; سنڌي شخصيتون: مخدوم سڪندر بودلو بھار رح - مير حاجن مير

03 December, 2020

مخدوم سڪندر بودلو بھار رح - مير حاجن مير

مخدوم سڪندر بودلو بھار رح

(سيوھڻ جا بزرگ)

مير حاجن مير



مخدوم سڪندر بودلو خدا جو ولي، وڏي علم وارو هو. حال جي شروعات ۾ ديني علوم جو درس ڏيندو ٿي رهيو. ان کان پوءِ جذبي ۾ اچي بودلو ٿي ويو ۽ سدائين اگهاڙو گهمندو هو. (۱)

هن بزرگ جي طبيعت شاهانه هئي، تنهن ڪري کيس سڪندر جي لقب سان سڏيندا هئا. حالانڪه سندس اصل نالو سيد (شاھ مردان) هو. (۲) سندن اصل نالو سيد شاھ مردان شاھ هو. پاڻ بخاري ساداتن مان اچ جا ويٺل هئا. (۳)


حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جو خاص خدمتگارن مان، ملتاني درويش مخدوم بودلو، سڪندر عرف بودلو بهار ولد ديندار خان چنيهو، وڏو عالم ۽ متقي انسان ٿي گذريو آهي. سندس جنم ۶۰۲ھ ۱۲۳۸ع ۾ اچ شريف ملتان ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت ۾ رهندي، الله وارن جو طالب رهيو، جواني ۾ سندس ملاقات سيد محمد عثمان مروندي سان ٿي. (۴)

هي مزار قلندر جي مزار کان هڪ فرلانگ جي فاصلي تي آهي. هي بزرگ پڻ قلندر کان اڳ سيوهڻ ۾ آيو ۽ ساڻس گڏ رهيو. مقامي روايتن موجب سندس نالو سڪندر ۽ سندس پيءُ جو نالو ديندار ذات چانهيون لکي وئي آهي. (۵)

مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿه مخدوم بودلي جو نالو سڪندر ئي آهي. ۽ بودلو سندن لقب آهي. اڄ به سنڌ ۾ درويشي رکندڙ کي بودلو چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لغت ۾ بودلو جي معنيٰ ڄاڻائي ٿو ته: عقل جو سادو، ڀورڙو، چوڳو، ڇرڙيو، دادلو، چاڳلو، لاڏلو، سک جو پاليل، ارڏو، هٿ هيرو، الله لوڪ، مستانو، نهٽو، ماٺيڻو، غريب، ڌيرج وان، بردبار.

ميمڻ عبدالغفور سنڌي بودلي کي ذات جو چينهو، لکيو آهي، سيد حاڪم علي شاھ بخاري ذات جو چانهيون، لکيو آهي ٻنهي لکيڪن ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي ته هن اهو حوالو ڪٿان کنيون آهي. جيئن ته هي ٻئي ليکڪ هاڻي جي دور جا آهن. هنن ڪو پختو دليل نه ڏنو آهي. جو انهن تي اقرار ڪري سگهجي. سو آئون هن راءِ جو حق رکان ٿو ته بودلو اچ جو رهائش پذير ٿي سگهي ٿو. اڪثر محققن اچ جو هن بزرگ کي ڄاڻايو آهي. تذڪره مشائخ سيوستان واري ڪا ذات يا، والد جو نالو نه ڄاڻايو آهي. ان معتبر ڪتاب کان سواءِ ڪو ٻيو اهم ڪتاب نه مليو آهي. جنهن ۾ سڪندو بودلي جي ڄاڻ هجي. اڪثر محققن هڪ ٻئي تان مواد کنيو آهي. بودلو بهار، به ان ڪري سڏيو وڃي ٿو، ته لفظ سهڻو ٺهي پوي ٿو. تجنيس حرفي جي استعمال سان ان ڪري بودلي بهار ۾ ٻه دفعا (ب) جو استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري هن بزرگ کي بودلو بهار به سڏيندا آهن.

پنهنجي مرشد جي مهربان هئڻ ڪري ۽ پنهنجي انتهائي درجي جي عقيدت سبب قلندر لعل شهباز جي آڏو هر وقت البيلائي سان پيش ايندو هو ۽ اهڙي نموني انگل ڪندو هو. جهڙي نموني هڪ سعاتمند پنهنجي وڏي سان حجت رکي ڪنهن ڪم لاءِ ضد ڪندو آهي ۽ اهو سندس نيڪ خصلتن جو احساس ڪندي، هر حالت ۾ سندس فرمائش پوري ڪندو آهي. جيئن ته قلندر لعل شهباز جو ننڍپڻ کان ئي، رقص ۽ سرود سان ڏاڍو شوق هوندو هو. تنهنڪري بودلي به پنهنجي مرشد جي دل وندرائڻ خاطر، پرواني وارو رقص ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري بودلي بهار جا فقير، سندس روايت کي زنده رهڻ خاطر اڄ تائين وڏين راتين تي درگاھ شريف تي ڌمال ۾ ڳاڙهو لباس پائي اچي فقيراڻو رقص ڪندا آهن. (۶)

قلندر لعل شهباز معتقد اڪثر ڳاڙهو ويس پائيندا آهن، قلندر لعل شهباز جي خيالي پورٽريٽ (تصويرون) جي ٺهيون آهن. انهن ۾ قلندر لعل شهباز کي ڳاڙهو ويس پاتل ڏيکاريو ويو آهي. قلندر لعل شهباز جا طالب، شاگرد، معتقد، ۽ سندس چاهيندڙ اڄ به ڳاڙهو ويس پائن ٿا. قلندر لعل شهباز جي درگاھ سان جيڪي لاڳاپيل درگاهون آهن، انهن جا فقير، مريد، ڳاڙهو ويس ئي پائيندا آهن، سڪندر بودلي جا فقير، پڻ ڳاڙهو ويس پائيندا آهن. اڪثر فقير وڏا جبو، پهريندا ۽ سلوار پائيندا آهن، بودلي جا فقير وار وڏا ڇڏائيندا آهن، ڪي گوڏا به ٻڌندا آهن.

بودلو بهار لعل شهباز جو هڪ وڏو طالب هو ۽ لعل شهباز جي آمد جو هر وقت منتظر رهندو هو. سندس اچڻ جي سڪ ۾ گهٽيون پيو ٻهاريندو هو. (۷) ۽ چوندو هو ته (منهنجو مرشد ٿو اچي) منهنجو مرشد ٿو اچي، آخر ڪار سڪندر بودلي جي اميد پوري ٿي قلندر لعل شهباز سيوهڻ پهتو.

سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو لکي ٿو ته مخدوم سڪندر بودلي بهار جي سڪ نيٺ پوري ٿي ۽ پنهنجو مرشد اکين سان ڏسي، ان جو مريد، خليفو ۽ طالب ٿيو. (۸)

بودلو بهار، ڦوھ جواني ۾ سيوهڻ شريف پهتو، شروعات ۾ ديني درس ڏيندو هو. پر پوءِ حال کان بيحال ٿي دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي. راتيان ڏينهان روحاني رهبر جو متلاشي رهيو. انهي ذڪر فڪر واري ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهيو. (۹)

بودلي بهار جي دور ۾ سيوهڻ ۾ مذهب

جڏهن قلندر لعل شهباز سيوهڻ آيو تڏهن ٻڌ مت زوال پذير ٿي چڪو هو. ۽ ٻڌ مت جون خانقاهون جن کي سنڌي ۾  (وهارا بهار) چون ٿا. انهن جي حيثيت ۽ مذهب به بدلجي ويو ٻڌمت مڪمل ختم نه ٿيو هو پر آخري ڏينهن ۾ هو. بلڪه ڪي شاهديون اهڙيون به آهن ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ زردتشي مذهب به هلندڙ هو. ٻڌن جو اثر يا ٻڌيه سمن جي دور تائين قائم رهيو آهي. يعني سمن تائين هي ملتان جي شيخ بهاءُ الدين زڪريا، اچ تي شيخ جلال الدين سرخ پوش، بابا فريد شڪر گنج ۽ قلندر لعل شهباز منگهو پير، پير پٺو، شيخ جميل ڏاتار ۽ پير پٿوري وغيرج جي اثر جا ڏينهن آهن. يعني سنڌ ۾ تصوف جو سلسلو پکڙجي رهيو هو. تصوف جو قلندراڻو صوفي ملامتي طريقو ملنگن ۽ ڀڪشوئن کي ويجهو هئڻ ڪري ٻوڌي طريقي کي ويجهو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا هندو لوڪ قلندر شهباز ۾ ’راجا ڀرت هريءَ‘ جو اولڙو ڏسندا آهن. ۽ کيس راجا ڀرتري (راجا ڀرت هري) جو اوتار سمجهندا آهن. راجا (ڀرتري) چوٿين صدي عيسوي ۾ اُجين جي راجا (وڪرما جين) جي ديس گجرات جي اوڀر مان جلاوطن ٿي آيو. جنهن لاءِ روايت آهي. ته هن عمر جي آخري حصي ۾ ٻڌمت اختيار ڪيو. سيوهڻ ۾ اچي ان مت کي زور وٺايو هو.

ان سڄي پسمنظر ۾ سيوهڻ ۾ ٻڌمت توڻي شِومت، جون علامتون وهارا، مڙهيون، يا آشرم ضرور هئا. (۱۰)

بدر ابڙو لکي ٿو: بودلو بهار اصل ۾ ٻڌ جو وهارو آهي. ٻڌ کي آڳاٽي لهجي ۾ بودو (Boddo) چيو ويندو هو بودلو معنيٰ ٻڌ جو بهار معنيٰ بهالا سڄي هندستان ۾ هر هنڌ وهاري کي بهالا چون ٿا. ”وهارو“ معنيٰ ويهڻ جي جاءِ يا بيٺڪ جنهن کي انگريزي ۾  (Monostry) چئبو آهي. اڄ به واهي پانڌي لڳ نئه نريءَ ۾ بود و مڪان ماڳ موجود آهي. (۱۱)

سيوهڻ شهر تاريخي، قديمي شهر آهي. اسلام کان اڳ به هي شهر آباد هيو. ان ڪري هن شهر ۾ رهڻ وارن ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا ٿي سگهن ٿا. ٻڌ مذهب جا پيرو ڪار سيوهڻ به هوندا. ليڪن بودلي بهار واري جاءِ (ٻڌ جو وهارو ناهي) ٿي سگهي ٿو، ان جي اوسي پاسي ۾ ڪو وهارو هجي. ليڪن، وهاري جو ذڪر ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿو ملي. نه ئي ڪو ثبوت آهي. ته ان جاءِ تي وهارو هئو.

سڪندر بودلو سان ڪيئي قصا لاڳاپيل آهين. روايت آهي ته بودلي بهار هڪ هندو ڇوڪري سان پيار ڪندو هو. اها هندو ڇوڪري بادشاھ راجا جير جي ڌي هئي، آخر ڪار بادشاھ کي خبر پئي ته منهنجي ڌيءَ تي بودلو عاشق آهي سو راجا جيسر ان وقت جي مشهور ڪاسائي (حنود/ انود) ڪاسائي کي حڪم ڪيو ته بودلي کي ڪهي ڇڏ، حنود ڪاسائي بودلي کي ڪهي گوشت ڪري کپائي ڇڏيو. اچانڪ قلندر لعل شهباز سڏ ڪيو بودلا، بودلا، بودلا، سڏن تي ٻوٽيون ٿيل بودلو زنده ٿي ويو.

اهو هڪ روايتي قصو آهي. اهڙا قصا هر درويش سان لاڳاپيل آهن جن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي. هڪ شخص ڪٺل، ٻيو وري ٻوٽيون ٿيل کي زنده ڪرڻ ڪو آسان نه آهي. پر عقيدي ۾ اعتبار ڪيو ٿو وڃي. ان قصي ۾ سچائي گهٽ آهي. هڪ درويش جيڪو هڪ وڏو عالم آهي. اهو ڪيئن غلط ڪم ڪندو. هڪ هندو ڇوڪري سان سر عام عشق... سنڌ جي حڪمرانن ۾ راجا جيسر نالي شخص جو ڪو اتو پتو ناهي. ان قصي کي تسليم ڪيئن ڪجي؟

غفور بن حيدر سيوستاني لکي ٿو ته سڪندر بودلي هڪ لفظ جون ۷۰ معنائون ممبر تي خطاب ڪندي مهمانن کي ٻڌايون هيون. ان مان معلوم ٿيو ته بودلو هڪ جيد عالم بزرگ، نيل شخص هو. جيڪو قلندر سان بي انتها پيار ڪندو هو. قلندر جو عاشق هو. قلندر به سندس جو گهڻو احترام ڪندو هو. قلندر جو هي سچو سالڪ هو.

بودلي جي ڏاچي

بودلي جي ڏاچي ان شخص کي چيو ويندو آهي. جو هر روز سيوهڻ شهر جي گهرن (بودلي جي ويجهو رهندڙ گهرن) مان ماني، دال، کير، چانور، ڀاڄي وغيره خيرات ۾ (پنندو) وٺندو آهي. ان فقير کي ڏاچي جي ڏند ڪٿا ڏنل آهي. ان فقير کي ڳالهائڻ جي منع ٿيل هوندي آهي. جيڪو به ملندو اٿس، سڀ گڏ ڪري بودلي جي درگاھ تي کڻي ايندو هو. اتي پهچڻ سان سلامي ڏئي پوءِ فقراءَ ۾ مليل خيرات ورهائيندو آهي. ان فقير کي هڪ چنگ به هوندو آهي. اهو هو وڄائيندو آهي. وڄت جي آواز تي محلي جي رهواسين کي خبر پئجي ويندي آهي ته بودلي جو فقير پهچي ويو آهي ۽ جلدي ۾ هو ان کي دروازي تي خيرات ڏيڻ ايندا آهن. فقير کي محلي وارن کان ڪا شئي گهر ڪرڻ جي اجازت ناهي.

بودلو بهار پنهنجي دور جو هڪ اهل علم شخص آهي. مدرسي ۾ درس به ڏيندو هو، هو هڪ جيد عالم هو. جنهن جي ڪري سندس عقيدت ڪرڻ وارا اڄ به وڌندا پيا وڃن. سندس وفات قلندر لعل شهباز جي وفات کان ٽيھه سال کن پوءِ ٿي هوندي. سندس وفات جي تاريخ پڪي معلوم نه ٿي سگهي آهي.

بودلي بهار جي مقبري ۾ ٻه ٻيون به مزارون آهن پير اختر حسين انهن مزارن جا نالا پارل شاھ، شعبان شاھ ٻڌايا. هي انگريز دور جا چيا وڃن ٿا.

مقبري کان ٻاهر احاطي ۾ ۵ مزارون آهن. اولھه کان شفيع محمد، ۽ حبيب الله جون مزارون آهن. حبيب الله، شفيع محمد جو چاچو ٿئي. ان کان پوءِ بودلي بهار جا ٻه ٻيا فقير مدفون ٿيل آهن. جڏهن ته پنجون اوڀر ۾ ڍڳي فقير جي مزار آهي. ڍڳي فقير جي اصل نالي جي خبر نه پئجي سگهي آهي. هي فقير به بودلي جي درگاھ سان لاڳاپيل آهي. ڍڳي فقير جي وفات ۱۹۶۰ع ڌاري ٿي آهي. ٻيون چار مزارون به ان دور جون آهن.

بودلي بهار جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ٻه مزارون آهن جن کي ’جوڙيدار‘ چيو وڃي ٿو. ٻڌائن ٿا ته هي پاڻ ۾ اڪثر گڏ هوندا هئا. ان ڪري هنن کي جوڙيدار چيو وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو هي دوست هجن يا ڀائر هجڻ. هي انگريز دور جا آهن. چون ٿا هي قابل کان هتي آيا هئا.

بودلي بهار جي مقبري جي ويجهو اتر ۾ سيد غفور جي مزار آهي. مزار هڪ ڪمري ۾ آهي. ڪو مقبرو ٺهيل نه آهي. غفور شاھ جي دروازي وٽ مظهر علي شاھ جي مزار آهي. مظهر شاھ جي وفات ۱۹۶۵ع ڌاري ٿي آهي.

سڪندر بودلي جي مٿان هڪ خوبصورت مقبرو ٺهيل آهي جنهن جي اندر شيشي جو ڪم ٿيل آهي. اوڀر ۾ ۽ ڏکڻ ۾ دروازا اٿس. مقبري جي ڏکڻ اولهه ۾ هاڻي پير اختر حسين امام بارگاھ ٺهرائي آهي. اڳ ۾ اها امام بارگاھ ڪانه هئي. بودلي جو هن وقت سجاده نشين پير اختر حسين عرف نور شاھ آهي. مقبرو هن وقت مڪمل نئون ٺهيل آهي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا

عبدالغفور بن حيدر سيوستاني، ۲۰۱۰ع صفحو ۷۴ تذڪره مشايخ سيوستان ضلعا حڪومت ڄامشورو.

سيوهاڻي محمد پريل سولنگي ماستر، ۱۹۷۲ع صفحو ۱۶۹، گلزار قلندر، قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ.

سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، ۲۰۰۹ع صفحو ۱۱۴، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف.

سنڌي ميمڻ عبدالغفور، ۱۹۸۰ع صفحو ۲۶، عظيم سنڌي انسان، ماڊرن بڪ اسٽور لاڙڪاڻو.

سيد حاڪم علي شاھ بخاري، ۲۰۱۷ع صفحو ۵۰، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد.

محمد پريل سولنگي ماستر، ۱۹۷۲ع صفحو ۱۶۹، گلزار قلندر، حوالو اڳ آيل آهي.

سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو ۲۰۰۹ع صفحو ۱۱۴، سيوهڻ صدين کان حوالو اڳ آيل آهي.

ساڳيو.

سنڌي ميمڻ عبدالغفور ۱۹۸۰ع صفحو ۲۶ عظيم سنڌي انسان حوالو اڳ آيل آهي.

ابڙو بدر ۲۰۱۱ع صفحو ۳-۱۰۲، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.

ابڙو بدر ۲۰۱۱ع صفحو ۱۰۳، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.

No comments:

راءِ ڏيندا