; سنڌي شخصيتون: نثار ٻلھڙو

04 December, 2020

نثار ٻلھڙو

نثار ٻلھڙو

موڪلاڻي ۽ سرڪار جي بي حسي

پيار علي چانڊيو



سنڌ ڌرتي جا ماڻهو، دردن جي ڪهاڻين سان ڀريا پيا آهن. ڪٿي هو پنهنجو حال اورين ٿا ته ڪٿي وري هُنن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها ئي سڀ ڪجهه بيان ڪن ٿا. سنڌ ۾ اهڙا ڪيترا ئي اٻوجهھ ۽ لاچار ماڻهو آهن، جيڪي بس جيون کي جيارن پيا. باقي ته جهڙا آهن تهڙا ناهن. سنڌ جي ماڻهن کي تڪليفون ڄڻ ته ڏاج ۾ مليل آهن. انهن تڪليفن جو ختم ٿيڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. هن ڌرتي جا ماڻهو، انهن تڪليفن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپندا ۽ روئندا رهن ٿا. پر اهي تڪليفون انهن کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙينديون وڃن ٿيون. دردن سان تڪليفن سان ۽ ڏُکن سان ويڙھ ڪندڙ هڪ ڌرتي ڌڻي نابين خاندان جا اڄ دردن وارا ڳوڙها سڀني اڳيان بيان ڪجن ٿا جيڪي ڳوڙها غربت سبب اکين مان وهندا رهن ٿا ان نابين خاندان جي درد ڪٿا ٻڌڻ بعد ان ڳالهھ پڪ ڏياري ته سنڌ دردن ۾ ويڙهجي وئي آهي.


دنيا ۾ جيئڻ لاءِ انسان ڪيئرا ئي وس ڪندو آھي ۽ ھر مشڪل گھڙي کي گھارڻ لاءِ جتن ڪري زندگي جي ڏينھڙن کي سکن طرف سوريندو آھي پر وقت جون حالتون ھماليه جبل ٿي سامھون بيھن ته نيٺ انسان مجبورن ڏکن ڏولاون آڏو گوڏا کوڙي بيوسي جون گھڙيون گذاريندو آھي پر زندگي تڏھن سورن جو سامان بڻبي آھي جڏھن بيوسي لاچاري ۾ ڪو سھارو ۽ سھائتا ڪرڻ وارو نه رھندو آھي ۽ زندگي جو ھر ڏيڻھن موت مھمان جي آجيان لاءِ تيار ھوندو آھي ، سنڌ اھڙن لاچارن بيوس ماڻھن سان ڀري پئي آھي جيڪي ڪنھن مسيحا جا منتظر آھن اھڙن ئي بيوس لاچار ماڻھن مان سماجي اڳواڻ نثار احمد ٻلھڙو جيڪو ڌرتي جو درد کڻي نيٺ ڌرتي جي ھنج ۾ آرامي ٿيو آھي تنھن تي جيترا ڳوڙھا ڳاڙجن گھٽ آھن ،

زندگي جون ۳۰ بھارون ڏسندڙ ڳڀرو جوان نثار ٻلھڙو ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته سماج جي خدمت ڪندي ڪندي ڪڏھن پاڻ ئي بيوسي ۽ لاچاري جي ڪھاڻي بڻجي ويندو ۽ سڄي سنڌ سوڳوار ڪري ويندو، سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رھندڙ نثار ٻه سال پھريان ھلڪي ناچاڪي سبب مقامي اسپتالن مان علاج معالج ڪرائيندو رھيو پر جسم جي سگھه ڇڏڻ ۽ ڪمزوري جي شدت وڌڻ سبب جڏھن ھڪ وڏي اسپتالن مان ٽيسٽ ڪرائي ته پيرن ھيٺان ڌرتي نڪري وئي ڇو ته نثار اھڙي موڙ تي اچي بيٺو ھو جتي صرف حوصلي ۽ سھاري ڏيڻ جي ضرورت ھئي ، ڊاڪٽرن مطابق ھن ڳڀرو جانٺي نثار کي ڪينسر جھڙي موذي مرض سان جنگ جوٽڻ جا ڏينھن سامھون آيا ، غربت تنگدستي ۽ مفلسي جي ماريل خاندان جي نثار احمد حوصلو نه ھاريو ۽ ڏکويل خاندان کي حوصلو ڏيندو رھيو ته مان جيئڻ جا جتن ڪندس ۽ ڌرتي تي رھندڙ ماروئڙن جي خدمت جاري رکندس پر نثار کي شايد اھا خبر نه ھُئي ته ھي اندر کي ڏنل آٿت مون لاءِ مرڪ بجاءّ بيوسي جو موت ثابت ٿيندي ، غريبي حال خاندان نثار جي علاج لاءِ گھر جو الھه تلھه داءُ تي لڳائي علاج ڪرايو پر ڪنھن به ڦڪي ڪو فرق نه ڪيو ۽ ڏينھون ڏينھن ڪينسر جو مرض اندر کي ڪوري کائيندو رھيو ۽ ھن موذي مرض نثار کي نھوڙي غش ڪري ھڪ ھنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ وارثن وٽ بي حال بڻيل جسم مٿان ڳوڙھا ڳاڙڻ کانسواءِ ڪجھ نه بچيو ھو.

سماجي اڳواڻ نثار جي ھڏائي حالت ڏسي سنڌ ڌرتي جي ھمدرد ۽ انسانيت جو درد رکندڙ ڌريون نثار جي حياتي بچائڻ لاءِ ميدان تي نڪري پيون ۽ در در جھولي جھلي ڪجهھ رقم گڏ ڪري نثار جي علاج لاءِ وارثن حوالي ڪئي پر اھڙي گھڙين ۾ افسوس تڏھن پئي ٿيو ته سنڌ سرڪار جا واڳ ڌڻي نوجوان جي مالي سھائتا ۽ علاج لاءِ ڪا اڳڀرائي نه ڪئي. حڪومت جي اھڙي بيحسي کي جڏھن ميڊيا پنھنجي سرخين جو رنگ ڏنو ته مجبورن نثار جي علاج جو سرڪاري سطح تي اعلان ڪرڻو پر اھي اعلان ڪڏھن به پورا ناھن ٿيندا ۽ ائين وزير اعلي’ سنڌ ۽ وفاق جو ويھاريل گڏو گورنر به صرف سکڻي ھام ھڻڻ تائين محدود رھيا.

سماجي اڳواڻ نثار ٻلھڙو جي درد جي ڪٿا بقول پيرسن پيءُ محمد رفيق ٻلھڙو جي ته منھنجو ڳڀرو پٽ ڪيتري عرصي کان ڪينسر جھڙي مرض ۾ مبتلا ھو جنھن جي علاج لاءِ گھر جو الھه تلھه وڪڻي ڇڏيو جڏھن ته اسان اپيل تي سنڌ سرڪار پُٽ جي سرڪاري اسپتال مان علاج واسطي اعلان ڪيو ھو ۽ پٽ کي سرڪاري ڪامورن علاج لاءِ ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي ڪجهھ ڏينھن علاج ھليو پر ڊاڪٽرن علاج جو جواب ڏئي ڇڏيو ته اسان کي مٿان وڌيڪ علاج کان روڪيو ويو آھي. اھڙي طرح پُٽ کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو جنھن بعد مجبورن بيمار پٽ کي ڳوٺ کڻي آيس ۽ سنڌ جي سماجي ڌرين جھولي فنڊ قائم ڪري ڪجھ رقم ڏني جنھن مان علاج ڪرايو پر طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ ڊاڪٽرن چيو ته نثار جو علاج ٻاھرين ملڪن مان ٿيندو جنھن تي ۸۰ لک روپيا خرچ ايندو ۽ مجبور ٿي وري به سرڪار آڏو ھٿ ٽنگيو ۽ گورنر علاج جو اعلان ڪيو پر ان تي عمل نٿي سگھيو، منھنجي پُٽ نثار زندگي جا آخري ڏينھن بي يارومددگار ھڪ کٽ تي گذاريا ، ھُن وڌيڪ ٻڌايو تڪ جي چونڊيل نمائندن بيمار پٽ جي ڪڏھن به سار نه لڌي نه ئي مالي سھائتا ڪئي پر آخري گھڙي ۾ به ناھن آيا جيڪا اسان غريبن سان ناانصافي آھي.

نثار ٻلھڙو جي زندگي جا آخري ڏينھن ڪيئن گذريا بحيثيت پاڙيسري مون کان نٿا وسرن ۽ اھي نثار جون ڏنل آخري ھڏڪيون ائين پئي ڀانيم ڄڻ ڪو پکي افق طرف آخري پرواز ڪندو ھجي ۽ سموري سماج کي بيوسي مان الوداع ڪندو ھُجي، ڪکائين گھر جي ڇڳوڙي کٽ تي بي ساختا پيل نثار جي ميت تي چوڌاري سڏڪا ۽ آھون ٻڌڻ ۾ پئي آيو، بيواھ جي ڪُوڪن سان گڏ جڏھن ننڍڙي مھراڻ ۽ نياڻي آزادي جون دانھون  بابا اسان کي ڇڏي نه وڃ ڪنن تي پئي پيون ته اندر جُھري پيو ھو ۽ ڳوڙھن کي روڪڻ مشڪل ٿي پيو ، لحد ۾ لاھڻ محل نثار جون ٻوٽيل اکيون ھن بيحس سرڪار لاءِ سوين سوال ڇڏي ويون آھن جن سوالن جو جواب نثار جو سوڳوار خاندان ۽ سموري سنڌ طلبي ٿي ته نثار جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪيتري قدر ڪوششون ورتيون ويون ۽ اڃا ڪيترا نثار بيوسي جي موت جو کاڄ بڻجندا.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز،  ۲۶ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع)


يار نثار!

معاف ڪجانءِ!

محمد خان دائود

نثار ٻلھڙي جو ڪيس اتي ئي ڦاٿل رھيو، سندس علاج واري سمري اڳتي وڌي ها اڄ نثار ھڪ قبر ۾ تبديل ٿيل نظر نه اچي ھا نه ئي ھڪ مٽيءَ جو ڍير!

پر ڇا ڪجي دوستن، يارن، سنگتين جو جيترو وس ھلي سگھيو، سو انھن ھلائيو، ان کان اڳتي اھي ڇا ڪن ھا؟ دوستن جي محبت کان اڳتي سمري ھوندي آھي ۽ اھو ڪيس سمري ۾ ئي ڦاسجي رھجي ويو ۽ نثار  ٻلھڙو تمام اڳتي ھليو ويو!

نثار ٻلھڙو به ان ئي بي حسيءَ جو شڪار ٿيو آھي جيڪڏهن اقتدار جي ايوانن ۾ اھا سمري، سمري راند نه ھُجي ھا تڪڙ ۾ صاحب اقتدار اھڙن معاملن کي سمجھي اھي ڪيس اڳتي وڌائين ھا.

ايئن به ناھي تھ ان بي حسيءَ جو بس نثار ٻلھڙو شڪار ٿيو آھي ۽ ائين بھ ناھي تھ بس نثار ٻلھڙي سان ئي ائين ڪيو ويو آھي پر ائين به ناھي تھ ان بي حسيءَ جو شڪار بس نثار رھندو ۽ ھاڻي اڳتي سب ٺيڪ ٿي ويندو. پر ائين ناھي!

اسان ان ڳالھه کان ڀلي ڀت واقف آھيون ته نثار ٻلھڙي جو علاج سرڪاري فائل ۾ ضرور ٿيو ھوندو، فائل ڪاغذن جي وزن سان تمام ڳري ھوندي، ان فائل ۾ اھو بھ ڏيکاريل ھوندو ته نثار ٻلھڙي جي بيماريءَ تي ايترو خرچ آيو. پر نثار پڄاڻان اھو تمام خرچ اھي گدھ کائي ويندا جيڪي صاحب اقتدار جي آس پاس ويٺل آھن. سنڌ جي ساڃاهه وندن، نثار لاءِ ته پنھنجي دامن کي جھولي ۾ به تبديل ڪيو، سنڌ جي شعور پنھنجي دامن کي ته ڪشڪول ۾ به تبديل ڪيو پر ان ڪشڪول بڻايل دامن ۾ ڪيترا سڪا پئجي سگھيا؟

جڏھن ته نثار ٻلھڙي جي بيماري انھن چند سڪن کان تمام گھڻي ڳوري ھُئي، سنڌ جي شعور نثار لاءِ گيت به ڳاتا، واڪا به ڪيا، پر سنڌ جي شعور جي ھٿ ۾ اھو نھ ھو تو اھو نثار لاءِ پنھنجو وس بھ ھلائي سگھي ۽ جنھن جي ھٿن ۾ اھو وس ھو اھي سمري سمري سان کيڏندا رھيا ۽ نثار ھليو ويو.

يار نثار معاف ڪجانءِ! سنڌ ته ماءُ آھي امان اھي جيجل آھي.۽ توکان وڌيڪ ڪير ڄاڻيندو ھوندو ته سنڌ ۾ پوڙھيون مائرون بس پنھنجي نيڻن مان نير وھائينديون آھن ۽ اڄ تنھنجي ايئن وڃڻ تي سنڌ به پنھنجي اکين مان نير وھائي رھي آھي

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز،  ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع)



نثار ٻلھڙو

لاڙڪاڻي جي سماجي ڪارڪن جي زندگي خطري ۾ ۽ حڪومت سنڌ خاموش

رپورٽ: مسعود احمد

لاڙڪاڻي شھر جي ڳوٺ پکو جي رھواسي نثار احمد ٻلھڙو جي زندگي ڪينسر سبب خطري ۾ آھي، حڪومت علاج بدران صرف ڳالھين تائين محدود. ۲۰۱۸ع کان آنڊي جي ڪينسر ۾ مبتلا ھي غريب پنھنجي علاج لاءِ داھيندو رھو ٿو پر حڪومت جي نظر صرف ڪرونا جي مريضن تي آھي، باقي مرضن ۾ ورتل مريضن تي ڪو ڌيان ئي ڪونه ٿو ڏنو وڃي، نه ھنن جي سار سنڀال لڌي ٿي وڃي ۽ نه ئي انھن جي زندگي جي لاءِ ڪجھ سوچيو ٿو وڃي. ان مان ثابت ٿيو ته ڪرونا جي مريضن لاءِ اسان جي حڪرانن کي فنڊ ملي رھيو آھي، تنھن ڪري صرف ڪرونا جي مريضن جي مدد ڪئي پئي وڃي ۽ صرف انھن جي لاءِ ئي سوچيو پيو وڃي. نثار ٻلھڙو پنھنجي مدد پاڻ تھت پنھنجو علاج آغا خان اسپتال مان ڪرائيندو رھيو، اسان جي سياستدانن ۽ حڪومت سنڌ ھن جي علاج لاءِ واعدا به ڪيا ۽ ان سان گڏ ميڊيا تي ڪافي سارا اعلان ڪيا ۽ منظوري به ڏئي ڇڏي پر اھي صرف اعلان ئي بڻيل رھيا. ھن پنھنجو علاج پنھنجي ۽ دوستن کان مليل ڪجھ رقم تي پنھنجو علاج آغا خان اسپتال مان ڪرايو. ۽ دوران علاج حڪومت سنڌ کي درخواستون ڏيندو رھيو ته جيئن حڪومت سنڌ سندس جي علاج لاءِ مالي مدد ڪري ته جيئن ھو پنھنجو علاج جاري رکي سگهي. پر نثار احمد مالي مدد نه ملڻ ۽ پئسن جي نه ھجڻ ڪري پنھنجو علاج جاري رکي نه سگهيو، ۽ آغا خان اسپتال مان ڊسچارج ٿي ڪري پنھنجي گهر پھتو، ڇاڪاڻ ته ھتان جو علاج ڪافي مھانگو آھي ۽ نثار ٻلھڙو ھڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. ۽ ھاڻي مڪمل طور تي ھن جو علاج رڪجي چڪو آھي ۽ ھي مسلسل تڪليفون ڪاٽڻ لڳو ۽ موت جي واٽ تي بيٺل آھي. نثار احمد ٻلھڙو مدد جي لاءِ انتظار ۾ آھي ته ڪير اچي ۽ سندن جي مدد ڪري ته جيئن ھن جو علاج ٿي سگهي، پر ھن وقت تائين حڪومت سنڌ ۽ وس وارن ھن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا، ۽ ھي لاچار بي وس تڪليفن کي منھن ڏئي رھيو آھي. ھن جي علاج لاءِ 50 لک رپين جي ضرورت آھي، پر اھا رقم ايڏي وڏي ته نه آھي؛ جو اسان جي حڪومت ھن جي مدد نه پئي ڪري. نثار ٻلھڙو ھڪ سماجي ڪرڪن ۽ انسان دوست ٿي رھيو آھي، ھي ڪافي سارن سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رھيو ۽ رمضان شريف جي مھيني ۾ غريب روزيدارن کي روزا افطار ڪرائيندو رھيو آھي. پر اڄ نثار احمد بستر تي ويھي ڪينسر جھڙي موذي مرض سان اڪيلي سر جنگ وڙي رھيو آھي، سندس کي اولاد ۾ ھڪ پٽ ۽ ھڪ نياڻي آھي. سنڌ جي نوجوانن کي نثار ٻلھڙو جي زندگي بچائڻ لاءِ آواز اٿارڻ گھرجي ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان جي حڪومت اھڙن سنجيده مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ٿي ڪري، ان ڪري اسان سڀني کي گڏجي آواز اٿارڻو پوندو. اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا صحت جي نالي رکيل فنڊ کي صحيح استعمال ڪري، غريب عوام کي بھتر صحت جي سھولت مھيا ڪري ۽ انساني زندگين سان راند بند ڪري. نثار احمد ٻلھڙو ۽ ھر غريب ماڻھو جي علاج لاءِ ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت کي تيار رھڻ گهرجي، ته جيئن انھن ماڻھن جو وقت سر علاج ٿي سگھي ته جيئن ھي ماڻھو پنھنجي زندگي بھتر نموني گذاري سگھن. ڪيترائي ماڻھو علاج جي سھولت وقت تي نه ملڻ ڪري وفات ڪري وڃن ٿا. ته پوءِ اسان جي ڏنل ٽيڪس مان اسان جي غريب عوام کي ڪھڙو فائدو مليو. لاڙڪاڻو ھڪ گهڻي آبادي واري شھر آھي ۽ ھن ۾ ڪيترائي سياستدان رھن ٿا پر ھن وقت تائين ڪنھن به سياستدان ھن لاچار بيوس انسان نثار احمد ٻلھڙو جي مالي مدد نه ڪئي، جو ھي غريب پنھنجو علاج وقت تي ڪرائي ۽ تڪليفن کان بچي سگهي. حڪومت سنڌ کي گهرجي ته سندس سان ڪيل واعدا پورا ڪري ۽ علاج ڪرائي نثار احمد ٻلھـڙو کي موذي مرض کان نجات ڏياري وڃي ته ھو پنھنجي بقايا زندگي پنھنجي اولاد ۽ گھر وارن سان بھتر نموني گذاري ۽ سندن جو سھارو بڻجي سگهي.

 

سماچار پي ڪي تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا