منظور مگسي
آشائن جا ديپ جلائي،
سپنا سوچيندڙ شاعر - ستين سالوار سار جي موقعي تي
مٺل جسڪاڻي
يار! يار ڪو وسرندا
به آهن ڇا؟ نه. يار نه وسرندا آهن. اها ٻيءَ ڳالهه آهي، ته زمانيگيري ۾ ڪڏهن
يارگيري، ته ڪڏهن وري يارگردي به ٿي ويندي آهي!
منظور مگسي، پي ٽي
وي تي جيڪا شهرت ۽ سڃاڻپ ماڻي، ان کان اڳ هو اسان جو دوست هو. اسان جي سنگت کان
پهرين ڇا هو، اها خبر نه آهي، پر جيستائين اسان هڪ ٻئي جي سنگت ۾ هئاسين، منظور
مگسي گهڻن دوستن ۾ رابطي جو ذريعو به هو.
منظور جي ڪوشش سان ٽنڊوڄام
شهر ۾ س ا س جون گڏجاڻيون ٿيڻ شروع ٿيون هيون. جن ۾ ٽنڊوڄام ۽ آس پاس سميت ٻين
شهرن مان به شاعر ۽ اديب اچي، ادبي رنگ رچائيندا هئا.
جڏهن منظور مگسي
گورنمينٽ هاء اسڪول ٽنڊوڄام فارم ۾ استاد هو. اتان سندس سنگت ۾ ادب سان دلچسپي رکندڙ
دوست وڌيا. سائين لائق سنڌي سان ياري ٿيس. سائين حيدر علي لغاري جي صحبت ۾ اٿڻ ويهڻ
لڳو، پوءِ ته سندس دوستن جو حلقو اڃا به وڌيڪ وڌي ويو.
ان زماني ۾ منظور
شاعري شروع ڪئي، اڳتي هلي، سنگت جي صلاح ۽ ونڊي ورڇي ڪم اڪلائڻ جي وچن سان، هاڪڙو
پبليڪيشن جو سلسلو شروع ڪيو ويو. مالي سيڙهپ منظور جي، مواد گڏ ڪرڻ لاء ڪڏهن ڪو ته
ڪڏهن ڪو، هڪ ٻن ڏانهن آئون به ساڻس گڏجي ويو هئس.
منظور طبيعت ۾
رنگين هو! هُو ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳ به سٺا ڪندو هو! هڪ ڏينهن آئون، شهر ۾، ڪنهن ناچاڪ
مائٽ لاءِ، دوا جي پرچي سميت ميڊيڪل اسٽور تي پهتس، ان اسٽور تي اسان دوست ويهندا،
ڪچهريون ڪندا هئاسين. ان ڏينهن به منظور اتي ويٺل هو. جيستائين مون اسٽور هلائيندڙ
دوست کان دوائون ورتيون، تيستائين منظور منهنجي سائيڪل ڪاهي، پاسي واري دڪان تي
بيهاري، اچي ويهي رهيو. آئون دوائون کڻي، سائيڪل ڏانهن وريس، ته سائيڪل نه ڏسي،
حيران پريشان ٿي پيس!
سائيڪل جي پڇا جو ڪيم،
وائڙو جو ٿي پيس، منظور مون کي آٿت ڏئي، پريشان نه ٿيڻ جو چئي، مون سان گڏ سائيڪل ڳولرائڻ
هليو. آئون ڪيڏانهن ٻئي پاسي وڃان ته هي اتان روڪي، آخرڪار ان دڪان تي وٺي آيو،
جتي هو منهنجي آندل سائيڪل ڇڏي ويو هو، ۽ مون کي چوڻ لڳو هن دڪان تي بيٺل سائيڪلون
ڏس، متان تو واري به اتي بيٺل هجي.
آئون پنهنجي نه، ڪنهن
ٻئي کان سائيڪل کڻي آيو هئس، ان ڪري ججهين سائيڪلن ۾ اها سڃاڻي نه سگهيس. مون
بيزاري مان چيو يار دوائون جلدي پهچائڻيون آهن. آئون وڃان ٿو. ان کان پوءِ هن مون
کي پنهنجي شيءِ سڃاڻڻ جي تاقيد ڪندي، سائيڪل ڏيکاري، ۽ آئون اتان روانو ٿي ويس.
منظور مگسي جڏهن پي
ٽي وي تي ويو هليو، گهڻو عرصو ڪوئيٽه ٽي وي اسٽيشن تي رهيو، ته پري به ٿي ويو ۽
اتي پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ ڪم ۾ به لڳي ويو، ته مصروف به ٿي ويو.
نتيجي طور ملاقاتون اڳ ۾ ئي گهٽ، مٿان وري خط پٽ جو به وقت سر جواب مشڪل ٿي پيس، پوءِ
هو اديب دوستن مان گهڻن کان ڪٽجي ويو!
جڏهن منظور ڪراچي ٽي
وي تي بدلي ٿي آيو، تڏهن رابطو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ٿي، پر ان ۾ به جٽاءُ نه ٿي
سگهيو! سبب ڪو هڪ نه، گهڻا هئا، اهم سبب سڀ دوست واندڪائي جي عمر کان وڏا ٿي وڃڻ
هو! ذميواريون وڌي ويون هيون. ماحول مٽجي ويو هو. زندگي نيون ذميواريون کڻي، نئين
سمت ۾ هلڻ لڳي هئي.
منظور جتي به رهيو،
اتي دوست پيدا ڪيائين. جڏهن وڇڙيو، ته سندس وڇوڙي تي، اڪثريت منظور جي اهڙن دوستن
جي هئي، جيڪي منظور جا ته دوست هئا، پر منظور جي ٽنڊوڄام واري سنگت مان اڪثريت کي
نه سڃاڻڻ وارا گهڻا هئا.
منظور مگسي جو هي
غزل هاڪڙو پبليڪيشن جي پهرين ڪڙي ”کليل آڪاس“ ۾ ۱۹۸۶ع ۾ ڇپيو. في الحال اوهان هي پڙهو، سندس سان
منسلڪ ٻيون ساروڻيون، ڪنهن ٻئي دفعي...
ويون لوڙهي ويرون
آهن، منهنجي من ۽ جيون کي،
ڪنهن نه روڪيو ڪنهن
نه ٽوڪيو، ساگر تنهنجي ڇولين کي.
اچي يادن پها اُکيڙيا،
من مندر جي گهاون جا،
وهي ڦٽن مان رت
هليو، پرچائڻ پنهنجي ساجن کي.
اکيون اوجاڳيل، دل
ويراڳي، ۽ پٿرن پارا پنڌ،
حال هيڻا ڏسي
دکيارا، روئڻ آيو رستن کي.
لڪي لڪي نير وهايا،
پويان سج پهاڙن جي،
ماڻهو ماڪ سمجهن
پيا، لاڙيل تنهنجي لڙڪن کي.
شور ڪيڏانهن ويو
شهرن جو، ۽ راهن بنا راهي اڄ،
چرين جيان ڳولين
پيا، گم ٿيل پنهنجي جوڀن کي.
آخر روشن ڏينهن به
ايندا، ڪيسين ڪاري رات رهندي،
آشائن جا ديپ
جلائي، سوچيان ويٺو سپنن کي.
ياد رهي ته پاڪستان
ٽيليويزن جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ شاعر منظور مگسي ۱۵ اپريل ۱۹۵۱ع تي موسيٰ کٽياڻ شهر لڳ سندس اباڻي ڳوٺ،
رئيس گهرام خان مگسي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ۱۹۸۵ع ۾ پي ٽي وي ۾ پروڊيوسر جي حيثيت ۾ نوڪري
شروع ڪئي. هن پي ٽي وي وسيلي ڌٻڻ، ڄار، دراڙين، بدلتا رنگ، مور اڏاڻا مور جهڙا
يادگار ڊراما ۽ سٺا اداڪار ڏنا. سنڌي سميت اردو ۾ ڪيتريون ئي مقبول سيريلس پيش ڪرڻ
تي، هن مڃتا طور پي ٽي وي ۽ لڪس ايوارڊ سميت ٻيا به ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا.
منظور مگسي ۲۰۱۱ع ۾ رٽائرڊ ٿي ويو هو. ان کان پوءِ، ڪجهه
عرصو بيمار رهڻ بعد پهرين سيپٽمبر ۲۰۱۳ع آچر جي ڏينهن صبح جو ۱۱ وڳي ڌاري ڪراچي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ لاڏڻو
ڪيو. وفات ڪرڻ وقت مرحوم منظور مگسي جي عمر اٽڪل ۶۲ سال هئي. هن پونيئرن ۾ ۹ پٽ، ۲ نياڻيون ۽ ۲ بيواهون ڇڏيون. مرحوم جو مڙهه شانتي نگر، ڪراچي
۾ جنازي نماز جي ادائيگي بعد تدفين لاءِ، سندس اباڻي ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ لڳ ٽنڊوڄام نيو
ويو. سندس جنازي نماز ۾ ناليوارن فنڪارن، پي ٽي وي جي رٽائرڊ پروڊيوسرن سوڌو، مختلف
شعبن سان تعلق رکندڙ ٻين به ڪيترين ئي شخصيتن سوڌو، وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن پڻ شرڪت
ڪئي.
”آشائن جا
ديپ جلائي“ سپنا سوچيندڙ اسان جي پياري دوست منظور مگسي جي ستين سالوار سار جي
موقعي تي کيس سندس ئي لفظن ۾ ڀيٽا طور ”ويون لوڙهي ويرون آهن، منهنجي من ۽ جيون کي“
لکڻ ڪافي ٿو سمجهان.
(مڊ ويڪ اسپيشل، روزاني عبرت حيدرآباد، اربع ۰۲ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع)
No comments:
راءِ ڏيندا