عابد چنا
سگا شاهپور چاڪر جي
متحرڪ رضاڪار جي زندگي ۽ خدمتن جو مختصر احوال.....
خالد حسين چنا
سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن هڪ وڏي سماجي تنظيم آهي جيڪا گذريل اڌ صديءَ کان پرامن خوشحال سنڌ لاءِ
رضاڪاراڻي قومي فرض سمجهي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ خدمت ڪري رهي آهي. هزارين باشعور
گريجوئيٽ رضاڪار بنا ڪنهن مٽ ڀيد، مذهبي يا سياسي فرق جي پنهنجن مسڪين بي پهچ
ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي.
