ابوبڪر شيخ
جادوگر وستين جو سوداگر - هڪ جپسي ڪالم
حبيب ساجد
وقت کي سوچيندڙ ماڻھن کي پنھنجي
لاءِ ئي وقت نه ملندو آھي، ايئن ئي وقت وچان گذرندڙ پاڇن کي وري پنھنجو پاڇو نه
نظرجندو آھي، وقت کي قابُو يا قيد ڪرڻ ممڪن ئي ناھي پر ڪجھ اھڙا ماڻھو آھن، جن وٽ
واقعي به ايتري شَمتا ۽ شَڪتي ھوندي آھي جو اھي وقت کي به قيد ڪري سگھندا آھن ۽ ڪاميابيءَ
سان انھيءَ وقت کي ھڪ ڪتاب ۾ بند ڪري محفوظ ڪري ڇڏيندا آھن. اسان جي سنڌ جو ابوبڪر
شيخ به اھڙو ئي ليکڪ آھي، جنھن جو جيون ئي وقت جي گھٽين ۾ ڪھاڻيون ڳولھيندي گذري
رھيو آھي. مون کي منھنجي سبجيڪٽ آرڪيالاجيءَ يعني قديم آثارن جي علمَ چار ڪمال جون
ھستيون عطا ڪيون، جن مان رڳو ٻن سان مان وقت گذاري سگھيس ۽ ٻن سان ملڻ کان محروم
رھيس، جن سان نه ملي سگھيس، اھي رضا علي عابدي ۽ ابوبڪر شيخ آھن ۽ جن سان مون
بھترين وقت گذاريو، اھي سلمان رشيد صاحب ۽ مرحوم زُبير شفي غوري جن رھيا. ابوبڪر
شيخ حالانڪه منھنجي شھر سکر کان لڳ ڀڳ چار سئو ميل پري رھندو آھي پر سدائين ايئن لڳندو
آھي، ڄڻ سامي سائينءَ جي سکر واري آستاني تي ھن جي ٽن پيرن واري کٽَ تي گوڏو گوڏي
۾ ملائي ويٺا ڪچھريون ڪري رھيا آھيون ۽ کٽ جي چوٿين پايي ھيٺيان ڏنل سِرون بار بار
ھيٺ ڪري رھيون آھن. ڪاليجي دئور کان ئي رضا علي عابديءَ کي ٻڌڻ ۽ پڙھڻ جو جنون
ھوندو ھو، ھن جي بي بي سي واري ريڊيو سيريز ريل ڪھاڻي ته ڄڻ ازبر ياد ٿي وئي ھئي.
“رُڪ اسٽيشن.. جھان ڪوئي ٽرين
نھين رُڪتي..”
اھڙا جملا پنھنجي پروگرامن ۾ ڏيندڙ
اھو جادوگر براڊڪاسٽر جڏھن اسان جي تَرَ جي ياترا ڪندو ڪلڪتي طرف نڪري ويو ھو ته
ان وقت مان خيرپور جي پريالوءِ ھاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جو شاگرد ھئس. مان جڏھن جڏھن به
ريل جي نوڪريءَ جي ھڻ ھڻان کان بيزار ٿي پنھنجي گھر جي مٿئين منزل جي نويڪلي ڪمري
۽ پنھنجي جاءِ پناھ ۾ آسيس وٺندو آھيان ته منھنجي نگاھ پنھنجي ڪتابن مان تاريخ ۽
آرڪيالاجيءَ واري ڪٻٽ ڏي کڄي ويندي آھي، جتي پياري دوست ابوبڪر شيخ جا اڳ ۾ ٽي ڪتاب
موجود ھئا ۽ ھن ھفتي ھڪ ٻئي ڪتاب اچڻ پڄاڻان ھاڻ چار ڪتاب ٿي ويا آھن.
مان ان ڏينھن سول اسپتال سکر جي
سرجري وارڊ ۾ هيمورائيڊ ۽ فشر جي آپريشن جي لاءِ داخل ٿيل هيس جو ڪوريئر واري ڇوڪري
ڪال ڪري لوڪيشن پڇي، صرف ۱۰ منٽن
بعد مان آپريشن ٿيٽر ۾ سرجريءَ واري بيڊ تي پهچايو ويو هيس ۽ يڪ ٽِڪ مٿان نهاريندڙ
لائيٽس کي ڏسي رهيو هيس..سڄو هيٺيون ڌڙ سُن ڪري ڇڏيو هئائون.. آپريشن بعد وارڊ ۾
آيس ته مسز هِي ڪتاب منهنجي حوالي ڪيو.. دردَ جي عميق لهرن وچ ۾ لڏندي مون هن ڪتاب
جو رائٽر نوٽ پڙهي ورتو هو.. ان بعد دوائن جي اثر هيٺ ننڊ ۾ هليو ويو هئس.. هڪ سهڻي
ڪتاب جي سنگت گهڻن دردن جي دوا هوندي آهي، ان ڪري ڊاڪٽر جي ڏنل ميڊيسنز سان گڏ گڏ
هن وقت هيءَ دوا به وٺي رهيو آهيان.
نصابي حوالي سان جيڪڏھن سائين
ابوبڪر شيخ جي اِنفو گڏ ڪجي ته اھا ھيءَ بيھندي:
سائين ابوبڪر شيخ ۱۹۶۲ع جي جون مھيني ۾ بدين ۾ ڄائو ھو. سندس پرورش بدين جي مشھور محقق ۽ سندس
مامي محمد سومار شيخ ڪئي، جيڪو سندس استاد پڻ هو. هن بي اي تائين تعليم حاصل ڪئي.
ننڍپڻ کان ئي پنھنجي مامي جي لائبريريءَ ۾ ڪتاب پيو پڙهندو هو، ان کانسواءِ بدين ۾
سڀ کان پھرين پريس سندس مامي محمد سومار شيخ کولي هئي، اُن ڪري کيس ننڍپڻ کان ئي ڪتابن
سان ڏاڍي دلچسپي رهي آهي. پريس تي ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنھن ۾ مقامي شاعر
۽ اديب گڏ ٿيندا هئا. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ رهڻ سبب ابوبڪر کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق
ٿيو ۽ هن ٻاروتڻ ۾ پھرين روزاني آفتاب اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو. ان کانسواءِ عبرت،
هلال پاڪستان ۽ جاڳو سان گڏ عبرت مئگزين، ڪاوش مئگزين ۽ افيئر ۾ پڻ ڪيترائي مضمون
۽ ڪھاڻيون لکيون آهن. مھراڻ، پيغام ۽ نئين زندگي رسالن ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ ڇپيل
اٿس. هن وقت “ڊان ڊاٽ ڪام”، بي بي سي جي اردو ويب سائيٽ ۽ “هم سب” ويب سائيٽ لاءِ ڪالم
پڻ لکندو رهي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “تاريخ جو سفر” (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي اردو ڪتاب،
تاريخ ڪي بدلتي نظريات جو سنڌي ترجمو)، “نگري نگري ڦِرا مسافر” (سندس ڪالمن جو
مجموعو)، “تاريخ ڪي مسافر” (سندس تحريرن جو مجموعو)، “سنڌو گهاٽِي اور سمندر”
(تحقيق) ۽ “ڪٿائين جادوگر بستيون ڪي” ۲۰۲۴ع شامل
آهن.
ابوبڪر شيخ جا چار ئي ڪتاب
منھنجي سيرانديءَ پيا آھن، سورِي ٻانھينءَ جي آپريشن پڄاڻان ھن مھل منھنجو گھڻو تڻو
ريسٽ ٽائيم انھن ڪتابن سان ڪچھريءَ ۾ گذري رھيو آھي. آرڪيالاجيءَ سان واسطو ھئڻ ڪري
اھي چارَ ئي ڪتاب منھنجي دل ۽ ان کان ٿورڙو مٿي منھنجي اکين جي سامھون ڦھليا پيا
ھوندا آھن.
ابوبڪر شيخ جو پھريون ڪتاب جيڪو
منھنجي ڪليڪشن ۾ شامل آھي اھو “نگري نگري ڦِرا مسافر” آھي، جيڪو سنگ ميل پبلشرز
لاھور ۲۰۱۸ع ۾ ڇاپيو ھو، ھن ڪتاب ۾ ابوبڪر
شيخ جا اھي بلاگز شامل آھن، جيڪي جڳ مشھور اخبار ڊان جي ويب سائيٽ ڊان ڊاٽ ڪام تي
آن لائين ٿيندا رھيا ھئا. پنھنجي نوٽ ۾ ابوبڪر شيخ لکي ٿو ته، ھن ڪتاب جون تحريرون
ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان ڏُکن جا ڏيئڙا آھن، انھن لِکتن مان ڪٿي به توھان کي جنم ڏينھن
جون ميڻ بتيون ٻرندي ڪونه ملنديون. اگر سڙي ٿو ته شام جي پھرن ۾ ڪو ڏک سڙي ٿو،
جنھن جو گھاٽو دونھون پڙھندڙن جي اکين تائين به پھچي وڃي ٿو. ان ڪتاب ۾ پھريون باب
اڇڙي ٿرَ متعلق آھي، ھي سنڌ جو اھو صحرا آھي، جنھن جون سرحدون پنجن ضلعن سانگھڙ،
نوابشاھ (بينظيرآباد)، خيرپور ميرس، سکر ۽ گھوٽڪي سان ملن ٿيون. مان جيئن جيئن ھي ڪتاب
پڙھي رھيو ھئس، ڄڻ اڇڙي ٿر جي پراچين اتھاس جا پراسرار پنا ھوريان ھوريان پلٽجي
رھيا ھئا، ھزارين سال اڳ ھن علائقي ۾ ننڍي کنڊ جي مشھور ندي سرسَوتي وھندي ھئي، جيڪا
زمين جي ٽيڪنوپليٽن جي حرڪت ڪرڻ ڪري سُڪي وئي ۽ ھي سڄو سرسبز ۽ چِھچ سائو علائقو
ريگستان ۾ بدلجي ويو. ھن ڪتاب جو ھر ليک دل جي اٿاھ گھراين ۾ ڦُٽي نڪتل لفظن سان لکيو
ويو آھي، ھن ڪتاب جي ھر مضمون ۾ ڪجھ نه ڪجھ اھڙو رچيل آھي، جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ ڪتابَ
کي ٺپي نگاھون ٻُڏترَ ۾ پئجي وڃن ٿيون ته اسان سنڌين پنھنجي تاريخ جو سُک رڳو
پراچين دئور ۾ ئي پراپت ڪيو آھي، ان بعد ته ڦُر لٽ ۽ حملن جي ھڪ ڊگھي تاريخ آھي،
جنھن جو انت اڄ تائين نه ٿي سگھيو آھي، اڳ ۾ گھوڙن تي ويھي حملا ٿيندا ھئا ۽ ھاڻي
ايوانن ۾ ويھي سنڌ جي ھر سُک کي لُٽڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي، اسان جي شير درياھ کي
سنگھرن سان ٻڌي پنجاب ۾ قيد ڪيو ويو آھي ۽ انھن ڪَڙولن ۾ اڃان به اضافا ڪرڻ جون رٿون
رٿجي رھيون آھن.
ابوبڪر شيخ جون ٻيو ڪتاب ساڳئي
ئي پبلشر ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيو، جنھن جو ٽائٽل آھي
“تاريخ ڪي مسافر” جنھن جا ليک به ڊان ڊاٽ ڪام تي آن لائين ٿيا ۽ پڙھندڙن لاءِ اڄ
به ھڪ ڪلڪ جي دوريءَ تي موجود آھن. ابوبڪر سائين جو ٽيون ڪتاب به لاھور جي ساڳئي
ئي پبلشر ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيو ھو، جنھن جو ٽائٽل ھو،
“سنڌو گھاٽي اور سمندر” جنھن جي مھاڳ ۾ ليکڪ لکي ٿو ته، مان آثار قديمه جي انھن
عمارتن جو درد اوھان سان ونڊڻ چاھيان ٿو، جن جي لاءِ ھاڻ ڪوبه نه ٿو پُڇي، مان
انھن پيرين اگھاڙن ٻارڙن جو درد اوھان سان شيئر ڪرڻ چاھيان ٿو، جن جي نصيبن ۾ ھن
طبقاتي سماج ساڙيندڙ منجھند وڏي بيرحميءَ سان لکي ڇڏي آھي. ھن ڪتاب جو پھريون
مضمون سيوھڻ متعلق آھي، ان مضمون جي پھرئين صفحي تي ليکڪ لکي ٿو ته، سياري جي موسم
۽ شامَ جو وقت ھو، ھلڪو ڪوھيڙو پوري ماحول مٿان ڇانيل ھو مگر ٿورڙو پرڀرو مون کي ٻه
جاڙيون پھاڙيون نظرجي رھيون ھيون، انھن مان ھڪ تي ڪا مزار موجود ھئي، مگر ٻئي مٿان
ٻيو ڪجھ به نه پر ھڪ ڪوٺي نظرجي رھي ھئي، جنھن پھاڙيءَ تي مزار نظرجي پئي، اتي
مخدوم جلال جھانيان، شيخ عثمان مروندي ۽ شيخ بھاءُ الدين چاليھ ڏينھن جا چِلا ڪاٽيندا
ھئا، ھن علائقي تي جڏھن روھڙيءَ واري ابوالقاسم نمڪين جي عملداري ھئي ته ھن جھڙي
طرح سان روھڙيءَ جي ستين جي آستان تي ادبي ڪچھرين لاءِ ھڪ اوچو ٿَلھو ٺھرايو ھو،
اھڙو ئي ھڪ اوچو ٿَلھو ھتي سيوھڻ ۾ به ٺھرايون ھئائين، جتي ھُو شاعرن جا ڪٺ سڏائيندو
ھو ۽ سڄي رات شعر و شاعريءَ جون محفلون پيون ھلنديون ھيون. ابوالقاسم نمڪين تاريخ
تي ھڪ ڪتاب به لکيو ھو، جنھن جو نالو شايد منشاتِ نمڪين آھي.
ھن ئي سال ۲۰۲۴ع ۾ ابوبڪر شيخ جو پنجون ڪتاب “ڪٿائين جادوگر بستيون ڪي” ساڳئي ئي سنگ ميل
پبلشرز پاران ڇاپيو ويو آھي، جنھن جي مھاڳَ ۾ پاڻ لکي ٿو ته، جيڪڏھن اوھان ويران
کنڊرن، سُڪي ٺوٺ ٿي ويل ڍنڍن ۽ وڍجي ويل جھنگلن جي ويجھو ويندئو ته اُھي اوھان سان
ڳالھيون ڪرڻ لڳندا. اھي روئي پوندا ۽ پنھنجي دردن جون ڪيفيتون اوھان سان بيان ڪندا،
اُھي اوھان کي ٻڌائيندا ته ھتي جيڪي رھندا ھئا، انھن ڪڏھن به فطرت جي ھڪلن تي ڌيان
نه ڏنو، انھن تي جيڪو قرض ھو، اھو ھُو پنھنجي وحشتن جي ڪري نه لاھي سگھيا ھئا.. سُڪل
ڍنڍون اوھان کي روئي ٻُڌائينديون ته انھن انسانن ھتي ظلمن جا ڪيڏا نه خوفناڪ
داستانَ رقم ڪيا آھن.
ويندي ويندي مان ھڪ صلاح ڏيڻ
چاھيان ٿو ته، سائين ابوبڪر شيخ کي پنھنجي سڀني اردو ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ
کپي، ڇو ته ھن جي سمورن ڪتابن جا موضوع سنڌ جي آرڪيالاجي ۽ تاريخ سان لاڳاپيل آھن
۽ اھي سنڌ جي ٻنھي يونيورسٽين جي تاريخ ۽ آثار قديمه جي شعبن ۾ پڙھائجڻ گھرجن، ڇو
ته اھي ڪتاب تاريخ ۽ آثارِ قديمه جي شاگردن کي پنھنجي ڌرتيءَ کي ھڪ نئين ۽
پنھنجائپ واري زاويي سان ڏسڻ جي سگھ عطا ڪندا، ان حوالي سان مان لطيف يونيورسٽيءَ
جي آرڪيالاجي چيئرمين سائين ڊاڪٽر قاصد ملاح ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ساڳئي ئي شعبي
جي چيئرمين سائين ماڻڪ مصطفي شر کي گذارش ڪرڻ چاھيان ٿو ته ابوبڪر شيخ جي سمورن ڪتابن
کي پنھنجي سئليبس جو حصو بڻائين ته جيئن انھن شعبن جا شاگردَ پنھنجي ڌرتيءَ جي
تاريخ ۽ آثار قديمه کي ھڪ نئين زاويي سان ڏسڻ جا ھيراڪ ٿين.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا