; سنڌي شخصيتون: فقير جادم مڱريو

03 December, 2020

فقير جادم مڱريو

فقير جادم مڱريو

سندس وڇوڙو!

غلام حسين خاصخيلي



فقير جادم مڱريو املھ ماڻڪ شخصيت وارو ماڻھو ھو، سندس وڇوڙو انتهائي ڏکائيندڙ آھي، پاڻ سياسي ميدان ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي، هو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو اهم اڳواڻ ھو، پاڻ  وفاقي وزير ريلوي جي حيثيت سان به بھتر خدمت ڪئي، جڏهن اها خبر ميڊيا تي ڏٺي ۽ ٻُڌي ته جادم مڱريو هي جهان ڇڏي ويو ته منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا، ڇوته منهنجي هن سان ويجهڙائي هئي. پر سندس وڇوڙي کانپوءِ ھاڻ اسان وٽ صرف سندس يادون آھن. هو ھاڻ اسان ۾ نه رھيو آهي، ان سفر ڏانھن ھر ڪنھن کي ھلڻو آھي، سندس وڇوڙي تي دلي ڏک پھتو آھي، سندس يادون ۽ ساڻس ڪيل ڪچھريون ھميشه ياد رھنديون، فقير جادم مڱريو سان منھنجون ڪافي ڪچھريون ٿيل آھن، حيدرآباد ۾ جڏھن جيجل ماءُ اسپتال  قائم ڪرڻ لاءِ بنياد رکڻ واسطي ڪافي دفعا روبرو ۽ فون وسيلي صلاح ورتائين ۽ آئون جڏھن تمام گھڻو بيمار ٿي پيس ته ان وقت فقير جادم مڱريو مونسان روزانو فون وسيلي طبيعت پڇڻ سان گڏ اھو به چوندو ھو ته سائين پير پاڳاري صاحب جو حڪم آھي، جنھن به اسپتال ۾ چاھين، اتي توکي داخل ڪرايون، آئون چوندو ھئس ته سائين دعا ڪريو، آئون ٺيڪ ٿي ويندس، منھنجي اھڙي جملي تي چوندو ھو الله سائين اوھان کي صحتياب ڪندو،


سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ھي خوبصورت بيت فقير جادم مڱريو جي نانءُ ڪريان ٿو ته:

ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه ھنج،

ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهه، اچي بوءِ بھار جي.

فقير جادم مڱريو املھ ماڻڪ شخص ھو، پاڻ غريبن جو سھارو ۽ ھمدرد ھو، سندس وڇوڙي تي ھر ڪنھن جي اکين ۾ لڙڪ آھن، فقير جادم مڱريو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڪچھري وارو پروگرام فتح خان جي ڪچھري کي ٻڌندو ھو ۽ کيس ڏاڏي فتح خان جي ڪچھري تمام گھڻي وڻندي ھئي، آئون جڏهن ڪچھري ۾ خط پڙھندو ھئس ۽ منھنجي خط پڙھڻ واري انداز کي به پسند ڪرڻ جو اظھارڪندي چوندو ھو ته الله اوھان کي آواز جي بھترين ڏات ڏني آھي، ڏاڏي فتح خان سيد صالح محمد شاھ جي وفات تي کيس تمام گھڻو ڏک پھتو ھئس ۽ چيائين ادا ڪچھري جي مور خان محروم ٿي وياسين، ڏاڏي جي وڇوڙي کانپوءِ ڪچھري جو نالو فتح خان جي اوطاق ٿيو، ان ڪچھري کي به فقير جادم مڱريو ٻڌندو ھو ۽ فقير نظير احمد لغاري جي ڪچھري واري انداز کي پسند ڪندي چوندو ھو ته ڏاڏي واريون خوبيون اٿس، سندس انداز بھتر آھي، ريڊيو جي دنيا ۾ ترقي واري معاملي تي اھو چوندو ھو ته ڪچھري واري ريڊيو پروگرام کي موبائيل تي به لائيو نشر ڪريو جنھن سان ھر ماڻھو سولائي سان ٻڌي سگھي ٿو، مون ڪچھري کي موبائيل وسيلي لائيو نشر ڪيو ته پاڻ تمام گھڻو خوش ٿيو، مون جڏھن پنھنجي دوست صحافي شاعر مختيار وڪو سان صلاح ڪري سوشل ميڊيا وسيلي پروگرام سنگيت جي دنيا ۽ رات جو سفر شروع ڪيو، جنھن کي ٻڌڻ وارن ڀرپور موٽ ڏني، اھي پروگرام به فقير جادم مڱريو ٻڌا ھئا ۽ چيائين ته واھ جا پروگرام آھن، اھو سلسلو جاري رکجو، هو پروگرام صبح مھراڻ کي ريڊيو سيٽ تي نشر ڪرڻ سان گڏ موبائيل وسيلي به لائيو نشر ڪرڻ کي پسند ڪندي چوندو ھو ته توھان جو پروگرام پوري دنيا ۾ ٻڌڻ وارا ٻڌن ٿا، سندس يادون ڳالھيون تاريخ ۾ ھميشه سونھري لفظن سان ياد رکيون وينديون،

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا...!

 

(ڏيھاڙي ڪاوش ۲۶ نومبر ۲۰۲۰ع)


 

ھڪڙو ھو فقير جادم مڱريو...!

نور سنڌي

ڪجھ ڏينھن اڳ ميڊيا ذريعي خبر پئي ته مشھور سياسي سماجي شخصيت فقير جادم مڱريو جي ڪورونا ٽيسٽ ھاڪاري اچڻ ڪري ڪراچي جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ کيس داخل ڪرايو ويو آھي، ان بعد سوشل ميڊيا تي سندس صحتيابي لاءِ دعائن جي اپيل جون پوسٽون نظر آيون، بعد ۾ سندس ويجھن حلقن کان معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته سندس طبعت سڌرندڙ آھي، سوشل ميڊيا تي چند ڏينھن اڳ سندس ھڪ تصوير نظر آئي، جيڪا اسپتال ۾ ورتل ھئي، جنھن ۾ ھو ھٿ ائين لوڏي رھيو ھو جھڙو ڪنھن کي الوداع ڪري رھيو ھجي! کيس ماسڪ پاتل هو، انتھائي ڪمزور نظر اچي رھيو ھو ۽ پوءِ ۲۵ نومبر تي سوشل ميڊيا ذريعي سندس لاڏاڻي واري خبر ڇرڪ ڀرائي ڇڏيو! يقين نه پيو اچي، ڇو ته سوشل ميڊيا تي ۸۰ سيڪڙو خبرون غير تصديق شده ھونديون آھن، تصديق ڪرڻ لاءِ ڪنگري ھائوس سان ويجھو رھندڙ اسان جي ڀائرن جھڙي دوست عبدالوھاب منشي کي فون ڪيم، جنھن روئڻهارڪو ٿي چيو ته ھا سائين فقير جادم مڱريو اسان کان وڇڙي ويو!

سال ۲۰۰۳ع ڌاري سنڌ جي وڏي وزير سردار علي محمد خان جي وڏ وزارت دوران جڏھن فقير جادم مڱريو ڪميونٽي ڊولپمنٽ بابت سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار ھو، تڏھن حيدرآباد جي ھڪ دوست جي ھڪ ڪم لاءِ سندس ھڪ دوست جي معرفت سندس آفيس ۾ وڃڻ ٿيو، پاڻ لکين عزتون ڏنائين، دوست جو ڪم به ڪيائين، جڏھن مون پنھنجي مڪمل تعارف ۾ کيس ٻڌايو ته آئون سروري جماعت جو آھيان ته پاڻ چيائين حضرت مخدوم سرور نوح رحه جي وڏي گادي آھي، سنڌ ۾ ٽن روحاني جماعتن حر جماعت، سروري جماعت ۽ غوثيه جماعت سياسي طور الڳ سھي پر جيڪي به گادي نشين رھيا آھن يا آھن، انھن وٽ ھڪ ٻئي لاءِ وڏو ادب احترام رھيو آھي. ھن مرڪندي چيو ته ڪاش اھي ٽئي روحاني جماعتون سياسي طور ھڪ ٿي وڃن ته سنڌ جو فائدو آھي، ان بعد ڪافي دفعا حيدرآباد ۾ ۽ لطيف سائين جي عرس مبارڪ جي راڳ رھاڻ جي محفل ۾ ۽ بعد ۾ ريسٽ ھائوس تي ملاقاتون ٿيون، جنھن ۾ ملڪي سياست تي ڪچھريون ٿينديون ھيون، مون کيس ڀيڄ ڀٽائي مئگزين سان گڏ ھڪ دفعو لطيف سائين جو گنج شريف ھڪ دفعي لطيف سائين جي حوالي سان ڇپيل ڪجھ ڪتاب ڏنا، ڀٽ ڌڻي لاءِ سندس چوڻ ھو ته لطيف سرڪار دنيا جو عظيم صوفي شاعر ۽ ولي الله آھي، جنھن روضي ڌڻي لاءِ اڳواٽ ٻڌايو ته ھن خاندان ۾ وڏي پائي جو ولي الله پيدا ٿيندو جنھن جا لکين مريد ٿيندا، ھن ٻڌايو ته حضرت پير سائين شھيد سورھه بادشاھ سائين پير صبغت الله شھيد پاڻ سان گڏ لطيف سائين جو رسالو رکندو ھو، سندن جيل ڊائري ۾ لطيف سائين جا بيت به لکيل آھن. فقير جادم جي لطيف سائين کانسواءِ ٻين ولين سان به عقيدت ھئي، ھو فقير منش ھو، کيس ٻئي کي پنھنجو ڪرڻ جو فن ھو، ساڻس ھڪ دفعو ملندڙ سندس مداح بنجي ويندو ھو، ساڻس فون تي رابطو ته اڪثر رھندو ھو پر ساڻس آخري دفعو ملاقات جيجل ماءُ اسپتال جيڪا سندس اسپتال ھئي، جتي غريب ماڻھن جو مفت ۾ يا گھٽ پئسن ۾ علاج ڪيو ويندو ھو، اتي مشھور اديب شاعر پروانو ڀٽي جي عيادت ڪرڻ وقت ٿي.

فقير جادم مڱريو لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ واري اسان جي ڪوشش جي ھمٿ افزائي لاءِ سهڪار ڪندو هو، ٻه مھينا اڳ کيس ميسيج ڪيم ته سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي اوھان کان انٽرويو ڪرڻو آھي، پاڻ ھا به ڪئي پر مصروفيتن جي ڪري يا ڪنھن ٻئي سبب ڪري ٽائيم نه ڏئي سگھيو، جادم فقير پياري ھر دلعزيز ۽ نامياري شخصيت ھو، بنا فرق جي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪاري کان وٺي مملڪتي وفاقي وزير رھڻ دوران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھن لاءِ مشھور آھي ته ھن مخالف پارٽي سان وابسطا ماڻھن جا به ڪم ڪيا، انھن جي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، پاڻ مھمان نواز غريبن جو ھمدرد يارويس انسان ھو، فقير جادم جي وڇوڙي سان سياست جي دنيا ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو سندس وڇوڙي بعد ڪڏھن به ڀرجي نه سگهندو.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد، ۲۸ نومبر ۲۰۲۰ع)



اڳوڻو ريلوي وزير جادم مڱريو ڪرونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ فنڪشنل جو سينيئر سياستدان اڳوڻو ريلوي وزير جادم مڱريو ڪرونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو جادم مڱريو جو تعلق مسلم ليگ فنڪشنل سان هو ۽ هو حرن جو خليفو به هو کيس ڪرونا سبب طيبعت خراب ٿيڻ تي خانگي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هو ڪيترن ڏينهن کان علاج هيٺ هو فقير جادم مڱريو جي لاڏاڻي تي عمرڪوٽ جي علائقن ۾ سوڳ وارو ماحول هو سياسي سماجي شخصيتن فقير جادم مڱريو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب فقير جادم مڱريو ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو عمرڪوٽ ۽ فقير جادم مڱريو جي  آبادي ڳوٺ فقير ولي محمد مڱريو ۾ سوڳ وارو ماحول ٿي ويو. فقير جادم مڱريو جي لاڏاني جي خبر جنگ ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي سوين جي انگ ۾ ماڻهو ان جي حويلي پهچي ويا سياسي سماجي اڳواڻن مسلم ليگ فنڪشنل جي سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه، صوبائي وزير سيد سردارعلي شاهه، سيد امير علي شاهه، اڳوڻو ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر سيد نورعلي شاهه سنڌ اسيمبلي ميمبر قاسم سراج سومرو. اڳوڻو ميونسپل چيئرمين عمرڪوٽ خالد سراج سومرو، صحافي سيد عمران شاهه، سينيئر صحافي سيد ريحان شبير، سينيئر صحافي اعجاز سمون، مسلم ليگ فنڪشنل عمرڪوٽ جي مقامي اڳواڻن رمضان راڄڙ سليم مهر، غلام محمد مهر، سياسي سماجي اڳواڻ، شوڪت اديپوري، محمد علي ناگوري، سماجي اڳواڻ عبدالغفار ناگوري سيد قمرالحسن شام سيد اشتياق شاهه اسلم مهر سميت سياسي سماجي سول سوسائٽي جي اڳواڻن پنهنجن بيانن ۾ فقير جادم مڱريو جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ پونيئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر ۾ رهڻ جي سگهه ڏي. فقير جادم مڱريو جي لاڏاڻي جي خبر جي اطلاع تي ئي ڍورو نارو، غلام نبي  شاهه سميت ڪيترائي آس پاس جا ڳوٺ سوڳ ۾ بند ٿي ويا مرحوم کي ڳوٺ ولي محمد مڱريو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

(ڏيھاڙي فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻو)



جادم منڱريو جون ساروڻيون

تحرير؛ عبدالوھاب منشي ۽ جادم منڱريو

اسين اڪثر ان کان ٻڌاندا هياسين آهي ته ”مان وڏو ماڻهو ناهيان، مان هاري جو پٽ آهيان، منهنجو پيءُ غريب هو، اسان وٽ ڪجهه به نه هو. سڀ ڪجهه پير صاحب پاڳاري جي دعائن جو اثر آهي، نه ته مون جهڙو هاري جو پٽ وزير ٿئي ها؟ وزير اعظم جو صلاحڪار ٿيڻ سڀ ڪجهه مرشد جي دعائن ۽ مديني واري جي مهربانيءَ سان ٿيو آهي.“ هو منهنجي والد شهاب الدين منشي جي وفات کان پوءِ هڪ ئي سال ۲۰۲۰ ۾آخري دفعو مون سان هڪ ئي سال ۾ ٽي ڀيرا ملڻ آيو، ته مان پاڻ سوچڻ تي مجبور ٿي ويس ته  آخر هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي، هو جڏهن به آيو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو؛ ”ڳڻتي نه ڪر، تون هڪ عظيم پيءُ جو پٽ آهين، تو کي دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي  هلڻو آهي، هاڻي منشي صاحب نه آهي ته پوءِ مان تنهنجو وڏو ڀاءُ موجود آهيان، هي گهر منهنجو پنهنجو آهي.“ اها فقير جادم جي آخري ملاقات ۱۱ سيپٽبر ۲۰۲۰ تي منشي هائوس تي ٿي هئي، جڏهن پير پاڳاري جي حڪم تي انجي وڏي پٽ ايم پي اي پير محمد راشد ۽ حر جماعت جا معزز ماڻهو منهنجي والد جي فاتحه خواني لاءِ منشي هائوس پهتا هيا.  فقير جادم منڱريو مون سان اها گفتگو ان موقعي تي ڪئي هئي.

جادم منڱريو ڪير هو؟ ڇا هيو؟ تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هئي. پر ان انسان کي پنهنجي الله پاڪ، ان جي رسولﷺ ۽ قرآن پاڪ مرشد جي ڪمال جو عشق هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي شروعات انتهائي غربت ۽ فقيري سان شروع ڪئي. هو اڪثر اسانجي محفل ۾ جڏهن به حسين هارون،  قبول کٽياڻ، پير محمد صادق، ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ، ڪليم الله وساڻ، مسعود جماڻي ۽ ٻيا دوستن ۽ محفلن ۾ سگار جو ڪش لڳائي پنهنجي ماضي کي ياد ڪندو هو. پنهنجي مرشد جي دعا ۽ مديني واري مير جي ڪرم جي ڳالهه ڪندو هو، ته ان فقير جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ ۽ چهري تي هڪ الڳ تاثر هوندو هو.

فقير جادم منڱريو جي سياست جي شروعات  مسلم ليگ فنڪشنل جي شاگرد ونگ سان ٿي،  پوءِ هو پنهنجي پارٽي  ۽ حر جماعت جو معزز بڻجي ويو، جادم منڱريو  نه رڳو هڪ سياسي انسان هو،  پر ان جي وجود ۾ انسانيت به ڀريل هئي. هو ڪنهن غريب کي خالي ڪونه موٽائيندو هو، اڪثر جادم منڱريو  ان جي ننڍي ڀاءُ خضر حيات منڱريو سان گڏ هوندو هو، هو ڪنهن به غريب کي ڏسندو هو  ته فورن ان کي پنهنجو ماضي ياد ايندو هو، انکي دعا جي معجزن، روحاني  ڪچهريون ۽ پيرن فقيرن تي گهڻو ڀروسو  هوندو هو.

جادم فقير جو حيدرآباد جي دل قاسم آباد جي ماڻهن تي هڪ وڏو احسان لکان  ته اهو سچ هوندو، هن شخص پنهنجي مرحومه والده جي نالي تي حيدرآباد ۾ ”جيجل ماءُ اسپتال“ جهڙي هڪ فلاحي اسپتال قائم ڪئي، مون پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا وڏا ڪروڙ پتي ۽ سياسي ليڊر ۽ سيٺ ڏٺا آهن، پر الله جي راهه ۾ خرچ ڪندڙ فلاحي ادارا ٺاهڻ وارا گهٽ ڏٺا، پر ”جيجل ماءُ اسپتال“ غريب ماڻهن جي لاءِ هڪ تحفو ڏنو آهي. جتي سڄي سنڌ سميت ٿر پارڪر جي ريگستان کان ڪاڇو تائين غريب ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي آهي.

مان اڪثر ان اسپتال ۾ رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، پروانو ڀٽي، ذوالفقار قادري، سميت سنڌ جي وڏن وڏن سياستدانن ۽ قلمڪارن جو علاج ٿيندي ڏٺو، جنهن لاءِ جادم منڱريو هميشه چوندو هو ته مون کي هن مان پئسن جي ضرورت ناهي،  بس دعا ڪريو، اهو منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

جادم منڱريو پنهنجي علائقي جي ماڻهن خاص ڪري پنهنجي پارٽيءَ هڪ وڏي سياسي ۽ سماجي شخصيت هئي، هن ماڻهوءَ سان ضرور سياسي اختلاف رکي سگهجن ٿا، پر هن جي عملي شخصيت جي خوبي اها هئي ته، جيڪڏهن ان جو دشمن به هڪ دفعو ان سان ملڻ لاءِ ايندو هو ته پوءِ هو ٻي ملاقات جو طلبگار بڻجي ويندو هو جنهن جادم کي مان هڪ ڀاءُ جي حيثيت سان ڄاڻيندو هئس، ان انسان ۾ بيشمار خوبيون هيون، هن جو جنهن سان لاڳاپو، دوستي يا واسطو رکندو هو. اهو رشتو آخري وقت تائين قائم رکيو ايندو هو.

منهنجي ان سان دوستي سندس روحاني مرشد پير سائين شاهه مردان شاهه مرحوم جي ڪري هئي، شروع ۾ ته هو منهنجو دوست هو، پر وقت جي رفتار مون کي ان جو محبوب، دوست ۽ ڀاءُ بڻائي ڇڏيوـ هو اڪثر حيدرآباد ۾ ايندو هو ته رات جو عشاءَ جي نماز کان پوءِ مونکي فون ڪندو هو، وڏا ماڻهو، ڪٿي آهين، رات جي ماني کائينداسين.

فقير ڪڏهن به رات جي ماني اڪيلو نه کائيندو هو، ۽ حيدرآباد ۾ تو کان سواءِ ماني هضم به نه ٿيندي آهي، اچو ته رات جي گڏجي ماني کائون، ان جي ڪچهري محفل ۽ چرچن جو انداز ئي پنهنجو هو، هو هڪ کرو ۽ سچو انسان هو، هن ڪڏهن به ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو ڪندو هو ۽ ڪڏهن به منافقت نه ڪئي.

جادم منڱريي عمرڪوٽ جي سياست ۾ نه رڳو پنهنجو نالو ڪمايو، پر سنڌ جي عوام جي خوشين ۽ غمن ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. هو سنڌ دوست، محب الوطن پاڪستاني هو جنهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ هن ملڪ جي پاڪ فوج سان عشق هو، پاڪستان جي سياست کان وٺي بين الاقوامي معاملن تي سندس تمام گهڻي نظر هوندي هئي، هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ ويهندو هو ته خاموشيءَ ۽ ادب سان ان کي ٻڌندو هو، پر آخر ۾ جڏهن به ڪنهن محفل مان ويندو هو ته پويان ان جون ڳالهيون ڪيون وينديون هيون.

جادم منڱريو پاڻ  هڪ سخي انسان هو، پنهنجي دسترخوان تي هو پنهنجي مخالف جي به ايتري عزت ڪندو هو، جيتري پنهنجي دوست جي عزت ڪندو هو، هو پنهنجي ذات ۾ بي پناهه بهترين انسان هو، يقيناً جادم منڱريو جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، ان کي ڪير به ڀري نٿو سگهي، هن دنيا مان رخصت ٿيندي هن پنهنجي دوست سان گڏ مخالفن کي به روئاري ڇڏيو هو، هو هن ڌرتي جو دلير ۽ سچو پٽ هو، جنهن کي نومبر جي بي رحم مهيني ڪورونا جي بهاني سان وٺي اسان کان ڌار ڪيو.

جادم مڱريو جو ڏک منهنجي لاءِ ڪڏهن به پراڻو نه ٿو ٿي سگهي، پر اڄ سندس وڃڻ  کان پوءِ مان مرحوم جادم منڱريو جي خوشبوءِ  سندس ننڍي ڀاءُ فقير خضر حيات مڱريو مان محسوس ڪري سگهان ٿو.

جادم جي وفات کان پوءِ جڏهن سنڌي روايت مطابق خضر حيات مڱريو کي پنهنجي ڀاءُ جي جڳهه  تي چونڊيو ويو. اها پڳداري ڪنڊن واري سيج کان گهٽ نه آهي، اڄ جهڙي طرح خضر حيات مڱريو پنهنجي ڀاءُ وانگر محنت ۽ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

ان جو اعتراف اسان پنهنجي عمر ڪوٽ جي تازي دوري ۾ ماڻهن سان حال احوال وٺندي ٻڌو، هو پنهنجي پارٽي ۽ جماعت سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم فقير جادم مڱريو جي نقش قدمن تي هلندي نظر اچي رهيو آهي. جيڪو هن جي ذات لاءِ ڪنهن وڏي امتحان کان گهٽ نه آهي.

هن فقير جي اڄوڪي پهرين ورسي جي نسبت منهنجي سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ ان جي  پونئيرن کي فقير جادم مڱريو جي رستي تي هلڻ ۾ ڪامياب عطا فرمائي. باقي هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي،  هتي هر انسان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان پوءِ واپس  الله تعاليٰ ڏانهن موٽندو آهي، پر اسان کي ضرور ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ ۾ ڪجهه به نه بچندو آهي،  انسان کي سندس  ڪردار ۽ چڱائي تاريخ ۾ امر رکندي آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



فقير محمد جادم مڱريو

ووڙيم سڀ وٿاڻ!

فقير محب مڱريو

عمرڪوٽ ضلعو هونئن ته ٿر ۽ ناري پٽ جو اھڙو خوبصورت سنگم آھي، جنھن جو ھڪڙو پير وارياسي ۽ ٻيو ناري پٽ ۾ آھي، ان ڪري ٿر جو گيٽ وي به سڏيو وڃي ٿو. پر عمرڪوٽ جي ٻي سڃاڻپ ھتان جون شخصيتون به آھن، جن ۾ خاص ڪري سياست جي حوالي سان کاٻي ڌر جي سياستدان عبدالواحد آريسر کان ويندي پارليامينٽرين سياستدان، سيد مظفر حسين شاهه، فقير حاجي جادم منڱريو، راڻا چندر سنگهه، نواب يوسف ٽالپر، علي مردان شاهه کان ويندي موجوده وزير ثقافت و تعليم سردار شاھ تائين يا ادب جي دنيا ۾ ماما جمن دربدر کان حليم باغي يا سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي شفيع فقير سميت ٻيا به انيڪ حوالا آھن. انھن نالن جي اھڙي سنگم ۾ فقير محمد جادم منڱريو الڳ ٿلڳ ۽ منفرد سياسي ٿاٽ سببان منفرد شخصيت جو مالڪ ھو. سندس ھڏڏوکي ھيٺئين طبقي جي ماڻھن سان ايڏي ته رھي جو ھاڻ سندس چاھيندڙ ڄڻ ڀريل ميلي ۾ به اڪيلا ھجن.

فقير جادم غريبيءَ کان ويندي بادشاهي واري سفر تائين سموري سفر ۾ هڪجهڙو ئي شفيق و نفيس انسان رهيو. هُن وٽان ڪڏھن به ڪو ماڻهو مايوس ٿي نه موٽيو. فقير جادم منڱريو جادوگر جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو هو. منجھس ايتري ته جادوئي ڪلا هئي جو وڏا وڏا ليڊر سندس جادوئي زبان جي سحر ۾ مبتلا ٿي سندن مداح بڻجي ويندا هئا.

اھڙو ئي ھڪ قصو ڳڻائجي ته هڪڙي ڀيري ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف جي ڪا دعوت هئي، سڀئي مهمان اچي ويا ايستائين جو پير سائين پاڳارو به اچي ويو، سائينءَ، مشرف کي چيو ته اڃان گيٽ تي ڪنهن جو ٿا انتظار ڪيو، هاڻ هلون اندر سڀ مهمان اچي ويا آھن، ته پرويز مشرف جواب ڏنو ته قبلا سائين! منهنجو هڪ خاص مهمان دوست اڃا نه پهتو آھي. جنھن تي پير سائينءَ پڇيو ته اڃا ڪهڙو مهمان خاص رهيل آھي؟ جنھن تي تڏھوڪي صدر پرويز مشرف وراڻيو ته قبلا اوهانجو فقير آھي جادم منڱريو، ان جو انتظار آهي.

جڏھن فقير جادم آيو ته پير سائينءَ، فقير کي مسڪرائي پڇا ڪئي ته جادم فقير مشرف ته اوهان جو مداح ٿي پيو آھي. ته فقير صاحب جواب ڏنو، قبلا سائين ٻيو ڪجهه ناھي اوهان جو دعائون آھن. فقير جادم منڱريو جي اک ايتري ته پرک ڪندڙ هئي جو هڪ دفعي ماڻھو ملاقات ڪري ٻيھر لکن جي مجموعي ۾ به ملي ته کيس نالي ۽ ذات سان سڏ ڪري حال احوال وٺندو هو. هو بي پھچ ماڻھن کان وٺي اسان سياسي ڪارڪنن لاء ڇپر ڇانءَ هو. پهرين بيل تي فون اٽينڊ ڪري ڪم ڪار جو پڇڻ کان وٺي بالا آفيسرن سان لائين تي رکي منٽن ۾ ڪم ڪار ۽ مسئلا حل ڪرائڻ سندس کاٻي هٿ جو کيل هوندو ھيو. هڪ دفعو ايم اين اي، مملڪتي وزير ۽ صوبائي صلاحڪار پڻ رهيو، ۽ هزارين نوجوانن کي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ روزگار تي لڳرايو. پنهنجي علائقي سميت سنڌ جي ماڻھو جي آخري دم تائين خدمت ڪيائين. ھن فلاحي ادارا جوڙي خدمتون ڪيون. ڍورونارو ويجهو ننڍڙي ڳوٺ کان سياسي سفر شروع ڪندڙ فقير جادم منڱريو ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي سياست تي پنهنجا اڻ مٽ نقش اڀاري ويو آھي. اڄ سندس ورسي آھي.

آتڻ اورانگھي ويا، آئون ٿي مران، ماء!

پٿون ٿينديس پير تي ھيء! ھيء! ڪري ھاء!

جيئڻ مون نه جڳاء، پرين تان پاسو ڪيو!

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا