; سنڌي شخصيتون: عبدالغفار عباسي

18 December, 2024

عبدالغفار عباسي

عبدالغفار عباسي

علم، ادب ۽ تدريس جيمھان شخصيت

انصاف حيدري



عبد الغفار عباسيءَ جو نالو سنڌي ادب ۽ علم جي دنيا ۾ هڪ نمايان ۽ معزز حيثيت رکي ٿو. هو نہ صرف هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر آهي، پر هڪ سٺو استاد ۽ سماجي ڪارڪن طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. سندس علمي، ادبي ۽ تدريسي خدمتون سنڌي سماج ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. عبدالغفار عباسي جو تعلق ڪنڊيارو تعلقي جي ڳوٺ چنيھاڻي سان آهي. عبدالغفار عباسي ادب سان پنهنجي محبت ۽ جُڙاءَ کي هڪ مشن طور اختيار ڪيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت، شاخ ڪنڊيارو جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي، جتي هن ادب جي واڌ ويجهہ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي سيڪريٽري شپ دوران هن ڪيترائي ادبي سيمينار، مشاعرہ ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرايا جن ۾ نوجوان اديبن ۽ شاعرن کي واڌاري جا موقعا فراهم ڪيا.


عبدالغفار عباسي نثر ۽ شاعري ٻنهي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. هن ڪيترائي مضمون، ڪهاڻيون ۽ شعر لکيا آهن جيڪي سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکن ٿا. سندس تحريرن ۽ شاعريءَ ۾ انساني جذبات، سماجي مسئلن ۽ قومي شعور جي عڪاسي ملي ٿي. ادب سان سندس وابستگي صرف تخليق تائين محدود ناھي پر هن نوجوانن کي ادب ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ بہ ڪوششون ڪيون آهن.

عبد الغفار عباسي هڪ بهترين استاد طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. هو علم سان محبت، شاگردن سان شفقت ۽ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ جذبي سان ڪم ڪندو رهندو آهي. هو هڪ اهڙو استاد آهي جيڪو نہ رڳو شاگردن کي علم منتقل ڪري ٿو، پر کين زندگي جا صحيح قدر ۽ اصول سيکارڻ ۾ پڻ رهنمائي ڪري ٿو. سندس تدريسي انداز ۾ نواڻ ۽ دلچسپي شامل آهي، جنهن سبب شاگردن ۾ علم لاءِ محبت ۽ شوق پيدا ٿئي ٿو.

ادبي ۽ تدريسي ڪمن سان گڏوگڏ عبد الغفار عباسي سماجي خدمتن ۾ بہ سرگرم آهي. هو پنهنجي علائقي ۾ علمي، ادبي ۽ ثقافتي واڌ ويجهہ لاءِ سرگرم رهندو پيواچي. خاص طور تي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ فروغ لاءِ سندس ڪوششون ساراهہ جوڳيون آهن.

عبد الغفار عباسي، ڪنڊيارو جهڙي ننڍڙي شهر مان هڪ وڏي شخصيت طور اُڀري آيو آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تدريسي ڪوششون سنڌي سماج لاءِ هڪ روشن مثال آهن. هن نہ صرف پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پر ٻين لاءِ پڻ علم ۽ ادب جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو هموار ڪيو آهي. عبدالغفار عباسيءَ جهڙا ماڻهو سماج جي روشن مستقبل جا امين آهن.

پياري عبد الغفار عباسيءَ کي نقوي ھائوس سُونھن ۽ سماج جي سڪَ پاران "فقير ڪريمداد خشڪ" جو تازو ترجمو ٿيل ڪتاب منھنجو داغستان سوکڙيءَ طور ڏنو ويو.



غفار عباسي

ساھتيءَ جا شاعر

زاھد راڄپر

اصلي نالو: عبدالغفار عباسي

ادبي نالو: غفار عباسي

جنم: ۵ جنوري ۱۹۹۵ع

والد جو نالو: محمد عثمان عباسي

جنم جو هنڌ: ڳوٺ چنيھاڻي، تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوشھرو فيروز.

تعليم: ايم اي ۽ (ايم فل) ھلندڙ.. (سنڌي ادب ۾)

ذريعه معاش؛ پرائمري استاد

ادبي ابتدا؛ 2008 کان سنڌ جي نامور اديب، پنھنجي والد محترم محمد عثمان عباسيءَ وٽان

ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، مضمون نگار، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ڪمپيئر

ڇپيل ڪتاب: ڪو به نه

اڻ ڇپيل ڪتاب؛ چئن ڪتابن جيترو مواد آھي.

ايم اي سنڌيءَ جي آخري سال 2017ع ۾ لکيل مونو گراف

رابطي لاءِ:03033822564

شاعري

(وائي)

پيار ڌڪارينداسين

ڪيئن گذارينداسين

ايترو به پاڻ ڏي جي،

نه نھارينداسين

ڪيئن گذارينداسين

ڏک سک به پاڻ سان،

نه سارينداسين

ڪيئن گذارينداسين

تو وانگي ڪنھن سان ايڏا،

گَھرا ٿينداسين

ڪيئن گذارينداسين

پنھنجي ڀر ۾ ٻئي کي،

جي آڻينداسين

ڪيئن گذارينداسين

تنھنجي، منھنجي آ زندگي،

نه ماڻينداسين

ڪيئن گذارينداسين

ھاڻي جو غفار پاڻ کان

ڌار ٿينداسين

ڪيئن گذارينداسين


چؤسٽو:

تنھنجو پيار آھيان،

تنھنجو ئي وقار آھيان.

موسم ته ناھيان پيارا،

ساڳيو ئي غفار آھيان.


No comments:

راءِ ڏيندا