; سنڌي شخصيتون: سائين الهورايو قريشي، خالد حسين چنا، سگا، شھدادڪوٽ،
Showing posts with label سائين الهورايو قريشي، خالد حسين چنا، سگا، شھدادڪوٽ،. Show all posts
Showing posts with label سائين الهورايو قريشي، خالد حسين چنا، سگا، شھدادڪوٽ،. Show all posts

12 September, 2020

سائين الهورايو قريشي

سائين الهورايو قريشي

خالد حسين چنا

خيال ۽ يادون به جهرڪيءَ وانگي ٽپ ڏئي ڪڏهن ڪنهن ٽاريءَ تي ٿا ويهن ته ڪڏهن آزاد اُٽار ۾ دنيا جا لقاءَ پسائين ٿا. اوچتو ماضي بعيد جو هڪ منظر سامهون مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب تي نظر پوڻ سان ذهن ۾ تري آيو، جيڪو مون کي شاگردي واري دور ۾ محترم سائين مرحوم الهورايو قريشيءَ پنهنجي صحيءَ سان شاهه عبداللطيف جا شعر پڙهڻ کانپوءِ بطور انعام ڏنو هو. ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، زندگيءَ جا پل ۽ پهر، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال ائين گذري ويا خبر ئي ڪا نه پئي. خير ايتري پراڻي ڳالهه به ڪونهي جڏهن سنڌ ۾ ماڻهو واچون ۽ گهڙيال نه هئڻ ڪري سج جا پاڇا ڏسي وقت جو اندازو لڳائيندا هئا پر يقينن شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۽ ٽرين کي روزانو هلندي ڏٺو. اسان پنهنجو هاءِ اسڪول جي شاگردي وارو دور ياد ڪندي پنهنجن عظيم استادن کي اڄ به خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.