ناصر مراد قريشي
ناصر مراد ولد مراد
علي نور قريشي، ۲۸ فيبروري ۱۹۶۷ تي جيڪب آباد جي مذهبي گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد مراد علي نور صاحب،
ملڪ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب ھو.
ناصر مراد پرائمري
تعليم، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پوليس ھيڊڪوارٽر مان، ۱۹۷۷ ۾ جڏهن ته ميٽرڪ ۱۹۸۲ ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جيڪب آباد مان ڪئي.
جنهن دوران سندس رھنمائي استاد وزير احمد سرڪي ۽ استاد نثار احمد سومرو (جيڪي بعد
۾ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيا) جن ڪئي. ان علاوه انٽرميڊيئيٽ ۱۹۸۴ ۽ بي ايس سي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ۱۹۸۷ ۾ ڪئي. جتي وري کيس پروفيسر لياقت علي پٺاڻ،
پروفيسر غلام نبي سڌايو ۽ پروفيسر يونس قريشي جي شفقت ۽ رھنمائي رھيس. ماسٽر ڊگري ڪئمسٽري
جھڙي ڏکئي سبجيڪٽ ۾ ۱۹۹۱ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي مان پاس ڪري ٿرڊ پرزيشن حاصل ڪئي.
