; سنڌي شخصيتون: سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“، ڊاڪٽر محمد علي محمدي،
Showing posts with label سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“، ڊاڪٽر محمد علي محمدي،. Show all posts
Showing posts with label سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“، ڊاڪٽر محمد علي محمدي،. Show all posts

11 September, 2020

سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“

سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سال ۱۹۶۲ع جي بهار جي مند ۾، جڏهن مان ڇهين ڪلاس ۾ نيو ماڊل هاءِ اسڪول پنوعاقل ۾ پڙهندو هوس (ياد رهي ته اهو اسڪول ڪچهري روڊ تي جتي هاڻي الشمس اسپتال سگا پاران آهي. اتي هو) هي اسڪول ۱۹۵۸ع ۾ منهنجي والد صاحب قائم ڪيو هو. پني عاقل ۾ پهريون خانگي اسڪول. نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون به ٿينديون هيون. انهيءَ زماني ۾ ”مهراڻ“ اخبار ۾ ٻارن جي صفحي ”ٻارن جي ڦلواڙي“ ۾ مواد موڪليندو هوس، جيڪو ڇپجندو رهندو هو. اخبار جو ايڊيٽر هو سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“. ان زماني ۾ اسان ننڍن ننڍن ٻارن لاءِ، اخبار جي ايڊيٽر سان ملڻ وڏي خوشنصيبي هئي.