منصور ميراڻي
مٽيءَ جي مهڪ جهڙو شاعر
۽ اديب
زين سولنگي
ڪافي سال اڳ شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهڻ دوران سچل چيئر جي بلڊنگ جي سامهون خوبصورت
باغيچي ۾ هڪ ڪلاس-ميٽ سان خيرپور جي شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين متعلق ڪچهري ڪري رهيو
هئس ته ان ٻڌايو؛ ”خيرپور، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين سان ڀري پئي آهي.“ ڳالهه
شروع ٿي حضرت سچل سرمست کان، نانڪ يوسف، سخي ابو محمد صالح شاه جيلاني، مير علي
نواز ناز، عطا محمد حامي، تنوير عباسي، تاجل بيوس، منير سولنگي، پروفيسر خادم سنڌي
کان ٿيندي وڃي منصور ميراڻيءَ تي پهتي. حقيقت اها آهي ته مون کي ان ڪچهريءَ کان اڳ،
محترم منصور ميراڻي جي اها ڄاڻ نه هئي ته هو به خيرپور جو آهي. جڏهن ته مون ان کان
اڳ، نامياري فنڪار سرمد سنڌيءَ جي نهايت ئي پرڪشش خوبصورت آواز ۾ منصور ميراڻيءَ
جو اهو شاندار گيت:
’جند جڙي، مال ڇڙي،
رات کٽي ٿي، باک ڦٽي
ٿي
سانت وئي سارا پکي
لات لنون ٿا
ڪا بات چون ٿا‘
ٻڌو هو. ڪمال جي
شاعري ۽ آواز سرمد سنڌيءَ جو، جسم مان سيسڙاٽ ڪڍي ڇڏيا هئا.
منصور ميراڻي جو
گهر، ميرواهه ڪئنال جي ڪپ تي سرمد جو گهر کان ڏهن منٽن جي پيادل سفر تي، ڳاڙهي پل
کان پهريان آهي. نيٺ آ به ٻئي ڏينهن ڪئمپس کان پوائنٽ ذريعي، ڀرڳڙي ريگيوليٽر وٽ
پهتس. اتان ميرواه ڪئنال جي ڪپ سان پيادل سفر ڪندو خاڪي شاهه جي پل طرف سفر ڪيو.
ميرواه ڪئنال جي ڪپ سان خوبصورت نمن، ٽارين جا وڏا وڏا وڻ، انهن جي وچ ۾ مختلف گلن
جا ٻوٽا ماحول کي خوبصورت بنايون بيٺا هئا. ان خوبصورت ماحول کي انجواءِ ڪندي، وڃي
خاڪي شاه جي پل تي موجود سرمد جي گهر پهتس. ڊاڪٽر تنوير عباسي سان ڪجهه منٽ ڪچهري
ٿي. کانئس، هڪ ليٽر وٺي، محترم منصور ميراڻيءَ جي گهر ڏانهن سفر شروع ڪيو.
ولوءَ واري هوٽل
کان ٿورو اڳتي، هڪ وڏي جڳهه نظر آئي، جنهن تي روزاني عوامي آواز وڏن اکرن ۾ لکيل
هو. مون کي پڪ ٿي ته اها جڳهه منصور ميراڻي جن جي آهي. بلڪل واهه جي ڪناري واري پاسي،
هڪ ڪمري ۾ منصور صاحب جن ڪجهه دوستن سان ڪچهري ڪري رهيا هئا. سلام دعا ڪرڻ بعد،
هنن احوال ورتو. مون چيومانِ ته؛ ”اوهان جو نالو ٻڌي، بس ڪچهري ڪرڻ آيس.“ ڪجهه حال
احوال ٿيا؛ ادب، صحافت، شاعري وغيره تي. هنن پنهنجائپ ڏني، موڪلائي هليو آيس. ماڻهو
ڏاڍو بهترين محسوس ٿيو.
جڏهن رستي ۾ اچي
رهيو هئس ته هڪ صحافي دوست مليو، جنهن پڇيو ته”؛ سولنگي صاحب! خير ته آهي؟ هيڏي ڪاڏي
ويا هئا؟“
چيومانس ته؛ ”محترم
منصور ميراڻيءَ سان ملڻ ويس.“
ان چيو ته؛ ”ميراڻي
صاحب، ڊان وارو صحافي.“
مون چيو ته؛ ”جي! ماڻهو
بهترين آهي.“
خير ميراڻي صاحب جن
سان ملاقات کي ڪجهه سال گذري ويا. مون کي ڪنهن سماجي اداري طرفان، وومن امپاورمينٽ
تي سيمينار ڪرائڻو هو، پريس ڪلب خيرپور ۾. ان ۾ اسپيڪر طور منصور صاحب جن کي دعوت ڏيڻ
لاءِ سندس گهر جي در تي ويس. مختصر تعارف ڪرائيندي چيومانس؛ ”اوهان جي لائق فرزند
سر جاويد حسين ميراڻي صاحب جو شاگرد آهيان.“ چهري مبارڪ تي هڪ منفرد مسڪراهٽ اچي وين.
دعوت نامو ڏيندي، حجت مان منصور صاحب جن کي چيم ته؛ ”سر اوهان جي شرڪت اسان لاءِ
باعث فخر هوندي.“
منصور صاحب جن چيو
ته؛ ”زين آ پروگرامن ۾ نه ويندو آهيان. پريس ڪلب به گهٽ وڃڻ ٿئي ٿو. هاڻ صحت به
اجازت نه ٿي ڏيئي. پر حجت ڪري آيا آهيو. نوجوان آهيو. ڪم به بهتر ٿا ڪيو، شرڪت ڪبي.“
نيٺ ان ننڍڙي
شاندار سيمينار ۾ منصور صاحب جن شرڪت ڪئي. نه صرف شرڪت ڪئي پر ان سيمينار ۾
خوبصورت اتساهيندڙ ڳالهيون به ڪري، پوءِ موڪلائي هليا ويا. پوءِ منصور صاحب جن ڪڏهن
ڪڏهن اسان واري دوست محترم، صاحب خان ڀنڊ جي آفيس انفارميشن آفيس خيرپور ۾ ملي
ويندو هو. حال احوال ڪري وٺندا هئاسين. محترم صاحب خان ڀنڊ صاحب جن پڻ ميراڻي صاحب
جن جي تعريف ڪندا هئا. منصور صاحب جن جو حضرت سچل سرمت رح متعلق هڪ تحقيقي آرٽيڪل
سرمست ۾ پڙهيو هو. بهترين انداز ۾ لکيل هو. ڪافي سال اڳ، ڪجهه تحريرون اخبارن ۾
نظر آيون، جيڪي پڻ تحقيقي بنيادن تي لکيل هيون. مان سمجهان ته ڪافي سال اڳ، ميراڻي
صاحب جن عوامي آواز ۾ به ڪم ڪيو. ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته عوامي آواز جا فائونڊر، ميراڻي
صاحب جن گهاٽا دوست هئا.
خير جيتري قدر مون کي
ڄاڻ آهي ته منصور ميراڻي صاحب جن ريڊيو پاڪستان خيرپور سان به منسلڪ رهيا. پاڻ
هارين مزدورن جي حقن جي حوالي سان جاکوڙي ڪردار رهيا آهن. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙي ڏاهي
انسان سان خاص قربت رَهينِ. سنڌ جي معروف شاعر، ليکڪ، صحافي سائين انور پيرزادي
سميت ٻيا ڪيترا ئي ليکڪ ۽ اڳواڻ پڻ، هنن سان رهاڻيون ڪندا هئا. محترم منصور ميراڻي
صاحب جن سنڌي ادب ۾ هڪ ئي وقت نثر توڙي نظم تي نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ ڪم ڪيو آهي.
سندس نثري تحريرون توڙي شاعري پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهي. حقيقت اها آهي منصور صاحب جن
جي شاعريءَ ۾ ڪجهه اهڙيون شيون لکيون آهن، جيڪي خيرپور جا مها اديب ۽ صحافي نه لکي
سگهيا آهن. سنڌ جي نامياري صحافي شيخ عزيز جي اصرار تي صحافت ۾ پير پائيندڙ منصور
صاحب جن، سنڌي صحافت ۾ پاڻ مڃرائي، وڃي ملڪ جي وڏي اخبار ڊان جي صحافت تي دنگ ڪيو.
اتي به هنن پنهنجو هڪ منفرد تعارف پيدا ڪيو.
منصور صاحب جن
درازا جي ڌرتيءَ جو اثر قبول ڪيو. سچل سرمست رح جي شاعريءَ جو اثر هنن جي شخصيت ۽
هنن جي شاعريءَ تي رنگين نوع ۾ نظر اچي ٿو. هن وٽ گيڙو ويس کي وڏي اهميت حاصل آهي.
هو فيشني گيڙو ويس جي بدران جوڳين واري گيڙو ويس جو عاشق آهي. هو جوڳين سان رهاڻيون
ڪندي دلي سڪون محسوس لري ٿو. منصور صاحب جن ڪيترا ئي ائٽمس، پنهنجي شاعريءَ ۾ جوڳين
متعلق تخليق ڪيا آهن. جيئن منصور صاحب جن هڪ هنڌ لکيو آهي:
منهنجو جوڳين سان،
منهنجو سامين سان
اديون ڙي،
نيهن لڳو آ
رڳ رڳ ۾ تات تنين
جي
تن سوا ٿو جاڙ
جيئان.
يا هڪ ٻئي هنڌ ميراڻي
صاحب جن چيو آهي ته:
جوڳين سان هلي جالجي،
سامين سان ملي
جالجي،
گيڙو رتائون ويس
پائي
پيٽ بُکن تي پالجي
گهر تڙ ڪهڙو رِڻَ جا راهي
مِٽُ نه ڪنهن جو سڏائجي!
جي منصور جوڳي
قبولين
“تارڪ” نانءُ
سڏائجي.
منصور صاحب جن جو
شعري مجموعو “نٻر نينهن سندوم” ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. ان ڪتاب جو مهاڳ جڳ
مشهور ليکڪ ۽ صحافي حسن مجتبيٰ لکيو آهي. جڏهن ته ان ڪتاب بابت ٻه اکر سنڌ جي معروف
ليکڪ ۽ صحافي اسحاق مڱريي لکيا آهن. ڪتاب جو مهاڳ پڙهڻ جهڙو آهي پر اسحاق مڱريي به
لکڻ جي حوالي سان خوب نڀايو آهي.. منصور صاحب جن جو شعري مجموعو ڇپرائڻ تي سندس
لائق فرزندن ۽ گهر ڀاتين کي جس ڏيان ٿو. ان ڪتاب جو گهڻن کي انتظار هو.
منصور ميراڻي صاحب جن جي شخصيت گهڻ رخي ۽ متحرڪ هجڻ ناتي، هڪ ئي وقت شاعر، ليکڪ، صحافي، فنون لطيفه سان وابسطه، موسيقيءَ جو ڄاڻو، تحقيقدان، هارين مزدورن جي حقن جو آوز بلند ڪندڙ. هو هڪ صوفي ۽ تبديلي پسند شخصيت جو مالڪ، جنهن ڪنگري جي ڪچي جون رونقون به ڏٺيون، اتان جي قدرتي حسن کي به پرکيو، اتي درياءَ بادشاه جي مستيءَ کي به ڏٺو، اتي جي تترن جي تنوارن کي به ٻڌو، مکڻ، لسي، ماکي، ساڳ، پلي، پٻڻن کي به انجواءِ ڪيو. مگر ان حسين خوبصورت ماحول کي عارضي الوداع ڪري خيرپور شهر جي ميرواه ڪئنال جي ڪناري اچي پنهنجو جوڳي واهيرو بنايو. اهو ميرواه ڪناري وارو جوڳي واهيرو، هنن جي فيمليءَ لاءِ هڪ تبديلي ۽ ترقيءَ جو باعث بنيو. ڇو ته منصور صاحب جن تبديلي پسند صوفي صفت ته اڳ ئي بڻجي چڪا هئا. ان جوڳي واهيري مان هنن جا ٻار پٽ توڙي نياڻيون پڙهي اڳتي آيون. ميراڻي صاحب جن پنهنجن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو. اڄ سندن پٽ تعليم يافته بڻجي سٺين منزلن تي پهتا آهن ۽ سندن نياڻيون پڻ تعليم يافته بڻجي مختلف فيلڊن ۾ پاڻ مڃرائي رهيون آهن. مان سمجهان ٿو ته صوفي انقلابي شخصيت منصور صاحب جن جو اهو ڪم، انتهائي تعريف جوڳو آهي. دعا آهي ته ڌڻي پاڪ محترم منصور ميراڻي صاحب جن کي بهتر صحت ۽ وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن سنڌي ادب جي خدمت ڪندا رهن.
منصور ميراڻي
کاٻي ڌر جي هڪ ”منصور“
جي موڪلاڻي ..
ايڊيٽوريل عوامي
آواز
سنڌ هر دور ۾ ڪيترائي
املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهجي علم،ڏاهپ ۽ اورچائي سان انسان ذات جي خدمت ڪندي
پنهنجو وارو وڄائي ويا. اهڙن ئي روشن خيال فردن ۾ غلام قادر المعروف منصور ميراڻي
جو به شمار ٿئي ٿو.پاڻ ڪالهه سومر واري شام پنهنجي گهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
منصور ميراڻي، هڪ
ئي وقت شاعر، فنڪار، لطيف جو پارکوُ،صحافي ۽ کاٻي ڌر سان واڳيل اڳواڻ هو، خيرپور
ضلعي جي ڪنگري تعلقي جي پير ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ غلام علي شاهه ۾ ۱۹۵۵ ۾ ڄائوهو، جنهن ابتدائي تعليم سان گڏوگڏ
ظالم سان وڙهڻ جو سبق پڙهيو هو.
منصور ميراڻي صوفي
مت ۽ تبديلي پسند ذهن جو مالڪ هو. هن هارين نارين جي حقن جو جهنڊو به هٿ ۾ کنيو هوته پورهيتن سان به پچار ۾ گڏ هو، هن شاگردن سان گڏجي
به جدوجهد ڪئي ته وري هر ظلم خلاف صحافي جي روپ ۾ پڻ پاڻ ملهايو. سندس ادبي شناخت
مزاحمتي شاعر طور به رهي ته وري مارشل لا جي اونداهي دور ۾ هڪ صحافي بڻجي به اڀريو هو..
ميرن واري خيرپور ۾
هو نه رڳو سچل جو پاڙيسري هو پر هو نانڪ يوسف،مير علي نواز ناز، عطا محمد حامي،
تنوير عباسي، تاجل بيوس جهڙن شاعرن جو به تسلسل برقرار رکيو.سندس اورچائي هن کي
سموري سنڌ ۾ هڪ جدا سڃاڻپ ڏني هئي.
منصور ميراڻي جو هڪ
منفرد حوالو اهو به رهيو ته سندس هڪڙو ئي
گيت سموري سنڌ ۾ ٻُرندو رهيو آهي . جنهن کي عرصي کان سنڌ ۾ هر ڌر جي سياسي توڙي
سماجي پروگرام ۾ جهونگاريو ويندو آهي.
جنهن کي هر ڪو پنهنجو ئي گيت سمجهندو آهي. جيڪو سنڌ جي ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي منظر ڪشي آهي، ان گيت ۾ انقلابي خيالن کي اهڙو ته سهيڙيو ويو آهي جو هر باذوق انسان ان مان لطف وٺي سگهي ٿو. جڏهن ته هر عام
فرد ان جي ڌُن مان ئي وڏو محظوظ ٿئي ٿو.
جنهن کي گهڻو پوءِ سرمد سنڌي به ڳايو هو. ”جنڊ جُڙي، مال ڇُڙي ،رات کٽي ٿي، باک ڦُٽي
ٿي“.
ڪن ڏاهن جو چوڻ آهي ته اهو انسان اڌورو آهي جنهن وٽ
پنهنجي ٻهراڙيءَ جو پس ۽ پيش منظر
ناهي.اهو سنڌ جي حوالي سان درست ثابت ٿئي ٿو. ٻهراڙيءَ کان ڪٽيل هئڻ جو
شايد مطلب اهو ٿئي ته اسان پنهنجي شاهوڪار ثقافت ۽ورثي کان بي خبر رهجي ويا
هجون.ان جو جي ويهي ليکو چوکو ڪبو ته منصور ميراڻي جي مزاج ۾ سنڌ جي ثقافت جا
سمورا پهلو موجود هئا.
ان کان به ٿورو اڳيان
اهو مرحلو به اچي ته دنيا جي ڪارووهنوار
کي هلائڻ جي لاءِ عمومي علم،ڄاڻ گهڻي ضروري هجي پر انسان جي نفيس جذبن۽لطيف خيالن
کي محسوس ڪرڻ جي لاءِ موسيقي ۽ شاعريءِ سان سلهاڙجڻ به اشد ضروري آهي، انهن شعبن
سان به هن فنڪار شخص عشق ڪيو، سندس اهڙي گهڻ پاسائي سخصيتي پکيڙ کيس سنڌ جي عالمي
شاعر شاهه عبدالطيف سان به روشناس ڪرايو ته وري موسيقي جي دنيا جو دروازو به ڏيکاريو.
اتان اڳتي وڌندي هن جي روح ۾ صوفي فڪر به اچي ويو . جنهن کيس زندگيءَ جي هر موڙ تي
مدد ڪئي.ان تي ئي پاڻ اهو به لکيو،”جوڳين سان هلي جالجي،سامين سان هلي جالجي،گيڙو
رتائون ويس پائي،پيٽ بکن تي پالجي،“
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
تي ڪم ڪندي هو اهڙن بيتن تائين پڻ پهتو جيڪي ڪنهن رسالي ۾ شامل نه آهن، ڀٽائي جي
شاعريءَ ته هڪ وقت کان ان لحاظ سان به بحث جاري آهي. ڪيترائي ماهر ڪن بيتن کي ڀٽائي
جا بيت قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ توڙي انهن جي سهيڙڻ وارو ڪم به
هلندڙ آهي.منصور ميراڻي ان نسبت سان پڻ ڪجهه ڪم ڪيو هو پر گذريل ٽن سالن کان سندس
طبيعت درست نه رهڻ سبب اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو.
اڳوڻي خيرپور رياست
واري خطي جورهواسي منصور ميراڻي، ادب، شاعريءَ ،صحافت ۽ سياست ۾ پنهنجي علائقي جي
نوجوانن جي لاءِ هڪ استاد جيتري حيثيت رکندڙ هو،هو نوجوانن جي همت افزائي ڪندو
هو.انهن جي ممڪن حد تائين تربيت پڻ ڪندو هو، هو پنهنجي علائقي ،ثقافت، تهذيب.
ريتن،رسمن. توڙي لوڪ ڏاهپ بابت انسائڪلوپيڊيا جيتري معلومات رکندو هو.
هو پنهنجي مزاج ۽
طبيعت ۾ عوامي ماڻهو هو، هرمحفل ۾ ڇانيل رهندڙ هن شخص کي ڪنهن به قسم جو ڪو ڪامپليڪس
ڪڏهن نه رهيو. انڪري ئي کيس عام مڃتا حاصل هئي. هو هر ننڍي وڏي سان بنا ڪنهن رنگ
نسل جي هڪ جيتري اهميت ڏيندڙ ن مان هو .هر محفل ۾،هر ڪچهري ۾
پنهنجي ڳالهه ڪمال
فن سان پيش ڪري ويندو هو .هر محفل کي مچائڻ جوبه هن وٽ خاص هنر هو.
هن دنيا ۾ جيڪو به
آيو اهي ان کي نيٺ هتان وڃڻو آهي جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي ان کي ڊهڻو آهي، انسان جي هن
دنيا مان هليو وڃڻ پڄاڻان سندس ڪم،خدمتون ۽ ان جا ڳڻ ئي رهجي ويندا آهن.جيڪي سندس ڪار
گذارين جون شاهديون ڏيندا آهن،ا نڪري ئي ڪي ماڻهون اهڙا هوندا آهن جن کي هي دنيا
سولائي سان وساري نه سگهندي آهي.
منصور ميراڻي سنڌ
جو اهڙو عاشق هو جنهن سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏٺا هئا انهن جي تعبير جي لاءِ
پنهنجي وس ۽وت آهر جيڪو هن کان ٿي سگهيو ان کان ٿورو سرس ئي ڪم ڪيو، هن پنهنجي
سياسي سوچ کي پکيڙن جي لاءَ جهرجهنگ به جهاڳيو، پورهيتن سان ڪچهريون ڪري انهن جي
سکيا به ڪئي، شاگردن ۾ اتساهه ۽ حوصلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ انهن کي پنهنجا گيت ارپيا،
وطن جي محبت ۾ شاعريءَ به ڪئي، هن هر وک تي سنڌ جي سورن کي گهٽائڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙيو.
پينگهي کان وٺي ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين جدوجهد جاري رکي، هو ڪڏهن به مايوس ٿي نه ويٺو،
ڪنهن به تڪليف جي ڪا شڪايت زبان تي نه آندي.
هو عوامي مقبوليت
رکندڙ شاعر، متحرڪ سياسي ڪارڪن، بي ڊپو صحافي پنهنجو وارو وڄائي ويو.دنيا هڪ اعليٰ
قدر رکندڙ.آدرشي انسان کان محروم ٿي وئي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
منصور ميراڻي
جنھن جو وڇوڙو، جيءُ
جهوري ويو
حميده گهانگهرو
منهنجو ماضي،
منهنجيون ساروڻيون، زندگيءَ جا گهاريل ۶۲ سال.. هاڻي ته منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون به اهو چئي خاموش ٿي
ويندا آهن ته ڀيڻ جو پنهنجو خاندان ۽ پنهنجي برادري آهي. منهنجي لاءِ اهو اعزاز
آهي ته مان پنهنجي ماضيءَ جي نظرياتي جدوجهد ڪندڙ ساٿين کي پنهنجي شعور کان الڳ نه
ڪيو آهي. جتي اڄ جي دور ۾ محل، گاڏين ۽ پئسي جي کوکلي ڏيکاءُ واري سڃاڻپ کي اهميت ڏني
ٿي وڃي. اتي مونکي پنهنجن مخلص، مفلس، سچن ۽ بهادر ساٿين جي سڃاڻپ اتساهه ڏئي اڳتي
جيئڻ جو موقعو ٿي ڏئي ۽ جڏهن ڪير وڇڙي وڃي ٿو ته ڄڻ رت جو اهم رشتو وڇڙي ويو.
دراصل هي رت جو رشتو نه پر نظريي جو رشتو آهي جيڪو رت جي بي حسي، خود پسندي ۽
خوشامد پرستي کان تمام گهڻو مٿانهون آهي.
زلزلا، طوفان، ٻوڏون
سڀ زمين تي ايندا آهن پر دل ۽ دماغ تي ڪا خبر به زلزلي وانگي ڌوڏي ڇڏڻ جهڙي هوندي
آهي. منهنجو ساٿي، منهنجو ڀاءُ ۽ ستلن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جهنجهوڙي لفظن جي گونجار ۾
اکين کولڻ واري (غلام قادر ميراڻي) منصور ميراڻي جي وڇڙي وڃڻ جي خبر ڄڻ سمنڊ مان
سونامي اٿلائي آيو. منصور ميراڻي انهيءَ دور جي جدوجهد جو بهترين شاعر ۽ ساٿي رهيو
آهي. جڏهن وک وڌائڻ به ڏکي هوندي هئي.عام طور تي هر نظرياتي رسالي ۽ ڪتاب تي
پابندي هئي، تنهن هوندي به شعور قيد نه هو. قيد، جيل ۽ روپوشيءَ ۾ به اهي نظرياتي
گيت، سجاڳيءَ جي علامت طور مايوسيءَ جي ڌٻڻ کان بچائيندا هيا. جڏهن ٿوري به ماٺ
نظر ايندي هئي ته منصور ميراڻي اُڀ ڏاريندڙ نعري وانگر پنهنجي سريلي آواز ۾ چوندو
هو ”جو به ڪنڌ هيٺ نٿو جهڪي سو سدا، جيئي ڀلي جيئي“ اهي اتساهيندڙ آواز ڄڻ به ڪنن
۾ گونجن ٿا.
جيئن شاهه
عبداللطيف کي ڌرتيءَ ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن
جو شاعر چئجي ٿو. منصور ميراڻي به نظرياتي طور ڌرتيءَ جي هارين، مزودرن، شاگردن جو
درد، آواز ۽ جدوجهد کي سمجهندڙ شاعر هو، هن جي، اصل ۾هاري تحريڪ اندر اها ذميواري هئي پر هو سرگرم جاکوڙي جدوجهد ڪرڻ
واري هر مڪتب فڪر ۾ موجود هو. هارين تي ۱۱۰ قلم لاڳو ڪري پنهنجي حق گهرڻ کان محروم ڪيو ويو ته اتي منصور ميراڻي، آواز بلند ڪندي
چوي ٿو.
منهنجو آهي هاري
پيءُ
گرمي توڙي سيءُ
ڪاهي هر
ڪکائون گهر
ليڙون ليڙون ويس
۱۱۰ جو ڪيس هاري تي هر سال ٿيو. چوڻ ۾ ته جمهوريت هئي. پر هارين، مزدورن،
شاگردن، اديبن ۽ صحافين تي تمام گهڻا ڪيس
هئا. پر سچ ڀلا ڪيئن رڪي، هڪ استاد اشوڪ ڪمار کي گم ڪري شايد شهيد ڪيو ويو ۽ انجي
لاش جي اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي. ان امڙ جي درد تي منصور ميراڻي لکي ٿو.
ڪا ماءُ ديواني
روئيندي وتي
هر ماڻهوءَ کان ڪا ڳالهه
پڇي
ڪنهن منهنجو ڏٺو آ
اشوڪ ڪٿي
هو مون سان ملايو،
منهنجو راڻو آ
هر ذهن آهي زندان
اندر
هر قدم قدم تي ٿاڻو
آ.
ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ
منصور ميراڻي، ڏاڍ ۽ ظلم جي هر دور جو شاعر آهي، اڌ صديءَ جو شاعر ڄڻ صدين جو شاعر
آهي. توڻي جوکڻي هو آخري ڏينهن ۾ جسماني طور بيمار ۽ ضعيف ٿي ويو هو. کيس گهر واري جو صدمو تمام گهڻو هو،
جڏهن مون فون ڪري ساڻس تعزيت ڪئي ته چوي پيو ادي منهنجي ڏک سک جي ساٿياڻي اڪيلو ڪري
وئي، مان روز قبر تي ڪچهري ڪرڻ ويندو آهيانس. منصور سائينٽيفڪ ۽ نظرياتي سوچ جو
ديوانو به چوي ٿو ته مٽيءَ مان به خوشبو ٿي اچي منهنجي ساٿياڻيءَ جي. يقينن هن جو
سرمايو سندس جيون ساٿياڻي، ٻار ۽ گهر، سڄي گهر جون ڀتيون ۽ پيل ڪتاب هئا. گهڻو اڳ
مان شاڪر شاهه جي گهر وئي هئس ته چيائين ڀاءُ گهر گهمي وڃ. واقعي سندس گهر جون ڀتيون
گواهي پيون ڏين ته هن ساٿيءَ جي لاءِ پارٽي جي ماڻهن جو ملڻ ڪا معنيٰ رکي ٿو. سندس
هڪ دنيا ڪتاب ۾ قيد آهي جنهن کي هر پل روزانا ڏسي ٿو ۽ اها ئي سندس شعور جي دنيا
جيئڻ جو اتساهه آهي. ٽي مهينا اڳ مون فون ڪري چيومانس ادا هاڻي توهانجا ڪتاب ڇپجي
ويا آهن مون ڏي موڪليو ته چيائين حاضر ۽ هاڻي ”نير نينهن سندوم“ منهنجي اڳيان ٽيبل
تي پيو آهي ڄڻ ادا منصور ميراڻي سامهون ويٺو ڳالهائي.
هڪ ڀيرو ڳوٺ ۾
هارين جي ڪچهريءَ دوران ٻاهر فصل ڏسي ۽ هر طرف ساوڪ ۽ گلن جي خوشبوءِ ۽ وري عورت
جي سنگن سٽڻ تي ڳوٺ جي صبح واري سڄي ڪيفيت کي ايئن بيان ڪري ٿو.
جند جڙي، مال ڇڙي،
رات کٽي ٿي، باک ڦٽي ٿي
سانت وئي سارا پکي
لات لنون ٿا ڪا بات چون ٿا
گهور انڌاري مان
اجها، جان ڇٽي ٿي، باک ڦٽي ٿي
سڄي نظم جي
گهرائيءَ کي ڏسبو ته هاريءَ جي خوشيءَ جو به اظهار آهي ته حالتن کي به مبهم انداز
۾ اظهار ڪيو اٿس، حقيقت اها آهي ته منصور ميراڻيءَ جا گيت خاص ڪري ”جنڊ جڙي، مال ڇڙي
۽ رات به مينهڙا وٺا“، اسڪولن ۾ ٻارن کان ٽيبلو ڪرائي به ڳايا ويندا هئا. وائسز
گروپ جي ڪيسٽ ۾ بهترين ميوزڪ سان گيت ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيندا آهن منصور ميراڻي،
جڏهن اسان جي گهر محرابپور ايندو هو ته امان جي خاص فرمائش تي ”جو به ڪنڌ هيٺ نٿو
جهڪي“ ضرور ڳائي ٻڌائيندو هو ۽ منهنجي امان جنهن کي سڀ تنظيم جا ساٿي امڙ چوندا
هئا. هلڪي آواز ۾ گڏ ڳائيندي هئس. ماضيءَ ۾ نظرياتي ساٿي گهر جي ڀاتين وانگر جيڪو
حال آهي انهيءَ تي راضي رهي ڪڏهن به ڪا خاص فرمائش ڪري مهمان نوازي نه ڪرائيندا
هئا.
اڄ منصور ميراڻي
ضرور ڌرتيءَ ماءُ جي جهول ۾ وڃي پنهنجي امڙ سان ڪچهري ڪري پنهنجي ونيءَ کي چوندو
ته ڏس مان جلدي اچي ويس پر کيس ياد ۽ قدر ڪرڻ وارا ساٿي، اولاد ان گونجار کان
محروم ٿي ويا پر ڪتابن ۾ موجود سندس زنده سوچ کيس مرڻ نه ڏيندي. نظرياتي ماڻهو
جسماني طرح مري ٿو. نظرياتي طرح نسلن تائين زنده آهي. سندس هڪ بيت ”گمنام قبر“
جنهن لاءِ چوندو هو ته منهنجي محبوب اڳواڻ ساٿي نذير عباسي لاءِ جيترو به لکجي گهٽ
آهي پر جڏهن اندر جهري ٿو ته قلم به ڳوڙها ڳاڙي ٿو ته
هن ماٺ جي مقام ۾،
هڪ آتما عظيم آ
سا خبر به ڪونه آ
ته ڪهڙي آهي ڪٿ
مرڪيو بيحد ٻانڪو
هو سوليءَ مٿي
ان مهان مهندار جو
لاش پوريل هت.
کوليءَ ۾ کلندو
رهيو ڪاري ڪاري رات ۾
سچ سائين هن سليو
سوليءَ مٿي سڪرات
حوصلو هيڏو ڏسي
هيسجي ويا جلاد
قاتلن کي به اچي
ويون آڱريون سائين وات ۾
مرڻ نه آهي مهڻو
سائين،
سوليءَ کي جو
سينگاري
ڪڙيون پائي پورهيت
خاطر
کوليءَ ۾ کلندي
گهاري، کلندي گهاري
اصل ۾ هي سچايون،
تاريخ جو وڏو سچ آ توڻي جوکڻي وڇڙڻ وارا وڇڙي وڃن پر ڇا سقراط کي ڪير ماري سگهيو
آهي؟
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ
۾ ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
منصور ميراڻي
ديومالائي شخصيت
زرار پيرزادو
¨ منصور ميراڻي جيتوڻيڪ
ٽيون ڏينهن پهرين نومبر تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو پر هو ڪافي وقت کان بيمار
هو. ۽ سندس جيئري خاص ڪري بيماري ۾ سندس ڪيتري سار لهي وئي تنهن جو جائزو وٺبو ته
اسان سڀني کي پنهنجي بي حس رويي ۽ بي قدري جو احساس شدت سان ستائيندو جيڪو انفرادي
به آهي ته اجتماعي به.
¨ ان ڪري منهنجو ان ڳالهه
تي زور هوندو آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ جيئري مڃتا ڏيڻ گهرجي ۽ سندن جنم ڏينهن کي
ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي پر افسوس ته اسان مرڻ کانپوءِ ئي ماڻهن جي اڃان ڪٿ ڪرڻ
شروع ڪندا آهيون جيڪو الميو آهي.
¨ ان شخصي، ادبي يا
صحافتي ڪٿ جي ذاتي طور تي منصور ميراڻي جهڙين شخصيتن کي ڀلي ضرورت نه هجي پر اسان
جي سماج توڙي تاريخ کي ان جي تمام گهڻي
ضرورت هوندي آهي.
¨ منصور ميراڻي جهڙين
شخصيتن جي ئي اصل ۾ هن دنيا کي ضرورت رهي آهي. انهن جي دم سان ئي سماجي تبديلي ايندي
رهي آهي ۽ انقلاب برپا ٿيندا آهن.
¨ منصور ميراڻي شخص
ته هڪڙو هو پر هو الائي ڪيترن پاسن ۾ ورهايل هو ۽ سندس هر پاسو سراپا سون هو. ڄڻ ڪو
معجزو هو. ڪو ديو مالائي ڪردار هو سندس شخصي تاريخ پڙهبي ۽ سندس گهمندي ڦرندي، ويٺي ويٺي، ڪچهري ڪندي شاعري ڪري
وٺڻ صحافتي رپورٽون لکڻ، مشيني انداز سان سياسي، تحريڪي، فڪري ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ کي ڏسبو
ته ڏندين آڱريون اچي وينديون.
¨ هو هڪ ئي وقت کاٻي
ڌر سان سلهاڙيل انقلابي هو، مزاحمتي شاعر هو، غير روايتي صحافي هو، ڀٽائي جو پارکو
هو، موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو، ريڊيو ڪمپيئر هو، ڪچهري جو مور هو، ڪلاسيڪل
صوفي ورثي جو تسلسل هو، گائڪ هو، رول ماڊل هو، ڇا ڪجهه نه هو، منصور ميراڻي.
¨ ۽ ڪمال اهو آهي ته
انهن سڀني شعبن ۾ سندس منفرد مقام هو. پر افسوس ته سندس شخصي، ادبي، سياسي،
صحافتي، سماجي پاسن تي ڪو ڪم ئي ناهي ٿيو.
¨ منصور ميراڻي جي
اندر ۾ سنڌ جا سڀ ڪلاسيڪل شاعر ۽ ورثا موجود هيا. انقلابي هئڻ ڪري هو پنهنجي اندر
۾ مارڪس به هو، لينن به هو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به هو، ڪامريڊ نذير عباسي به
هو، ڪامريڊ ڄام ساقي به هو. انور پيرزادو به هو سيف ٻنوي به هو.
¨ شخصي طور ساڻس
سلهاڙيل واقعا، سندس گفتگو، سندس بحث مباحثا، سندس بهادري، سندس بي باڪي، سندس
ثابت قدمي، سندس اڏول هجڻ، باضميري، روشن خيالي، زنده دلي، مهمانوازي ذهانت، حاضر
دماغي، برادري سان اٿڻ ويهڻ سڀ معجزاتي هيا.
¨ سندس شاعري، سنگيت
جي ڄاڻ، صوفي فڪر ۾ دلچسپي، ڀٽائي صاحب تي ڪيل ڪم، صحافت ۾ سندس ڪيل ڪم کي سندس
جيئري جيترو نظرانداز ڪيو ويو آهي تنهن تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو.
¨ منصور ميراڻي جو
خيرپور ۾ گهاريل وقت به خيرپور جي اڳوڻي
رياست وانگر تاريخي حيثيت رکي ٿو.
¨ اهڙيون شخصيتون
پنهنجي ذات ۾ ادارو هونديون آهن. تنهن ڪري سندن هڪ جنم وارو ڪم الائي ڪيترن جنمن
جيترو هوندو آهي. اهو ڪم هاڻي سندس نالي اڪيڊمي قائم ڪري ئي، ڪري سگهجي ٿو.
¨ اندارو لڳايو ته ڪيڏو
نه قيمتي ماڻهو هو ۽ جيڏو هي قيمتي ماڻهو هو، اوڏي ئي بيدردي سان نظرانداز رهيو ۽ ڪيو
ويو. ان جو ڪارڻ يقينن اهو ئي هو ته هي کاٻي ڌر سان سلهاڙيل هو.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه
اها آهي ته منصور ميراڻي جهڙيون کاٻي ڌر سان سلهاڙيل شخصيتون غير انقلابي دور ۾
ايئن ئي نظرانداز ٿينديون رهيون آهن.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ
۾ ۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا