; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر شاهنواز شيخ

14 September, 2020

ڊاڪٽر شاهنواز شيخ

ڊاڪٽر شاهنواز شيخ

ڀرپور مصروف زندگي گذاريندڙ

خالد حسين چنا



هر ماڻهو جي خواهش هوندي آهي ته هو ڀرپور خوشين واري زندگي گذاري پر ائين حقيقت ۾ ٿورا ماڻهو ڪري سگهندا آهن. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته اهي غلط وقت يا غلط جڳھ تي پيدا ڪيا ويا آهن. ماڻهو اڪثر ماحول ۽ گهربل شيون نه هجڻ ڪري محرومين جون شڪايتون ڪندا آهن ۽ پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندا آهن پر ڊاڪٽر شاهنواز شيخ  جي زندگي جي هر دور۽ هر رخ ڀرپور تحرڪ وارو رهيو آهي. هو هميشه دوستن، يارن، ننڍن، وڏن ماڻهن، استادن شاگردن ۽ هر طبقي جي ماڻهن جي وچ ۾ متحرڪ ۽ ڀرپور  وقت گذاريو آهي.


ڊاڪٽر شاهنواز شيخ جو جنم تاريخ ۰۶/۰۴/۱۹۶۵ شھدادڪوٽ شھر ۾ ٿيو. پر هن جو اصلي ڳوٺ چوھڙپور، ديھه آگاڻي تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو آھي، جتان هن جو والد حاجي ھدايت الله خان، شاديءَ کان پوءِ چوھڙپور مان شھدادڪوٽ شھر شفٽ ٿيو. هن پنھنجي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري مھراڻ اسڪول مان حاصل ڪئي. جتي هو ننڍي لاءِ کان وٺي تمام گھڻو متحرڪ، پر اعتماد ۽ ملڻو جلڻو شاگرد هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو ٻاراڻي وھي ۾ گلن جھڙا ٻارڙا شھدادڪوٽ جو صدر ٿيو. پھريائين چڻنگ سنگت شھدادڪوٽ جو صدر ۽ بعد ۾ چڻنگ سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل رھيو. ڊاڪٽر شاهنواز شيخ جون چڻنگ سنگت، گلن جھڙا ٻارڙا، گل ڦل، روزاني نجات، آفتاب، سنڌ ٽائيمس، سنڌ نيوز، جاڳو، برسات، عبرت، عبرت مئگزين، عوامي آواز، ھلال پاڪستان، ھلال ميگزين، لطيف ڊائجسٽ، ھفتيوار اخبار جهان، ٽه-ماھي مھراڻ، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون، ڪھاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون شايع ٿيون.

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ سگا شھدادڪوٽ برانچ سان وابستگي رهي ۽ بعد ۾ باقاعده ميمبر ان وقت جي سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مظهر ميمڻ صاحب جي ھٿان ٿيو. هن سگا شهدادڪوٽ جي صدر ٿيڻ بعد ڪيترن نون ساٿين کي ميمبر ڪيو جن ۾ آئون (خالد حسين چنا) به شامل آهيان. ڊاڪٽر شاهنواز شيخ سگا شھدادڪوٽ برانچ جو ۲ ڀيرا صدر رهيو، ان دوران هن سگا شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري محترم ممتاز وڌو ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي رمضان شريف ۾ ٽن ڏينھن واري سگا عيد بچت بازار موجوده سائين خدابخش سومرو مين پرائمري اسڪول شھدادڪوٽ ۾ لڳائي، جتي ھول سيل ريٽ تي ضرورت جون شيون ماڻھن کي فراهم ڪيون ويون، ان کان سواءِ ٻارڙن توڙي عورتن جي تفريح لاءِ پڻ انتظام ھيو، جنھن ۾ ڏينھن جو عورتون ۽ شام جو مرد خريداري ڪندا هئا جيڪو وڏين تڪليفن، رڪاوٽن، شيطان صفت ماڻھن جي ڪريل حرڪتن باوجود، الله پاڪ جي ٻاجھ، سگا جي سمورن دوستن جي محنت، سچائي ۽ شھر جي سڀني سياسي، سماجي، مذھبي، ادبي، پڙھيل لکيل، سلجھيل دوستن ۽ صحافين جي ساٿ سان شھدادڪوٽ شھر جو ھڪ منفرد، منظم، بھترين نه وسرندڙ ۽ يادگار پروگرام ثابت ٿيو.

ان کان سواءِ ڊاڪٽر شاهنواز شيخ جي وقت ۾ٻوڏ جي ستايلن لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپس جن ۾ جنرل، ڪن نڪ ڳلي، ڇاتيءَ، چمڙي ۽ ٻين مختلف بيمارين جي علاج جون ڪئمپون لڳايون ويون. پوليو خلاف مهم ۾ پڻ حصو ورتو ويو، ھيپاٽائيٽس جي آگاھي لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ۽ ڪيترن ئي غريب ماڻھن جي مفت چڪاس ڪئي وئي.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلعي لاڙڪاڻي جو نائب صدر رھيو ۽، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي چانڊڪا مئگزين جو چيف ايڊيٽر، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن شھدادڪوٽ جو ۲ ڀيرا صدر ۽ ۱ ڀيرو جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو چڪو آهي.

شھدادڪوٽ سماج سڌار سنگت جي جنرل سيڪريٽري ھجڻ دوران، جنھن جو صدر مرحوم غلام نبي سومرو ھيو، هن شھدادڪوٽ شهر ۾ سماجي ڪمن ۾ اھم ڪم ان وقت ڪيو  جڏهن سڄي سنڌ ۾ ھيروئن جي وبا پنهنجي اوج تي ھئي ۽ اسان جي شھر شھدادڪوٽ جا نوجوان پڻ ان ۾ ججھي تعداد ۾ مبتلا ھيا. ھيروئن ۾ مبتلا نوجوانن کي ان عادت مان جند ڇڏائڻ لاءِ مختلف دوستن ۽ تنظيمن ساڻ گڏجي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي جيڪا موجوده گرلس پرائمري اسڪول ۾ وئيڪيشن دوران ۳۰ ڏينهن کان بہ وڌيڪ ھلي جنھن ۾ ڪافي نوجوان ھيروئن جھڙي گندي عادت ڇڏي ويا ۽ صاف سٿري زندگي گذارڻ لڳا. ان کان علاوه مختلف مفت طبي ڪيمپون، مختلف وقتن تي پڻ لڳايون ويون.

انگريزي اخبار روزاني ڊان، سنڌ ايڪسپريس ۽ سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ جرنلسٽ رھيو. ڪاليج مئگزين شھدادڪوٽ جو چيف ايڊيٽر هو. لطيف ادبي سنگت شھدادڪوٽ ڪاليج جي صدر ھئڻ دوران ڊاڪٽر شاهنواز شيخ ۱۹۸۱  ۾ شھدادڪوٽ ڪاليج جي ميدان تي  دوستن سان گڏجي هڪ يادگار جشن لطيف  ملھايو، جنھن جي صدارت استاد بخاري ڪئي ھئي، جنھن ۾ ان دؤر جي سنڌ جي ناميارن اديبن، شاھ لطيف جي پارکن، شاعرن، قلمڪارن، فنڪارن علڻ فقير، جيجي زرينا بلوچ، منظور سخيراڻي، قمر سومرو ۽ ٻين فنڪارن لطيف سرڪار کي ڳايو ھيو ۽ شھدادڪوٽ شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ماڻهن تمام گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ھئي.

شاگرديءَ واري زماني ۾ جنرل ضياء جي دور ۾ گرفتار ٿيو جنھن ۾ سي آئي سينٽر لاڙڪاڻو ۽ آرمي ڪيمپ ريلوي اسٽيشن قمبر سميت مختلف ھنڌن تي رکيو ويو، سي آئي سينٽر لاڙڪاڻو ۾ هن سان گڏ ساڳي ھٿڪڙي ۾ مرحوم سائين حسين شاه سجاول وارو به ھيو ۽ اهي تقريبن سورھن ڪلاڪ اڀا بيٺل ھيو، ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ هلايو ويو. بينظير ڀٽو صاحبه پنھنجي پھرئين وزارت اعظمي ۱ جي دور ۾، اھي ڪيس واپس وٺي، عدالتي حڪم وسيلي ختم ڪيا.

سال ۱۹۸۸ ۾ جڏهن ۰۱ آڪٽوبر تي فاشسٽ لساني گروھ، ايم ڪيو ايم جي رهزنن ۽ قاتلن طرفان، بيگناھ سنڌي ماڻهن جو ڪراچي ۾ قتل عام ڪيو ويو، ان وقت سگا مرڪز پاران پھرئين ايمبولنس سروس جي شروعات لاءِ چندي جي اپيل ڪئي وئي ته سگا مرڪز کي شھدادڪوٽ جي شاگردن پاران ۵۰۰۰ ھزار donation جمع ڪرايا ويا.

ڊاڪٽر شاهنواز شيخ صاحب مختلف وقتن تي ڪيتريون ئي ذميواريون نڀائيندو ٿو اچي. ۲۰۱۱ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر (اي ڊي ايڇ او) ضلعو قمبر-شھدادڪوٽ ٿيو. ۲۰۱۲ ۾ ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر (اي ڊي او ھيلٿ) ضلعو قمبر/شهدادڪوٽ هو. ۲۰۱۶، ۲۰۱۷, ۲۰۱۸ ۾ مختلف وقتن تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) ضلعو قمبر-شھدادڪوٽ رهيا. مارچ ۲۰۱۹ کان ھن وقت تائين پرنسپال پاڪستان پيراميڊيڪل انسٽيٽيوٽ (پي ايم آءِ) لاڙڪاڻو آھي ۽ هر هنڌ هن ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته هو پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪري قوم جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪري. رب پاڪ کان دعا آهي ته هو جتي به هجي پنهنجي اهل عيال سان خوش هجي.

پهريون ڊرافٽ........ ۱۹. ۰۷. ۲۰۲۰

No comments:

راءِ ڏيندا