شهيد علامه ڊاڪٽر خالد
محمود سومرو
تاريخ جو عظيم باب
مولانا حميدالله
سيال
اسلام جي سپهه سالار سچي عاشقِ
رسولﷺ جرنيل جمعيت، سنڌ جي هڪ عظيم سپوت جي شهادت انسانيت ۽ حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ
هر انسان جي دل جهوري وڌي آهي، جڏهن ته سندس وڇوڙي تي هر ڪنهن جون اکيون رت روئي
رهيون آهن، شهيد اسلام ۽ شهيد جمعيت، شهيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي
گھڻ پاسائين شخصيت تي ڪيترو لکي سگھجي ٿو، سنڌ ڌرتيءَ جا ڄاوا اڻ مٽ، انمول ارڏا،
بهادر، سيني تي وار جھلڻ وارا پٽ پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ ڪيترا ئي هيرن جهڙا ماڻهو
اهل علم، اهل حق، اهل وفا ۽ بهادر اڳواڻ، هن ڌرتيءَ جي کاڻ مثل آهن، ڪيترا ئي
اڳواڻ قومي، سياسي، مذهبي، سماجي قائد، ڪنهن هڪ صفت يا منفرد رڪارڊ ڪنهن هڪ صلاحيت
جي ڪري مشهور هوندا آهن، پر الله تبارڪ و تعاليٰ جمعيت علماءِ اسلام کي هڪ اهڙو
رهنما عطا ڪيو، جيڪو هڪ شخصيت ساز ادارو هيو ۽ ان ۾ تمام خوبيون هڪ ئي وقت سمايل
هيون. لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ عاقل خالد ۾ سنڌ جي برک عالم، عالمِ دين، استاد العلماءِ،
سنڌ جي اعليٰ مذهبي ۽ ديني درسگاهه جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث جي باني
محقق، مفسر، قرآن والحديث جي عاشق، علامه مولانا علي محمد حقاني جي گھر ۾ اک
کوليندڙ گلاب جو گل، جنهن بين الاقوامي طور تي نه رڳو پاڻ مڃرائيو پر لاڙڪاڻي سنڌ
۽ پاڪستان لاءِ هڪ قابل فخر شخصيت طور اڀريو، پوري قوم ۽ ملڪ کي روشن ڪرڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو، اهو هڪ ئي وقت لکين ماڻهن جو محبوب ليڊر هيو، انهن جي دلين جي ڌڙڪن
هو، جلسن جلوسن اجلاسن، مظاهرن، ڌرڻن ۽ مدرسن جو سينگار هو، شخصيت ۾ هٻڪار هو،
اسلام جو علمبدار هو، عاشق رسولﷺ هو، اسلام جو سپهه سالار هو، جمعيت ۽ سنڌ ڌرتي جو
وفادار هو، جمعيت علماءِ اسلام جا ڪارڪن ته ڇا پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ خاص طور عام
ماڻهو هر سنڌي نوجوان، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ مدرسي جو شاگرد هن کي چاهيندو هو،
هاري ۽ مزدور سندس هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هوندو هو، هو اسٽيج جو سينگار هو، سنڌ
جو سچو سپوت هو، هن مرد مجاهد کي صورت ۽ سيرت اهڙي هئي جو ڪنهن به باطل ۽ ظالم کي
همت نه ٿيندي هئي جو شير آڏو اچن، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم جي سر تي هميشه ڏاڍ، ظلم ۽
جبر جو تسلسل رهيو آهي، ان جي باوجود به سنڌ ڌرتي جي حلالي پٽن ۽ غيرتمندن پنهنجون
جانيون ته قربان ڪيون آهن پر ڪنهن ڏاڍي مڙس، ظالم ۽ جابر جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ
ڪپايو ته آهي، پر جھڪايو نه آهي، باب الاسلام سنڌ ڀائيچاري جي لولي ڏني آهي، پر
افسوس سنڌ دشمن قوتن اسلام دشمن قوتن، سامراجي قوتن ۽ دهشتگردن باب الاسلام سنڌ
مٺڙي سنڌ ڌرتي تان پيار محبت ديني رواداري امن ۽ ڀائيچارو ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي
آهي، الله تعاليٰ انهن ظالمن، جابرن، سنڌ دشمنن، اسلام دشمنن، امن جي ويرين ۽
دهشتگردن کي تباهه ۽ برباد ڪري، جن ۲۹ نومبر
۲۰۱۴ع جي صبح ۶:۲۳ منٽن تي هڪ اسلام جي بهادر
سپهه سالار سچي عاشق رسولﷺ، سنڌ دوست ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ، مذهبي، ديني
عالم، امن جي علمبردار، سنڌ جي حلالي پٽ، اسڪالر جمعيت جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ
علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهندي سفاڪ قاتلن گولين
جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو، اهڙي طرح شهيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، امير
المؤمنين سيدنا عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ نماز جي حالت ۾
شهادت جو مرتبو ماڻيندڙ دنيا جو عظيم انسان شهيد ڪربلا سيدنا حضرت امام حسين رضي
الله تعاليٰ عنه جي عظيم قربانين جي نقش قدم تي هلندي تاريخ ۾ پنهنجو نالو نماز جي
حالت ۾ سر قربان ڪرڻ وارن جي صف ۾ ڳڻائي ويو، جنهن کيس شهادت جي منصب تي پهچايو ۽
عظيم رتبو عطا ڪيو.