رحمت الله وساڻ
سامي سفر هليا!
دريا خان شنباڻي
هڪ عجب شخص، عجب انسان هيو... جنهن جي پهرين ترجيح اها هئي ته سندس ٻچا پڙھن ۽ منزل مقصود رسن.
مون کي چٽيء طرح ياد آھي ته، جڏهن اسان پرائمري ۽ پوء مڊل آياسين ۽ اسان مڊل اسڪول محمد عارب سولنگيء ۾ مڊل پڙھڻ وياسين ته، سوين شاگردن جي والدين مان صرف چاچا رحمت الله، پنهنجي پٽ محبوب سان ايندو هيو يا سندس پڙھائي جي سلسلي ۾ استادن سان انٽرايڪٽ رهندو هيو ۽ اهو دور اڄ ٿا ڏسون ته، ٻارن جا والدين پنهنجن ٻچن کي گاڏين تي پاڻ ڇڏڻ ايندا آھن يا استادن سان ملندا جلندا آھن پر هي ڳالھ ٽيھ پنجٽيھ سال اڳ جي آھي جو سواء چاچا رحمت الله جي ٻيو ڪوبه نه ايندو هيو..... ۽ ذاتي طور تي مون کي خبر آھي ته، چاچا رحمت الله صرف محبوب جو هٿ پڪڙي اوچين منصبن تي نه پهچايو پر باقي اولاد کي به ائين روشنين طرف وٺي ويو ۽ اڄ هو سڀ پنهنجي علم، فهم ۽ دانائي تي فخر ڪندا هوندا جن جو استاد سندن والد ۽ ڏاڏو رهيو....
محبوب ۽ مان گڏ پڙھيا آھيون ۽ بابا ۽ چاچا رحمت الله به هڪ اڌ ڪلاس هيٺ مٿي گڏ ئي پڙھيا هيا.
چاچا رحمت الله وساڻ جي پنهنجي اندر جو علمي خزانو پڇاڙي جي ڏهن پندرهن سالن ۾ کليو ۽ اهو خزانو يقينن اندر ۾ ته ننڍي لاڪون هوندو پر عرض ڪري چڪو آھيان ته، جيئن ته پاڻ به نوڪري پيشه هيا ۽ وڏو سبب ٻچن لاء وقت ڪڍڻ سو پنهنجو ذاتي علم و دانش تڏهن ظاهر ڪيائين جڏهن سمجهيائين ته، هاڻ مڪمل فارغ آهي ۽ بس پوء ڪتابن ۽ قلم ڏانهن هٿ وڌايائين ۽ ٻين تصنيفن سان گڏ هڪ اهڙو ته شاهڪار ڪتاب لکيائين جنهن جو نالو "نور الاهي" آھي سو تنهن کي واقعي به پڙھڻ سان اندر روشن ٿي پوندو ۽ هڪ ڪاپي مون ڏانهن به عنايت ڪئي هيائون. منهنجون ساڻس ملاقاتون به رهيون، انهن ملاقاتن ۾ ٻاجهاري طبيعت ۽ شفيقانه انداز ڏاڍو پيارو هوندو هيو... جيڪڏهن ڪنهن اديب ٻديب جي شڪايت به ڪندا هيا ته، لڳندو هو چاچا شڪايت بجاء کين ساراهي رهيو هجي.
پاڻ سگهڙن سان گهڻي ويجهڙائي رکندا هيا ۽ ڪنب جي هفتيوار سگهڙ ڪچهرين ۾ ريگيولر شرڪت به ڪندا هيا.
تنهن ڏينهن هٿ فاتحه لاء سندس تڏي وڃڻ ٿيو ته، محبوب هيو ۽ سندس ٻي محبوب اولاد ته هئي پر محبوبن پاڻ اڏاڻو ڪيو ۽ دنيائي وڻ تان اڏري فنائي وڻ جي ٽار تي وڃي پرسڪون ٿي ويهي رهيا.... الله رب العزت سندس درجات بلند فرمائي.
هاء هاء.....
فاني ني فاني دنيا دم نه هڪڙو........!!!
(دريا خان شنباڻي جي ۱۹ نومبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
راءِ ڏيندا