; سنڌي شخصيتون: محترم گاجان خان واڍيلو، ڪراچي، گڏاپ، سگا، خالد حسين چنا،
Showing posts with label محترم گاجان خان واڍيلو، ڪراچي، گڏاپ، سگا، خالد حسين چنا،. Show all posts
Showing posts with label محترم گاجان خان واڍيلو، ڪراچي، گڏاپ، سگا، خالد حسين چنا،. Show all posts

13 September, 2020

گاجان خان واڍيلو

گاجان خان واڍيلو

ڪراچي گڏاپ علائقي جو نه وسرندڙ ڪردار سگا رضاڪار جي زندگي جو مختصر احوال...

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سونهن ان ۾ آهي ته سڄي سنڌ مان هر ذات ۽ قبيلي جا ماڻهو غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت جي جذبي تحت هڪ ٿئي خدمت ڪن ٿا. مذهبي ۽ سياسي لڳ لاڳاپا پاسيرا رکي سماجي خدمت ڪري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي صرف رضاڪار هجڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا. سگا حقيقت ۾ هڪ اهڙي خيال ۽ نظريئي جو نالو آهي جيڪو قومي فرض سمجهي معاشري جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ بي لوث خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري. اهڙن ئي جذبن سان سرشار محترم گاجان خان واڍيلا به آهي.