; سنڌي شخصيتون: ايشور لال ناگديو

14 September, 2020

ايشور لال ناگديو

ايشور لال ناگديو

مسلسل محنت ڪندڙ شخص.....

خالد حسين چنا



شهدادڪوٽ شهر جي آس پاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ مسلسل انگريزي پڙهائيندڙ نوجوان ايشور لال جي گهر وارن ۽ هم ڪلاسي دوستن کي اندازو ڪونه هوندو هو ته هو اڳتي هلي ايترا سٺا ۽ ڪامياب شاگرد پيدا ڪندو جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل وغيره هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪارگر انسان ٿيندا آهن. ڇو ته شروعاتي دور ۾ ايشور لال عام شاگردن مان هڪ هو ۽ هن جي گهر وارا روز آڻڻ ۽ چاڙهڻ وارن گهراڻن مان هئا. هن جو والد شيلر تي منشي هوندو هو ۽ اهي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندا هئا.


هڪڙا ماڻهو پيدا ئي اتي ٿيندا آهن جتي علم ۽ ادب جو آبشار اڳ ۾ ئي هلندڙ هوندو آهي يا ڌن دولت ۽ وڏي نالي ناموس سان اڳ ۾ ئي زندگي جو چرخو هلندڙ هوندو آهي. پر ايشور لال بلڪل زيرو کان شروع ڪيو. هن مسلسل سخت محنت ڪري ٻين کي ڪامياب ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي.

ايشور حال ناگديو ۰۵ اپريل ۱۹۷۷ع تي سرڳواسي روپ چند جي گهر هندو محله شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. منهنجي هن سان ملاقات  Bright Future English Classes ۾ ٽيوشن  پڙهڻ  دوران ٿئي. جتي  محترم استاد پروفيسر غلام علي ٻرڙو صاحب موجوده صديقي پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ ۾ پڙهائيندو هو. جيتوڻيڪ اسين ساڳئي سال ۱۹۹۲ع ۾ ميٽرڪ ڪئي ۽ ڪاليج به ساڳئي سال ۱۹۹۴ع ۾ پڙهياسيون.

ايشور لال سان  ڪيترا ئي پروگرام گڏجي ڪيا سي. هڪ ٻئي جي ريس تي سخت محنت ڪئي سي. ڏينهن راتيون گڏ گذاريون سي. سردي گرمي ۾ علمي ادبي محفلون گڏ رچايون سي. هو نهايت باڪردار ۽ سنجيده دوست رهيو آهي. گڏجي ٽيوشن پڙهڻ دوران مون ايشور لال کي هميشه محنت ڪندڙ، هوشيار ۽ بهترين شاگرد ڏٺو. محترم سائين غلام علي ٻرڙو  اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي وڃڻ کانپوءِ ايشور لال ۲۴ مارچ ۱۹۹۴ع ۾ پنهنجو ٽيوشن سينٽر نالي Moon light English Classes قائم ڪيو ۽ مون ۲۸ نومبر ۱۹۹۴ع ۾ سچل سارو سچ درگاهه نالي ادارو قائم ڪيو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهن.

شهدادڪوٽ جي تعليمي ميدان ۾  ايشور لال هڪ مسلسل محنت ۽ جدوجهد جو نالو آهي هن پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ٻئي جاري رکيو. ۲۰۰۳ع ۾ ايم سنڌي ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ايم اي انگلش ۽ ايم ائيڊ ڪئي. ايشور لال هڪ مسلسل محنت ۽ جدوجهد جو نالو آهي. هن ۲۴ مارچ ۲۰۰۴ع ۾ مون لائٽ پبلڪ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو معياري تعليم ڏئي رهيو آهي.

استاد جو سماج سان گهرو ڳانڍاپو رهندو آهي ان ڪري پڙهڻ پڙهائڻ کان علاوه سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. ايشور لال به سگا جو هڪ متحرڪ ميمبرٿي رهيو. ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۶ تائين ۽ ۲۰۰۶ کان ۲۰۰۹ تائين سگا شهدادڪوٽ شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. هن پنهنجي دور ۾ سگا جي ساٿين سان گڏجي ڪيترا ئي سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي. دل ۾ سوراخ جي معصوم ٻارڙن جو انڊيا مان سگا جي پليٽ فارم تان مفت ڪامياب علاج ڪرائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو.

هن وقت شهر جي ٻرندڙ مسئلن تي پنهنجو سگهارو آواز ايوانن ۽ وس وارن تائين پهچائيندو رهي ٿو. ان کان علاوه وڪالت ڪري ٿو. اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر سنڀالي ٿو. رب پاڪ کان دعا آهي ته اهڙن ماڻهن جي زندگي هميشه خوشين سان مالا مال ڪري، جيڪي ٻين ڪارڻ جيئن ٿا. رب پاڪ محترم ايشور لال کي پنهنجي اهل عيال سميت خوشحال ڪري ۽ هر مصيبت کان محفوظ رکي. آمين.

No comments:

راءِ ڏيندا