(سيوھڻ جا بزرگ)
مير حاجن مير
مخدوم سڪندر بودلو
خدا جو ولي، وڏي علم وارو هو. حال جي شروعات ۾ ديني علوم جو درس ڏيندو ٿي رهيو. ان
کان پوءِ جذبي ۾ اچي بودلو ٿي ويو ۽ سدائين اگهاڙو گهمندو هو. (۱)
هن بزرگ جي طبيعت
شاهانه هئي، تنهن ڪري کيس سڪندر جي لقب سان سڏيندا هئا. حالانڪه سندس اصل نالو سيد
(شاھ مردان) هو. (۲) سندن اصل نالو سيد شاھ مردان شاھ هو. پاڻ بخاري ساداتن مان اچ جا ويٺل
هئا. (۳)