; سنڌي شخصيتون: گاجان خان واڍيلو

13 September, 2020

گاجان خان واڍيلو

گاجان خان واڍيلو

ڪراچي گڏاپ علائقي جو نه وسرندڙ ڪردار سگا رضاڪار جي زندگي جو مختصر احوال...

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سونهن ان ۾ آهي ته سڄي سنڌ مان هر ذات ۽ قبيلي جا ماڻهو غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت جي جذبي تحت هڪ ٿئي خدمت ڪن ٿا. مذهبي ۽ سياسي لڳ لاڳاپا پاسيرا رکي سماجي خدمت ڪري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي صرف رضاڪار هجڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا. سگا حقيقت ۾ هڪ اهڙي خيال ۽ نظريئي جو نالو آهي جيڪو قومي فرض سمجهي معاشري جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ بي لوث خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري. اهڙن ئي جذبن سان سرشار محترم گاجان خان واڍيلا به آهي.


واڍيلا قوم ايران جي علائقي دشت مان، جنهن کي مڪران به چوندا آهن. دشت جي معنيٰ ڀٽن وارو علائقو آهي جيئن سنڌ جو ٿر آهي. ۲۰۰ ڪلوميٽر تي چابار کان سيتان آهي، اڃا ساڳي حالت آهي. اتان کان ۱۹۱۴ع کان ۱۹۲۰ع ۾ سخت لڏپلاڻ ٿي. انهيءَ لڏ پلاڻ ۾ سندس ڏاڏو گاجان خان به لڏ پلاڻ ڪري پهريائين لالو کيٽ ڪراچي ۽ پوءِ گڏاپ ڪراچي ۾ ۱۹۲۰ع کان مستقل اچي رهيا. هتي گاجان خان ڳوٺ ديهه لنگنچي علائقي جو نالو گڏاپ آهي.

گاجان خان واڍيلو ۵ مئي ۱۹۵۱ع ۾ پيدا ٿيا. سندس والد جو نالو آدم خان واڍيلو هيو. ابتدائي تعليم ۲ ڪلوميٽر اڳيان ڪونڪر وليج مڪتب ۾ داخل ٿيا. انهيءَ دوران پرائمري اسڪول منظور ٿيو جتان ۱۹۶۱ع ۾ پرائمري تعليم پاس ڪيائين. هتي ۱۹۶۲ع ۾ مڊل اسڪول ٺهيو جتان عبدالحڪيم بلوچ، موجوده سابق وزير انور بلوچ ۽ محمد صديق ڊائريڪٽر سان گڏجي مڊل پاس ڪيائين. پوءِ سنڌ مدرسة اسڪول مان ۱۹۷۰ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ايس ايم ڪاليج مان انٽر پاس ڪيائين. انهيءَ دوران لساني جهڳڙن جي ڪري شاگرد تحريڪ ۾ حصو ورتائون جنهن ۾ رشيد بلوچ ۽ نور محمد گبول شهيد ٿيا. ۱۹۷۴ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شامل ٿيا. ڪيتوسافيڪل ۽ ڪٽرڪ هال ۾ جي ايم سيد جي سالگرهه ڪيائون. ۱۹۷۵ع ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪيائون. هِن وقت جي ڊپٽي سيڪريٽري عبدالله جي ميمڻ نوڪري ۾ رکرايو. ۱۹۸۰ع ۾ گاجان خان پرائيوٽ گريجوئيشن ڪري انجنيئرنگ پاس ڪيائين.

 ۱۹۷۸ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي لطيف ڪانگريس ۾ شرڪت ڪيائين، جتي سگا کان واقفيت ٿيڻ کان پوءِ سگا ۾ ميمبرشپ ڪرائي. سگا جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي شاخ جي مظهر ميمڻ ذريعي رورل ڪميٽي ۾ شامل ٿيا. هنن پهريائين کڏه لياري عبدالله هارون ٽرسٽ جي تعاون سان ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائي. ان کان پوءِ ابراهيم حيدري ۽ ميمڻ ڳوٺ گڏاپ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جي تعاون سان ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون.

سگا تي پابندي لڳڻ کان پوءِ شاخ جا قائم مقام صدر رهيا سرڪاري ملازم هوندي استعيفيٰ ڪا نه ڏنائون. پاڻ در محمد ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ ۽ ابراهيم حيدري ۾ ۱۹۸۴ع کان ۱۹۹۵ع تائين پابندي دوران به اکين جون ڪئمپون لڳرايون. ۱۹۸۹ع ۾ سگا پاران ٿيندڙ انٽرنيشل سچل ڪانگريس ۾ ڀرپور حصو ورتائون ۽ مهمانن لاءِ ٽن ڏينهن لاءِ رات جي ماني جو بندوبست پڻ ڪيائون. اهڙي طرح ۱۹۸۹ع کان ٻه ڀيرا CEC جو ميمبر ٿيا ۽ هڪ ڀيرو سيڪريٽري Employee به ٿيا. سرڪاري نوڪري ۱۹۹۰ع کان KMC جو آفيسر ٿيا جتان ۲۰۰۹ع ۾ اڪائوٽنٽ آفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. سال ۲۰۱۰ع جي ٻوڏ ۾ گڏاپ ۽ سچل ڳوٺ جي متاثرين جي رضاڪارانه ۽ پڻ مالي مدد ڪيائين. ۲۰۱۱ع ۾ پبلڪ اسڪول گڏاپ جي شروعاتي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪيائين.

۳۱ جولاءِ ۲۰۱۲ع ۾ طويل بيماري دوران وفات ڪيائين. پونيئرن ۾ ۵ پٽ، ۳ نياڻيون ۽ ۲ گهر واريون سوڳوار ڇڏيائين. هن جون بي لوث خدمتون هن جي جياپي جو سبب آهن. علائقي جا ماڻهو اڄ به هن کي ياد ڪن ٿا. رب پاڪ کان دعا آھي ته الله تعالي هن کي جنت ۾ اعلي مقام عطا فرمائي. آمين

گاجان خان واڍيلا بلوچ سگا جو انتهائي مخلص ڪارڪن رهيا. سگا جي مختلف ڪنوينشن، سالگراهن ۽ مختلف پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪيائين. گاجان خان واڍيلو سدائين وڏن سياستدانن سان گڏ رهيا. ڪيترن ئي وڏن آفيسرن سان دوستيون هونديون هيون. ان کان علاوه قائداعظم پبلڪ اسڪول جو باني ميمبر هيا. سٺو زميندار به هيا. سبزي منڊي ۾ به چيئرمين رهيا. ڪيترين ئي نياڻين کي ڏاج به ڏنائين ۽ ڪيترن شاگردن کي پڙهائي ۾ مدد ڪيائين. ڳوٺ ۾ گرلز اسڪول، واٽر سپلائي ۽ ٻيون اسڪيمون منظور ڪرايائين.

پهريون ڊرافٽ...تاريخ ۲۳ جون ۲۰۲۰

No comments:

راءِ ڏيندا