منصور ميراڻي
مٽيءَ جي مهڪ جهڙو شاعر
۽ اديب
زين سولنگي
ڪافي سال اڳ شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهڻ دوران سچل چيئر جي بلڊنگ جي سامهون خوبصورت
باغيچي ۾ هڪ ڪلاس-ميٽ سان خيرپور جي شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين متعلق ڪچهري ڪري رهيو
هئس ته ان ٻڌايو؛ ”خيرپور، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين سان ڀري پئي آهي.“ ڳالهه
شروع ٿي حضرت سچل سرمست کان، نانڪ يوسف، سخي ابو محمد صالح شاه جيلاني، مير علي
نواز ناز، عطا محمد حامي، تنوير عباسي، تاجل بيوس، منير سولنگي، پروفيسر خادم سنڌي
کان ٿيندي وڃي منصور ميراڻيءَ تي پهتي. حقيقت اها آهي ته مون کي ان ڪچهريءَ کان اڳ،
محترم منصور ميراڻي جي اها ڄاڻ نه هئي ته هو به خيرپور جو آهي. جڏهن ته مون ان کان
اڳ، نامياري فنڪار سرمد سنڌيءَ جي نهايت ئي پرڪشش خوبصورت آواز ۾ منصور ميراڻيءَ
جو اهو شاندار گيت:
