محمد ابراھيم شيخ
سگا جو سرگرم ۽ پيارو
ساٿي - زندگيءَ جو مختصر احوال..
خالد حسين چنا
۴ ڏهاڪا زندگيءَ جو وڏو عرصو ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو زندگيءَ جون ۴۰ کان مٿي بهارون هڪڙي ئي اداري سان سلهاڙيل
رهي ته اها ان ماڻهوءَ جي اداري سان ڪمال جي انسيت چئبي. زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ماڻهو ڪنهن اداري،
تنظيم يا ڪنهن فرد سان ايترو عرصو جٽاءُ ڪري سگهندا آهن پر اسانجو دوست، اسانجو
همسفر محترم محمد ابراهيم شيخ اهڙن ماڻهن منجهان هڪ آهي، جنهن کي جڏهن کان سانڀر
ٿي آهي تڏهن کان هو سنڌ جي عظيم اداري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سان سلهاڙيل رهيو
آهي. سگا سان سلهاڙجندي خيرن سان کيس چاليھ سال اچي ٿيا آهن پر هڪ لمحو، هڪ مهل به
پاڻ کي سگا کان پري نه ڀانيو هوندائون. سگا هميشه کيس ساھ جي رڳ جيان ويجهو رهي
آهي. هو ان سڄي عرصي کان نهايت ئي سرگرم رهندو آيو آهي. سگا جي هر ننڍي وڏي
پروگرام ۾ پنهنجي شرڪت فرض جيان يقيني بڻائيندو آهي، نه رڳو پروگرامن ۾ شرڪت پر
عملي طور تي هو هر پروگرام جو هڪ متحرڪ ڪارڪن بڻجي پروگرام کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سڀني
کان اڳڀرو رهڻ ڄڻ ته سندس عادت بڻجي وئي آهي. ايترو گهڻو عرصو سگا سان ساڻ رهندي
هو هاڻي سگا جي جيئري جاڳندي تاريخ آهي، کيس سگا جي سرگرمين، لاهن چاڙهن، ڪاميابين
۽ ڪٿي ڪٿي ناڪامين جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي.
