; سنڌي شخصيتون: ايشور لال ناگديو، خالد حسين چنا، شهدادڪوٽ، سگا،
Showing posts with label ايشور لال ناگديو، خالد حسين چنا، شهدادڪوٽ، سگا،. Show all posts
Showing posts with label ايشور لال ناگديو، خالد حسين چنا، شهدادڪوٽ، سگا،. Show all posts

14 September, 2020

ايشور لال ناگديو

ايشور لال ناگديو

مسلسل محنت ڪندڙ شخص.....

خالد حسين چنا



شهدادڪوٽ شهر جي آس پاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ مسلسل انگريزي پڙهائيندڙ نوجوان ايشور لال جي گهر وارن ۽ هم ڪلاسي دوستن کي اندازو ڪونه هوندو هو ته هو اڳتي هلي ايترا سٺا ۽ ڪامياب شاگرد پيدا ڪندو جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل وغيره هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪارگر انسان ٿيندا آهن. ڇو ته شروعاتي دور ۾ ايشور لال عام شاگردن مان هڪ هو ۽ هن جي گهر وارا روز آڻڻ ۽ چاڙهڻ وارن گهراڻن مان هئا. هن جو والد شيلر تي منشي هوندو هو ۽ اهي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندا هئا.