; سنڌي شخصيتون: پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو

14 September, 2020

پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو

پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو

سگا خيرپور ميرس جو بي لوث رضاڪار جي زندگيءَ جو مختصر تعارف

خالد حسين چنا



سگا جا ساٿي، آهن گهر جا ڀاتي جو نعرو هڻندڙ سگا سان بي لوث پيار ڪندڙ سائين غلام قادر ڦلپوٽو واقعي ايندڙ ويندڙ سگا جي ساٿين جي مهمانوازي ۽ پنهنجائپ گهر جي ڀاتين وانگر ڪندو آهي. هن جي ڪچهري جو انداز ۽ گفتگو، پيار ۽ پنهنجائپ جو انداز ئي نرالو هوندو آهي. هو اڪثر ڪري چوندو آهي ته سگا ڇھ ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي امانت آهي، خدا نه ڪري جو سگا جي خيانت ڪجي. اهو ئي سبب آهي جو هو هن عمر به سگا جي ساٿ ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو هر گڏجاڻي ۽ ڪنوينشن ۾ باقاعدگي سان شرڪت ڪري ٿو. سگا جي سرواڻن ۽ رضاڪارن سان محبت ڪري ٿو.


پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو ضلعي خيرپور تعلقي ڪنگري جي ننڍڙي ڳوٺ ڇَتو عرف حَسنُ ڦلپوٽو ۾ تاريخ پهرين ڊسمبر ۱۹۴۵ع ۾ ڄائو. هن جي والد جو نالو رب ڏنو ڦلپوٽو آهي. پاڻ شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دائود ڦلپوٽو ۽گورنمينٽ APC اسڪول مان حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير ڳوٺ مان ۱۹۶۲ع ۾ حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ممتاز ڪاليج خيرپور مان بي ايس سي رياضي ۾ پاس ڪيائين. بي ايڊ جو امتحان ۱۹۷۱ع ۾ سکر مان پاس ڪيائين. ۱۹۷۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم ايڊ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۸۱ع ۾ اسٽيٽسٽڪس ۾ ايم اي سي پاس ڪيائين. پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو جي زندگيءَ پڙهڻ پڙهائڻ ۽ عملي جدوجهد ۾ گذري آهي. هو پاڻ به سچو، کرو ۽ لحاظ وارو آهي ۽ هن کي ماڻهو به محنتي ۽ سچا وڻندا آهن.

سائين غلام قادر جن پنهنجي تعليم  پرائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪيرئير کي گڏ کڻي هليو. پاڻ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۶۹ع کان ڪيريئر جي باقاعده شروعات ڪئي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀنگو بِهڻ ۾ بطور سائنس ٽيچر مقرر ٿيا. جنهن دوران هڪ سال ڪوٽڏجي ۽ هڪ سال صوڀوديرو ۾ سائنس ٽيچر رهيا. جنهن کان پوءِ ۱۹۸۳ع تائين ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ بطور سائس ٽيچر رهيا. ۴ مارچ ۱۹۸۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو خيرپور ڪئمپس ۾ اسٽيٽڪس يعني شماريات جا ليڪچرار ٿيا.

يونيورسٽي گرانڊس ڪميشن (HEC) اسلام آباد مان ۲ ڊسمبر کان ۲۱ فيبروري ۱۹۸۵ع مان  هڪ ڪورس به ڪيو. ۱۹۸۷ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ شاه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن (SALUTA) جو نائب صدر ٿيا ۽ ۱۹۸۸ع ۾ قائم مقام صدر، ۽ ۱۹۹۳ کان ۱۹۹۵ع تائين ٻه ڀيرا صدر رهيا. ساڳي ئي يونيورسٽي ۾ ۹ سال يعني ٽي ڀيرا ۱۹۹۲ کان ۱۹۹۹ع تائين سينيٽ (Senate) جو ميمبر چونڊجي ويا. ان کان علاوه SALU يونيورسٽي ۾ ۱۹۹۷-۱۹۹۸ع ۾Supervisory Committee  جو ميمبر ۽ Education Section جا انچارج پڻ رهيا. ۱۹۸۵ع ۾ نيشنل فورم آف يونيورسٽي ليڪچررس ۾ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ رهيا. ان کان علاوه گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن (NOWA) ۾ ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪائونسل رهيا ۽ سينيئر سٽيزن ايڊوائيزي ڪاميٽي خيرپور جا ميمبر رهيا. حامي يادگار ڪاميٽي جا پڻ ميمبر رهيا.

۱۹۹۰ع ۾ سگا خيرپور شاخ جا ميمبر ٿيا. پاڻ شاخ جا متحرڪ ساٿي رهيا آهن. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان، SRSO جي سهڪار سان ۲۰۰۵ع واري زلزلي جي تباهه ڪارين ڪري ۲۰۰۷ ۾ خيبر پختنخواهه جو دورو ڪيو ۽ انگ اکر گڏ ڪيا. ۲۰۰۶ ۾ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج انڊيا جي وفد جو ميمبر بڻيا. ان وفد جا اڳواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جن هئا. ۲۰۱۳ ۾ دبئي ۾ انٽرنيشنل سيمينار آن پاورٽي اليويشن آف فارٽي اسلامڪ ڪنٽريز ۾ شرڪت ڪئي.

سائين غلام قادر صاحب کي ڪارڪردگين جي مڃتا عيوض ۱۶-۲۰۱۵ع ۾ سگا طرفان لائيف اچيومينٽ ايورڊ سان نوازيو ويو. ان کان علاوه نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج طرفان آنرري شيلڊ ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن طرفان آنرري شيلڊ پڻ حاصل ڪئي اٿن.

پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو اڄڪلهه پنهنجي ڳوٺ ۾ وقت گذاري ٿو. هو ڳوٺ ۾ پنهنجي باغ جي آبياري ڪري ٿو ۽ الله تعالي جي عبادت ۾ وقت گذاري ٿو. رب پاڪ کان دعا آھي ته ھو پنھنجي اهل عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان باقي وقت گذاري! آمين

پهريون ڊرافٽ ۵ آگسٽ ۲۰۲۰ع


No comments:

راءِ ڏيندا