; سنڌي شخصيتون: ماما وشن ٿري

11 September, 2020

ماما وشن ٿري

ماما وشن ٿري

ٿر ۾ انسانيت جو شيوڪ

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ



مامي وشن ٿري تي هي لفظ لکڻ وقت آئون ڀڳتي تحريڪ جي سگھاري شاعر نرسي مهتي جو هيءُ گيت ”سانورئي را نام هزار ڪيسي لکان ڪنڪو پتري“ لوڪ ڳائڪ مهيشارام ميهگوال جي آواز ۾ گھڙي گھڙي ٻڌان ٿو. سچ اهو آهي ته، مون ڪڏهن لکڻ وقت اهڙي  ٻڏتر محسوس نه ڪئي آهي جھڙي مامي تي لکڻ وقت محسوس ڪري رهيو آهيان. مامي وشن جي خدمتن جا رنگ هزار آهن، آئون هن تي خاڪو ڪيئن لکان!؟ ڪٿان شروع ڪريان!؟


مامي سان ملندي آتما کي سچي سڪون جي سڳنڌ ايندي آهي. بي چين روح آد جڳاد جي جاڳ ۾ جرڪي پوندو آهي. ماما وشن ٿري مايا موه وس ٿيڻ کان بچيل، اوديا جي ڀيدن کان آجو، انسانيت جو سانوريو آهي، جنهن جي رس ليلا دکي انسانيت جي خدمت آهي.

ننگرپارڪر کان نئون ڪوٽ جي پٽي يا ناري جي طرف ويندڙ ڏڪاريل ڏوٿين کي کاڌو کارائڻ، مٺي جي اسپتالن ۾ تڙپندڙ بي پهچ مريضن کي دوا درمل وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ، مٺي جي سوين ساٿين جي رت گروپ کي ياد رکي وقت تي گھران وٺي اچي رت جي ڪمي وارن مريضن کي رت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ، ڏينهن رات ڪوشش ڪري مٺي ۾ ٿرپارڪر سوشل آرگنائيزيشن جوڙي پاڻ جھڙن هم خيال ساٿين جي سهڪار سان رت بئنڪ قائم ڪرڻ، ٿر جي مارو ماڻهن کي رت چڪاس ڪرائڻ لاءِ همٿائڻ ۽ نوجوانن کي ضرورت مند جي لاءِ رت ڏيڻ تي اتساهڻ، ڳوٺن ۾ رت چڪاس جون ڪئمپون لڳائڻ مٺي ۾ ايمبولنس جي سروس جو بندوبست ڪرڻ، ڏڪاري ڏينهن ۾ مال جي چاري، پاڻي جو جوڳو انتظام ڪرائڻ تائين ڪيترا ڪم ڳڻجن؟ هن جو انسانيت سان عشق اتاهون آهي. ڪنهن ماڻ ماپي ۾ تڪي توري نٿو سگھجي. انهي ڪري هن جي انهن ڪمن عيوض “ٿر جو ايڌي” سڏيو ويندو آهي. حاجي محمد دل، اسماعيل ڪنڀر، ذوالفقار عمراڻي، نطام دين راجڙ، هوتچند سوٽهڙ، راجيش سوني ڀيشم ڪمار پرڌناڻي سميت سوين ساٿي سماجي ڪارج ۾ مامي جا ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا آهن. چيلهار جي سپوت احمد علي چيلهاريي جي فرزند ابوبڪر ميمڻ به سدائين مامي وشن جي ڪارج ۾ سهڪار ڪيو آهي. حيدر آباد جي نامور صحافي علي حسن به مامي جي ڪم ۾ هٿ ونڊايو آهي.

۲۱ آگسٽ ۱۹۶۶ع تي مٺي جي لوهاڻه برادري جي معزز هنسراج مل جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ماما وشن ٿري جي اندر ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ جو جذبو ننڍپڻ ۾ هيو. مامو ڇهين جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو ته سندس والد صاحب کي فالج ٿي ويو. گھر جي آمدني رڪجي ويئي. مالي پريشانيون وڌيون. مامي جو ڀاءُ نارائڻ داس پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي سيٺين وٽ ملازم ٿي بيٺو. هن گھر جي لولي لوڻ جو بندوبست ڪيو. مامي پنهنجي والد کي سدائين کٽ تي ستل ڏٺو. پر هن جي جيجل پنهنجي پٽ وشن جي پڙهائي جاري رکائڻ جا جتن ڪيا. امڙ وشن کي پڙهايو ته وشن جي ٻي ڀاءُ ڊاڪٽر نند لال کي به پڙهايو. وشن پاڻ غربت جي زندگي ڏٺي ۱۹۸۷ع ۾ هن جو والد گذاري ويو. ان ڪري غريبن ۽ يتيمن جو هن کي وڏو قياس رهندو آهي.

پرائمري جي پڙهائي دوران مامي ڏٺو ته هڪ غريب ڇوڪري وٽ ڪاپيون نه آهن هن ڇا ڪيو ته پنهنجي دوستن کي چيائين ته پاڻ ۾ چندو ڪيو، گڏ ٿيل چندي جي روپين سان گڏ ڪجهه اڌار تي پئسا رکائي ڪاپيون وٺي آيو، پوءِ اسڪول ۾ اعلان ڪيائين ته مارڪيٽ مان ڪاپيون وٺڻ جي بدران مون کان ورتيون وڃن. پندرنهن ڏينهن ۾ ايتريون ڪاپيون وڪاڻيون جو غريب شاگرد جون ڪاپيون ۽ ڪتاب انهن پئسن مان ٿي ويا. مامي جي سماجي شيوا اتان شروع ٿي. پوءِ بئراج ڏانهن ويندڙ ڏڪاريل قافلن جي ماني ڳڀي جي لاءِ پنهنجي هڪ جيڏن سان گڏجي مٺي جي گھر گھر مان لولا ميڙي قافلن کي ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو. اهو ڪم ڪندي هن کي سچي راحت ملڻ لڳي. مامي کي ڪنهن گھر مان لولي جو انڪار نه مليو. پر سماج جي ڪجهه ٺٺول باز ماڻهن وشن جي ننڍي قد سبب چيڙائڻ جي لاءِ ‘مامو’ چوڻ شروع ڪيو. پر وشن نه چڙيو، هن پنهنجي ڪردار ذريعي سڀن جو مامو ٿي ڏيکاريو. هر جيجل جو ڀاءِ آهي.

هاڻي موبائيل فون جو زمانو آهي پر جڏهن اها سهوليت نه هئي ته رت جي ضرورت وارو ماڻهو ڪڏهن آڌي ته ڪڏهن اسر جو مامي جي گھر پهچندو هو در تي ٺڪا ٺڪ رهندو هو. مامو خوشي سان انهن جي لاءِ نڪري ايندو هو پر ٻيا گھر جا ڀاتي تنگ ٿي پوندا هئا. ايتري حد تائين گھر جا ڪجهه ڀاتي ناراض ٿيا. هن درويش جي لاءِ مائٽاڻو گھر سوڙهو ٿي پيو. پر هن ڪڏهن اهڙين حالتن جي پرواهه نه ڪئي هڪ پل جي لاءِ ورچي نه ويٺو، پنهنجو ڪم جاري رکيو. هن جو پراڻو گھر کتري محلي ۾ امام بارگاهه جي ڀر سان هوندو هو، هاڻي لوهاڻه پاڙي جي ريل ۾ آهي. ٻنهي هنڌن تان اسپتال پري آهي. ڪڏهن سواري ملي ته ڪڏهن پنڌ اچڻو پوي ته به ايندو آهي. جڏهن ته پاڻ به هاڻي ٻه چار بيمارين جو مريض ٿي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن رت گھرندڙ مريض وارو همراه مامي تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندو آهي ته، ماما تون اچڻ ۾ دير پيو ڪرين مريض جي حالت خراب آهي. پر مامي ڪڏهن انهن حالتن ۾ به منهن ڦٽائي ورندي نه ڏني آهي.

کل ڀوڳ ۾ سنگت مامي کي رت وٺندڙ سڏيندي آهي، ڪاش مامي جھڙا رت گھرندڙ سماج ۾ گھڻا هجن. مون کي هڪڙي دوست چيو ته، مامي جي ڪم جو دائرو هاڻي ٿر جي شهرن، ڳوٺن مان نڪري عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ حيدرآباد تائين پهتو آهي. مون انهي دوست کي ٻڌايو ته مٺا، مامي جو ڪم اڳ به وسيع هو. هاڻي به آهي. هي جيڪي مريض مان لاعلاج ڪري ٻين اسپتالن ڏانهن موڪلجن ٿا. انهن ويچارن جو اتي به مامو سهارو رهندو آيو آهي. امرجڳديش ملاڻي جڏهن لانگ مارچ تي هو ته انهي وقت مٺي جي هڪ مريض کي حيدرآباد ۾ ۱۲ رت جون بوتلون مامي ڏياريون هيون.

آئون مقامي تنظيم جو ميمبر رهيو آهيان پر فقير ماڻهو ٿر جي ٻهراڙي پنهنجو راڄ ڀاڳ ڪو واسطي وارو مريض اچي ته رت گھرجي يا دوا درمل جي مدد، اول آخر سهارو مامو وشن سُجھندو آهي. ماما وارو ڪر. هڪ دفعا ڇا ٿيو ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيڳام جا غريب ڪولهي ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيل هئا. رات جو مريض جي لاءِ رت ۽ ماني ٽڪي جي مدد ڪئي سين. ٻن ڏينهن کان پوءِ پارڪر جي  ڪولهي ساٿين جو فون آيو ته سائين  ڊليوري ڪيس ۾ مٺي آيا هئاسين پر عورت گذاري ويئي آهي. اسان وٽ ڀاڙي جا پئسا نه آهن. لاش واپس وٺي وڃڻو آهي. مون ٽاٽ سڃائي جي ڏينهن ۾، سوچيو ته هاڻي ڇا ڪريان؟ مامي سواءِ ٻي واهه ڪهڙي...سڌو مامي وٽ پهتس پوري ڳالهه ڪري دنگ ڪئي ته مامو بندوبست ۾ لڳي ويو. سول سرجن ايمبولنس نه پيو ڏي، مامي سول سرجن کي ٻڌايو ته آئون ۽ ڀارو ٻئي گڏ وڃي رهيا آهيون. تون رڳو ايمبولنس ڏي. اسان تيل جو بلو ڪري ڪولهين سان  گڏ ننگر جي لاءِ نڪتاسين. ننگر پهچي پريس ڪلب وٽ مامو جهول وڇائي ويهي رهيو. ايندڙ ويندڙ کان چندو ميڙي اٺ ڏهه هزار غريبن کي ڪفن دفن ۽ کاڌي پيتي جي لاءِ ڏنائين. اهڙيون مٺي جي هر دوست وٽ مامي جون ڪهاڻيون آهن.

ماما وشن ٿري جي تربيت سياسي ڪارڪن واري به آهي. سنڌ جي قوم پرست سياست جي مارڳ ۾ پنڌ ڪندي ترم ياترا به ڪيائين. سختيون سٺيون. مامو وشن، ڪامريڊ نند لال  مالهي، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ۽ لڇمڻ ٿري سان گڏ قوم پرست سياست جو حصو ٿيڻ سان گڏ امر جڳديش ملاڻي، فقير مقيم ڪنڀار، حسن پسايي جي سٿ ۾ عوامي سياست جو سبق عام ڪرڻ جي جستجو ۾ شامل رهيو آهي. ونگي جي ارباب خاندان ۽ جاگير جي راڻن جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ساکي به آهي. ڄام ساقي، سوڀي گيانچنداڻي جي چونڊن ۾ هن هڪ متحرڪ ڪردار وارو حصو ورتو هو.

هن ٿر ۾ صحافت ۽ ادب جي قافلن سان هر گهڙي سڏ ۾ گڏ ٿي سرگرم رڪن طور نڀايو آهي. مٺي جو ڪهڙو ادبي پروگرام هوندو جنهن ۾ مامو وشن نه هجي. ۶۰ کان وڌيڪ سماجي تنظيمن جي گڏيل نيٽ ورڪ ماروئڙا ڪوآرڊيشن ڪائونسل جو ٻه ڀيرا جنرل سيڪريٽري به چونڊاڻو آهي. ماما وشن ماروئڙا جي چونڊن ۾ آيو ته ٻي پينل تي هو پر کٽڻ کان پوءِ اوڀايي جوڻيجي سان گڏجي ماروئڙا جي لاءِ هن پاڻ ملهايو. اين جي اوز جي مخصوص ماحول مان ماروئڙا کي ڪڍي عوامي اداري طور ڪڏهن قدرتي وسيلن جي مالڪي جي لاءِ اوڀايو جوڻيجو ۽ ماما وشن روڊن تي بيٺا ته ڪڏهن رڻ ڪنڌي جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو. ڪڏهن اعليٰ اختيارين کي ٿر جي مسئلن تي خط و ڪتابت ڪئي ته ڪڏهن ننگر جي وانڍئي ۾ مفت طبي ڪئمپ ۾ ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو.

صادق فقير هن جو ننڍپڻ جو دوست هو، مامو هاءِ اسڪول مٺي ۾ پڙهيو، جڏهن ته صادق فقير ميرواهه گورچاڻي ۾ پڙهندو هو پر جڏهن صادق مٺي ايندو هو ته صادق جو مامو امداد فقير، حاجي محمد دل جو پٽ نياز دل ۽ مامو وشن کتري محلي جي پڙ وٽ ويهي ڳالهين جي ڳهر ۾ الوٽ ٿي ويندا هيا. صادق مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج پڙهڻ جي لاءِ مٺي آيو. مامو ۽ صادق فقير انٽر ۾ گڏ پڙهيا. انٽر کان پوءِ ڪاليج واري پاسي کان بي اي ڪري صادق فقير ايم اي سنڌي ڪئي، جڏهن ته مامي وشني ايم اي اڪنامڪس جو فارم ڀرايو.

مون مامي وشن ٿري حاجي محمد دل ۽ صادق فقير کي هڪ ٻي سان ڏاڍا چرچا ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. ڪيڏي سهپ ۽ رواداري انهن وٽ رهي آهي. حاجي محمد ۽ تاراچند راٺي جا لکيل اسٽيج ڊراما، استاد حسين فقير، ڪريم فقير ۽ صادق فقير جي ڳائڪي، تاج جويي، سائنيداد ۽ امولک امر جي شاعري، ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ لطيف جا ميڙاڪا، شيام داس جوشي، پرشوتم واسواڻي، ساجن داس چنداڻي جي سکيا، ڪامريڊ نند مالهي جو سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهڻ تائين مٺي جي هڪ اهڙي ادبي تاريخ آهي. جنهن مٺي کي صبح جي سحر ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ماما وشن ٿري ۽ صادق فقير جون ساروڻيون انهي دور جو اثاثو آهن.

صادق فقير مامي وشني جو وڏو خيال رکندو هو. سنڌ جي سمي ۽ جيساڻي جي ڀاٽي جي ڀاءِ ساهمي ۽ سير کڻندڙ لوهاڻي جو گهر مڱڻهار فقير اڀو بيهي پنهنجي نگراني ۾ ٺهرائي  ڏئي ويو. صادق فقير تي سوچيندي هن جي ڪيفيت اڄ به بنگالي ٻولي جي شاعر جي انهن سٽن جهڙي آهي.  بي اختياري ۾ ورلاپ ڪري ٿو ته؛

“مان ديس وديس رليو آهيان پر ڪنهن کي به پنهنجي پسند موجب پائي نه سگهيو آهيان هن سنسار ۾ ڪوئي به دوست ته جهڙو نه آهي، هاءِ منهنجا دوست آئون ڇا ڪريان؟ تو کي ڪٿي پايان..”

ٻين جي ڦٽن تي مرهم رکڻ واري مامي وشني جي من جي پيڙائن کي صادق فقير کان پوءِ ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟

ڪيئن تون منهنجي من ۾ پيڙا ڄاڻي سگهندين

ڏس ته اکين ۾ آهن اوجاڳا ٿڪجي پيا.

صادق فقير کان پوءِ لطيفن به هن کي کلائڻ ڇڏي ڏنو آهي. گهڙي گهڙي چتائن جو گهنڊ هن جي روح ۾ وڄي ٿو. مٺي جي دوستن مامي وشن کي صادق فقير جي جدائي جي غم مان ڪڍڻ ۽ مامي جي سماجي خدمتن جي مڃتا ڏيڻ جي لاءِ وڏو ميڙ مچايو پر اتي به  مامو صادق فقير جي لاءِ روئي پيو ته؛

دوست بهي ملتي هين، محفل بهي جمي رهتي هي،

تو نهين هوتا تو هر چيز مين ڪمي رهتي هي.

داغستان جي البيلي شاعر رسول حمزا توف هڪ هنڌ لکيو آهي ته “ماڻهو ڇهه ورهين جي عمر ۾ ڳالهائڻ سکي وڃي ٿو پر اسي سالن تائين ماٺ نٿو ٿئي.” سو ماٺ نه ٿيندڙ ماڻهو ڳالهائيندو رهي ٿو مثبت يا منفي اهو هڪ الڳ پهلو آهي. منفي سڀاءِ ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ وارن ماڻهن وٽ مامي وشني جي ڪارج تي به ڪيترائي ڳالهين ۾ ليڪا پاتل آهن هڪ  ڳالهه جو کلي دل سان اقرار ڪندي پاڻ به مڃون ٿا ته مامو به هڪ انسان آهي ته انساني حد تائين ڪميون ڪوتاهيون مامي جي وجود ۾ به آهن. پر اهو ٻڌايو ته بي حسي جي بارش ۾  ٻڏل سماج ۾ ائين انسانيت جي شيوا ڪرڻ جي لاءِ ساڌو ٿيڻ جي لاءِ ڪير تيار آهي.!؟ فراريت جي سرد راتين ۾  پنهنجائپ جا ڏيئا ڪير ٻاري ٿو!؟ هن جو قد کڻي ننڍو آهي پر انسانيت جي لاءِ هن جو پورهيو تمام وڏو آهي. پاڻ پڏائڻ چڱي عمل جو موت آهي. مامي وشني ڪڏهن پاڻ  پڏايو نه آهي. هن سدائين عاجزي اختيار ڪري نياز نوڙت سان مسڪين جهان خان کوسي ۽ نندلال  نندن جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. اسان جو هي دور جنهن دور ۾ ارون ڌتي راءِ جي لفظن ۾؛ “ڪجهه به غربت کان وڌيڪ وڪرو نٿو ٿئي.” پر هن ڪڏهن به ڪٿي غربت کي وڪرو نه ڪيو آهي. غربت جي غم کي گڏيل طاقت ۾ تبديل ڪري اڻ برابري واري سماج کي لوڏڻ جا وس ضرور ڪيا آهن. مامو وشنو ڪڏهن ڪتي جو ڪڪر نه ٿيو آهي، جنهن جي لاءِ لوڪ شاعر چيو آهي ته؛

ڪتي ڪڪر جر نهين، تون ڀوري ڏيکي مت ڀول،

گُڻ ٿوڙو، روپ گهڻو، جيسا روهيڙي راتا ڦول.

(ڀوري تون ڪتيءَ جا ڪڪر ڏسي ڀلج نه، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ پاڻي نه آهي. انهن ۾ ڳڻ گهٽ روپ گهڻو آهي، جيئن روهيڙي جا ڳاڙها گل آهن. جن ۾ روپ ته گهڻو هوندو آهي پر خوشبوءِ نه هوندي آهي.)

مامو وشنو پنهنجي ڪردار ۾ سانوڻ جو ڀريل بادل آهي. سدائين گهنگهور گهٽا ٿي ڏڪاريل ٿر تي وسيو آهي. مامي وشن سان ملهايل شام ۾ انجنيئر گيان چند سچ چيو ته؛ مامو وشن موجوده دور ۾ ٿرپارڪر جو وڏو ماڻهو آهي. لوڪ ساگر جو ڪوي چوي ٿو ته؛

مينهان اور موٽان گهران، هينئان ڇوڙي م آس،

او برسي تو سرور ڀري، او ڇوڙي نا نراس.

(اي منهنجا من! مينهن ۽ وڏن گهرن مان ڪڏهن آس نه پلجانءِ، مينهن وسي ته تلاءِ ڀري ڇڏي، وڏي گهر جو خانداني ماڻهو ڪڏهن مايوس ڪري نراس نه موٽائيندو).

 

(ڀارومل امراڻي سوٽھڙ جي فيس بڪ ٽائيم وال تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا