; سنڌي شخصيتون: نواز ڪنڀر، سانگھڙ، پروفيسر عباس علي لغاري،
Showing posts with label نواز ڪنڀر، سانگھڙ، پروفيسر عباس علي لغاري،. Show all posts
Showing posts with label نواز ڪنڀر، سانگھڙ، پروفيسر عباس علي لغاري،. Show all posts

03 December, 2020

نواز ڪنڀر

نواز ڪنڀر

سانگھڙ جو ابن بطوطه

پروفيسر عباس علي لغاري



دنيا جي هر علائقي کي قدرت طرفان تاريخي حيثيت ناهي ملندي آهي، صرف ڪن خاص علائقن، خطن ۽ شهرن کي ئي مالڪ ڪائنات اهڙي ته شاندار تاريخ عطا ڪندو آهي، جو اهي خطا هميشه لاءِ تاريخ ۾ امر ٿي ويندا آهن.  اهڙن تاريخي خطن ۾ سانگهڙ جو شاندار تاريخي علائقو به شامل آهي. جيڪو صدين کان سنڌ جي سڃاڻپ رهيو آهي. برهمڻ آباد، ھاڪڙي جا پيرا، ڀٽائي سرڪار جا سانگهڙ جا سفر، ميان مبين جي درسگاهه، سهڻي ميهار جي لازوال ڪهاڻي، ڪونئرو جي ماڙي، رتو ڪوٽ، اڇڙو ٿر، مکي ٻيلو ۽ ٻيا انيڪ تاريخي ماڳ، هن ضلعي جي تاريخي هجڻ جا گواهه آهن.