجھه پاڻ ڏانهن ڪرڻ ۽ کين پنهنجو هم خيال بنائڻ هن لاءِ پَلَ جو کيل هو.

سنڌ سندس جند جان هئي تنهن ڪري سنڌي نوجوانن جي سياسي تربيت لاءِ مختلف تحريرون ونڊيندو رهيو. سندس اهي پوسٽون کڻي جي ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ته بهتر ٿيندو. ۲۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي منهنجي ڏاڏاڻي ڏيھ جو شهزادو مختصر علالت کان پوءِ راھ رباني ٿيو. الله سائين کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جايون ڏئي.

 

(شھربانو ڪاڪا جي فيسبڪمٽائيم وال تان ۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا