فقير جادم مڱريو
سندس وڇوڙو!
غلام حسين
خاصخيلي
فقير جادم مڱريو
املھ ماڻڪ شخصيت وارو ماڻھو ھو، سندس وڇوڙو انتهائي ڏکائيندڙ آھي، پاڻ سياسي ميدان
۾ تمام وڏي خدمت ڪئي، هو پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جو اهم اڳواڻ ھو، پاڻ وفاقي وزير ريلوي جي حيثيت سان به بھتر خدمت ڪئي،
جڏهن اها خبر ميڊيا تي ڏٺي ۽ ٻُڌي ته جادم مڱريو هي جهان ڇڏي ويو ته منهنجا حوصلا
خطا ٿي ويا، ڇوته منهنجي هن سان ويجهڙائي هئي. پر سندس وڇوڙي کانپوءِ ھاڻ اسان وٽ
صرف سندس يادون آھن. هو ھاڻ اسان ۾ نه رھيو آهي، ان سفر ڏانھن ھر ڪنھن کي ھلڻو
آھي، سندس وڇوڙي تي دلي ڏک پھتو آھي، سندس يادون ۽ ساڻس ڪيل ڪچھريون ھميشه ياد رھنديون،
فقير جادم مڱريو سان منھنجون ڪافي ڪچھريون ٿيل آھن، حيدرآباد ۾ جڏھن جيجل ماءُ
اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ بنياد رکڻ واسطي ڪافي
دفعا روبرو ۽ فون وسيلي صلاح ورتائين ۽ آئون جڏھن تمام گھڻو بيمار ٿي پيس ته ان
وقت فقير جادم مڱريو مونسان روزانو فون وسيلي طبيعت پڇڻ سان گڏ اھو به چوندو ھو ته
سائين پير پاڳاري صاحب جو حڪم آھي، جنھن به اسپتال ۾ چاھين، اتي توکي داخل ڪرايون،
آئون چوندو ھئس ته سائين دعا ڪريو، آئون ٺيڪ ٿي ويندس، منھنجي اھڙي جملي تي چوندو
ھو الله سائين اوھان کي صحتياب ڪندو،