; سنڌي شخصيتون: عابد چنا

13 September, 2020

عابد چنا

عابد چنا

سگا شاهپور چاڪر جي متحرڪ رضاڪار جي زندگي ۽ خدمتن جو مختصر احوال.....

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن هڪ وڏي سماجي تنظيم آهي جيڪا گذريل اڌ صديءَ کان پرامن خوشحال سنڌ لاءِ رضاڪاراڻي قومي فرض سمجهي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ خدمت ڪري رهي آهي. هزارين باشعور گريجوئيٽ رضاڪار بنا ڪنهن مٽ ڀيد، مذهبي يا سياسي فرق جي پنهنجن مسڪين بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي.


تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا..

سگا جا ساٿي جتي به هجن خدمت جو جذبو قائم رکندا اچن. هر محاذ تي سنڌي ماڻهن لاءِ ڪوششون جاري رکندا اچن. سنڌ جي معياري تعليم، بهتر صحت ۽ روشن مستقبل لاءِ سگا سالن کان وٺي مختلف پروگرامن ۽ پروجيڪٽ ذريعي يا عوامي جاڳرتا پيدا ڪري پنهنجن حقن جو شعور ڏيڻ جي جدوجهد پئي ڪئي آهي. سڄي سنڌ ۾ اهڙن رضاڪارن جي خدمتن جي ڪري سگا هڪ ساک رکندڙ اداري طور سڃاتو وڃي ٿو.

هي ڳالهه گهڻي پراڻي ڪونهي. ۲۰۱۹ع ۾ سگا شاخن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي ٻه دفعا ڪنٽري سائيڊ شيليٽ ملير ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن جي ورڪشاب ڪرائي وئي. جنهن ۾ اسان ۱۰۰ ڪائونسل جا ميمبر (مختلف سگا شاخن جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري) گهرايا سي ۽ انهن کي پنهنجي شاخ ۾ سماجي ڪم ڪار ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ رضاڪار ٿئي قوم جي خدمت ڪرڻ واري جذبي کي اجاگر ڪيو سي. مختلف ماهر ۽ نالي وارا ۱۳ ٽرينر گهرايا سي. محترمه شهلا رضا ۽ محترم تاج حيدر مهمان خاص رهيا. ورڪشاپ يادگار ۽ ڪامياب رهي. تجربا سٺا ٿيا. هڪڙو تجربو خاص نسبت سان هتي لکجي ٿو ته اسان ڪيترن ئي ماهر ٽرينرز کي جڏهن ورڪشاپ ۾ سيشن جو عرض پئي رکيو سين ته انهن لاءِ گاڏي ۽ آنريريم وغيره به طئي ڪرڻو پئي پيو. انهن مان عابد چنه صاحب چيو ته وقت، ٽاپڪ ۽ جڳھ ٻڌايو هو پاڻ اچي ويندو. هن جي رضاڪارانه جذبي ۽ سگا سان بي لوث سلهاڙيل هجڻ جي مون کي ان وقت ڄاڻ پئي. هن ورڪشاپ جو سيشن انتهائي بهترين نموني ورتو.

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھائيو.

عابد چنا جو ڄم شاهپور چاڪر جي هڪ غريب گھراڻي ۾ ٿيو سندس والد محترم علي محمد چنا روينيو ۾ ڪوٽوار هو عابد پنهنجي پرائمري پڙھائي پنهنجي ئي ڳوٺ شاهپور چاڪر مان حاصل ڪئي جڏهن ته انٽر سچل ڪاليج نواب شاه مان ڪئي ان کان پوء ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ۽ لا ڪئي.

اڪيڊمڪ تعليم سان گڏ مختلف اخبارن۾ ڪالم ۽ رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکندو رهيو سندس عادتن ۾ نوجوانن کي همٿائڻ مطالعو ڪرڻ ۽ راڳ ٻڌڻ آھي پاڻ سنڌي راڳ جي هئيت تي تحقيق پڻ ڪري رهيو آھي دنيا اندر سماجي ترقياتي ۽ سياسي اٿل پٿل تي گھري نظر رکندڙ آھي شاگردي واري دور ۾ کاٻي ڌر جي سياست پڻ ڪئي اٿائين سگا لاء سندس خدمتون هر وقت حاضر آھن هو سماج ڪمن جي روايتي انداز کي پسند نٿو ڪري بلڪه جديد اصول پٽاندر لاجيڪل فريم ۾ رهندي گھڻو ڪم ٿوري وقت ۽ ٿورن پئسن ۾ ڪرڻ جو حامي آھي.

عابد چنه سنڌ جو مڃيل ٽرينر ۽ سوشل موبيلائيزر آھي جنهن جو اظھار کيس مليل ايوارڊ ۽ سرٽيفڪٽ ڪن ٿا. سگا پڻ ۲ دفعا کيس سلور ميڊل پارائي چڪي آھي.

اهو به عجيب اتفاق آهي ته اسان جي سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ سگا جي اڳوڻي سيڪريٽري روزگار عابد چنا جو جنم ڏينهن ۴ جون آھي عابد چنا سگا جو پراڻو ساٿي ۽ جفاڪش آھي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران سندس شام جو اڪثر وقت سگا جي آفيس ۾ ڪم ڪندي گذريو پاڻ جيتوڻيڪ شاهپور چاڪر جي شاخ جو ميمبر رهيو پر روزگار جي حوالي سان مختلف شھرن ۾ رهڻ ڪري اتي جي دوستن سان گهري راڀطي ۾ رهيو سگا سان هلندي کيس ملڪ جي سڀ کان وڏي NGO NRSP ۾ نوڪري ملي جتان کيس ٽرينر جي مهارت ملي جيڪا هي وقتن فوقت اڃا تائين سگا لاء ارپيندو رهندو آھي سندس مئنيجمنٽ ۾ سگا جو هڪ وڏو پروجيڪٽ جيڪو پاڻي متعلق هو سو هليو پر بدقسمتي سان انهي ويل پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ورلڊ بئنڪ اها فنڊگ بند ڪري ڇڏي عابد چنا پنهنجي سڀاءَ ۾ سادو ۽کل مک هڏ ڏوکي ساٿي طور نڀائيندو اچي سندس سوچ جو مهور خوشحال سنڌ آھي هو مختلف ڪانفرنسن ۽تربيتي پروگرامن ۾ دنيا جا اٽڪل ۳۲ ملڪ ڏسي آيو آھي.

عابد چنه صاحب ھنئر سڪار فائونڊيشن جو سربراه آھي پر سگا لاء سندس خدمتون هر وقت حاضر آھن. رب پاڪ کان دعا آھي ته ھو پنھنجي اهل عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان زندگي گذاري ۽ پر امن خوشحال سنڌ جي قيام لاءِ جدوجهد جاري رکي! آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا