نواز ڪنڀر
سانگھڙ جو ابن بطوطه
پروفيسر عباس علي
لغاري
دنيا جي هر علائقي
کي قدرت طرفان تاريخي حيثيت ناهي ملندي آهي، صرف ڪن خاص علائقن، خطن ۽ شهرن کي ئي
مالڪ ڪائنات اهڙي ته شاندار تاريخ عطا ڪندو آهي، جو اهي خطا هميشه لاءِ تاريخ ۾
امر ٿي ويندا آهن. اهڙن تاريخي خطن ۾
سانگهڙ جو شاندار تاريخي علائقو به شامل آهي. جيڪو صدين کان سنڌ جي سڃاڻپ رهيو آهي.
برهمڻ آباد، ھاڪڙي جا پيرا، ڀٽائي سرڪار جا سانگهڙ جا سفر، ميان مبين جي درسگاهه،
سهڻي ميهار جي لازوال ڪهاڻي، ڪونئرو جي ماڙي، رتو ڪوٽ، اڇڙو ٿر، مکي ٻيلو ۽ ٻيا انيڪ تاريخي ماڳ، هن ضلعي جي تاريخي هجڻ جا
گواهه آهن.
سانگهڙ جي سون جهڙي
تاريخ، صدين کان ڪنهن ابن بطوطه جي منتظر
هئي، جيڪو اچي ۽ هن عظيم تاريخي ورثي کي پنهنجي قلم ذريعي محفوظ ڪري ۽ عام ماڻهو
تائين پهچائي. ھتي جي ماڻھن کي هميشه ڪوڙيون تاريخون پڙهائي، مخصوص سبق ذهنن ۾ ڀرڻ
جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. سانگهڙ جو انتظار تڏهن ختم ٿيو، جڏهن مکي ڍنڍ جي ڪناري
قائم ڳوٺ ڪوٽ نواب ۾ ۱۲ آگسٽ ۱۹۶۵ع تي نواز ڪنڀر جنم ورتو. نواز ڪنڀر
سنڌ لاءِ ڪو نئون يا اوپرو نانءُ ڪونهي. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر
کان ويندي، بلوچستان ۽ راجستان، جتي به سنڌي پڙهي وڃي ٿي، اتي سڃاتو ۽ پڙهيو وڃي ٿو.
سنڌ جي هر مسئلي سان گڏوگڏ جهنگلي جيوت، نباتات، جمادات تي لکڻ سندس رت ۾ جنون
وانگر شامل آهي. سانگهڙ جي تاريخي ماڳن ۽ ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ سان عشق جي حد تائين لڳاءُ اٿس. ڀٽائي
سان محبت جو ثبوت ڏيندي، سانگهڙ ۾ ڀٽائي جي چيل بيتن تي “ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا” جهڙو
منفرد ڪتاب لکي، سچ پچ ڀٽائي جي عاشق هجڻ جو حق ادا ڪيو اٿس. جهڙي سهڻي نموني، ڀٽائي
جي بيتن کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو اٿس، ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڀٽائي صاحب بيت پڙهي
رهيو آهي ۽ نواز ڪنڀر سامهون ويهي نوٽ ڪري
رهيو آهي. ڀٽائي جي سلسلي ۾ “ڀٽائي جا ڳايل پالتو پکي ۽ جانور“ لکيل ڪتاب نهايت ئي
معلوماتي آهي، جنهن ۾ نواز ڪنڀر نهايت باريڪ بينيءَ سان مشاهدو ڪري، ڀٽائي جي ڪلام
۾ آيل جانورن، پکين جي رهڻي ڪهڻي، واڌ
ويجھه، کاڌ خوراڪ، بيمارين ۽ تڪليفن کي تمام سهڻن ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪري هميشه لاءِ
محفوظ ڪري ڇڏيو آهي .
سانگهڙ ۾ موجود اڇڙو
ٿر، پُراسراريت ۽ حُسن سان ڀريل دنيا جو منفرد خطو آهي، جنهن تي تمام گهٽ لکيو ويو
آهي. نواز ڪنڀر، “ اڇڙو ٿر” جهڙو جامع ڪتاب لکي، ان جي تاريخي حيثيت، بيهڪ ۽ ان ۾ موجود ماڳن، ڪردارن کي پنهنجي قلم ذريعي
هميشه لاءِ تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن به ڪو تاريخ جو شاگرد يا عام ماڻهو،
اڇڙي ٿر متعلق ڄاڻڻ چاهيندو ته يقينن سڀ کان پهريان “ اڇڙو ٿر” ڪتاب ڏسندو ۽
رهنمائي حاصل ڪندو. ماحوليات سان جيتري محبت نواز ڪنڀر کي آهي، اوتري شايد ئي سنڌ
جي ڪنهن ليکڪ کي هجي. هو وڻ جي وڍجڻ کي انساني قتل جيترو ئي ڏوهه سمجهي ٿو. ان
سلسلي ۾ سندس ڪتاب “سنڌ جا وجود وڃائيندڙ
وڻ” هڪ بهترين ڪوشش آهي. ان ڪتاب ذريعي ھن پيغام ڏنو آهي ته اسان جي لاپرواهي جي ڪري،
ڪيترائي قيمتي وڻ وجود وڃائي چڪا آهن ۽ ڪيترائي
وجود وڃائڻ جي ويجهو آهن. انڪري وڻ لڳايو. ماحول بچايو، سنڌ کي سرسبز بنايو. وجود
وڃائيندڙ وڻن تي لکڻ سان گڏوگڏ نواز ڪنڀر ھڪ وساريل ۽ نظر انداز ٿيل عشقيه داستان
“ صابل ۽ بهرام جمالي ” کي ڪتابي شڪل ڏيئي
امر ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ ان قصي جو ذڪر ڪجهه ماڻهن کانسواءِ ڪٿي به نه ٿيندو
هو، پر ڪتاب اچڻ کان پوءِ ان تي ڪالم لکيا ويا. تذڪرا ٿيا. اهڙيءَ طرح هي لوڪ
داستان به هميشه لاءِ سندس ڪوششن سان محفوظ ٿي وئي. ماحول دوست هجڻ جي ناتي هن “سنڌ
جي ماحولياتي لوڪ ڏاهپ” جهڙو بهترين ۽ منفرد ڪتاب سنڌ کي ڏنو. وڻن، جانورن، پکين،
موسمن ۽ برساتن سان لاڳاپيل عام ماڻهن کان وسري ويل ڏاهپ جي ڳالهين کي گڏ ڪري، سهيڙي عوامي انداز سان لکي، ڪتابي شڪل ڏيڻ، هن جو ڪارنامو
آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن موضوع تي اهڙو ڪتاب ملڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. سانگهڙ جو جڏهن
۽ جتي به ذڪر ٿيندو ته حُر تحريڪ جو ذڪر
ضرور ٿيندو، ان سان گڏ “مکي” جو ذڪر به ٿيندو.
۽ جڏهن
“مکيءَ” جو ذڪر ايندو ته نواز ڪنڀر جي شاهڪار ڪتاب “مکي سون جي دکي” جو ذڪر
به لازمي ٿيندو. جنھن جي ذڪر کانسواءِ مکيءَ جا سمورا تذڪرا نامڪمل هوندا. ڪتاب “مکي سون جي دکي” مکي جي تاريخ تي هڪ جامع تحقيقي ڪتاب آهي. مکي جي تاريخي حيثيت، مکي جو تعارف،
حدون، ڍنڍون، ڍورا، دڙا، ڪُنب، تلاءَ، مکي جي ٻولي، ثقافت، لباس، بزرگ، راڳي،
شاعر، فصل، مال، جهنگلي جيوت، مکي ۾ رهندڙ
ڀاڳيا، مختلف ذاتيون وغيره، مطلب ته مکي سان لاڳاپيل هر شيءَ کي، تمام محنت سان
بيان ڪيو اٿس. هن ڪتاب ۾ شامل هڪ باب “چڪن جو ٺهڻ ۽ ٻاهرين آبادي جو اچڻ” نهايت ڪارائتو
آهي، جنهن ۾ ٻاهر کان ايندڙ ماڻهن کي زمينون ڏيڻ ۽ آباد ڪرڻ جي سڄي مرحلي کي تمام
باريڪ بينيءَ ۽ محنت سان لکي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ان کانسواءَ مکي ڍنڍ جي ڊيم ٺهڻ
تائين جو سفر به بهترين طريقي سان لکيو ويو آهي. ڪتاب “ مکي سون جي دکي” هڪ بهترين
ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهڻ سان، سنڌ جي هن تاريخي خطي جي متعلق تمام گهڻي ڄاڻ ملي ٿي.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ اداري
انسيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ جي نالي واري
محقق نواز ڪنڀر جو هي ڪتاب “مکي سون جي دکي” ڇپرائي سنڌ جي ماڻهن تائين هڪ
تاريخي ڄاڻ مهيا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ڪتابن کانسواءَ سندس مختلف
موضوعن تي لکيل ڪتاب جن ۾ “سانگهڙ ضلعي جو ماحولياتي جائزو”، “دادو ضلعي جو
ماحولياتي جائزو”، “ ۲۰۱۰ جي ٻوڏ جا مثبت اثر”، “آبهوائي تبديلين جا اثر”، “آفتون ۽ احتياط ”، “
آفتن متعلق بنيادي ڄاڻ” ۽ ٻيا لکيل ڪتاب
سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.
نواز ڪنڀر سچ ۽
سچائي جو ليکڪ آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن کي خوش ڪرڻ، “ساڙڻ” يا تاريخ کي مسخ ڪري، ڪنھن کي ھيٺ ڏيکارڻ لاءِ ڪتاب
نه لکيو آهي، اها ٻي ڳالھه آهي ته سندس ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ سندس گھڻا سانگهڙائي
دوست سڙندا آھن ۽ ان تي وري سندن دشمن ٿيندا آهن. نواز ڪنڀر سدائين سچ لکيو آهي يا
سچ لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سماج ۾ موجود درٻاري ۽ نالي چڙهيل ليکڪن کيس “لٺ هڻڻ
کان سواءِ” باقي هن جي قلم کي سچ لکڻ کان روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا اڄ
تائين جاري به آهي. پر سانگهڙ جو هي “سچل”، “مان جوئي آهيان، سوئي آهيان” جو نعرو هڻندي، اڳتي وڌي رهيو آهي. مولا کيس
ثابت قدم رکي ۽ هو ايئن ئي سنڌ ۽ سانگهڙ
جي تاريخ کي، تاريخ ۾ امر ڪندو رهي.
(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۲۸ نومبر ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا