; سنڌي شخصيتون: مولوي حافظ عبداللطيف چانڊيو - انور عزيز چانڊيو

14 December, 2024

مولوي حافظ عبداللطيف چانڊيو - انور عزيز چانڊيو

مولوي حافظ عبداللطيف چانڊيو

علم جو ڀنڊار، ديني عالم سڳورو ۽ شاندار شخصيت

انور عزيز چانڊيو



قمبر ۽ ميروخان شهرن جي وچ واري پٽي کي اوائلي دور کان “ڍليار“ يا “ڍيلار“ سڏيو ويندو آهي. هي خطو شروع کان زرعي طور تمام زرخير ليکيو ويندو هيو. انگريز دور ۾ سکر بئراج ٺهڻ بعد سڄي سنڌ ۾ جتي زرعي انقلاب آيو اتي هن علائقي ۾ رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ “وارھ ڪئنال“ ۽ “شاھ ھمير واھ“ (ڪُور) هتان جي زمينن کي سون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.


ڍليار جو مشهور ڳوٺ رئيس ڀنڀو خان چانڊيو شروع کان علم، ادب، فن جو اهم مرڪز ۽ سياسي توڙي ثقافتي طور ڪافي اهم رهيو آهي. هونئن ته هتان جون ڪافي شخصيتون مشهور رهيون آهن پر اسان اڄ زنده جاويد شخصيت جو ذڪر ڪنداسين. اهو آهي مولوي حافظ حاجي عبداللطيف چانڊيو.

سائين مولوي عبداللطيف چانڊيو صاحب جن چانڊيا برادري جي ڇتاڻي پاڙي ۾ ڳوٺ جي معزز هستي حافظ رضا محمد صاحب جي گهر ۾ سن ۱۹۲۸ع ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍپڻ کان لاڏ ڪوڏ سان پاليا ويا. سندس ڀاءُ جو نالو امير علي چانڊيو هيو جنهن جي بهادري جا قصا اڄ به خاندان ۾ مشهور آهن. ان جي اولاد ۾ سائين اجمل چانڊيو ڳوٺ ۾ اڄ به استاد طور مشهور آهن.

 انتهائي خوبصورت نقش ۽ نگار رکندڙ عبداللطيف جي طبعيت ۾ ننڍپڻ کان ئي نهٺائي ۽ ادب جو عنصر شامل رهيو جنهن جا آثار هن وقت به سندس مزاج ۾ موجود آهن.

 هن وقت به ڳوٺ جي سڀني کان وڌيڪ معزز علمي شخصيت طور سڃاتا ويندا آهن. پاڻ هڪ ئي وقت قرآن شريف جا حافظ، عالم، فقيھ، حڪيم، خطيب ۽ امام آهن. ۽ اهو ڪم گذريل اڌ صدي کان بخوبي سر انجام ڏئي رهيا آهن.

 کين سڀني علائقائي ٻولين سميت عربي ۽ فارسي تي مڪمل عبور حاصل آهي. پاڻ اعليٰ درجي جا صوفي پڻ آهن قرآن و حديث جي ترجمي ۽ تفسير جا ڄاڻو، صرف نحو، فقه، علم اعداد، فلسفي، حڪمت، منطق ۽ موسيقي جا به ڄاڻو ۽ ماهر آهن.

پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي والد حافظ رضا محمد چانڊيو کان ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي جيڪو پنهنجي وقت جي يگاني شخصيت هو. انکانپوءِ وڌيڪ ديني تعليم، فلسفو ۽ حڪمت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سوٽ علامه غلام مصطفي قاسمي (ناليوارو عالم ۽ روئت هلال ڪاميٽي پاڪستان جو اڳوڻو چيئرمين- سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين - ۽ ڊائريڪٽر شاھ ولي الله اڪيڊمي) وٽ شڪارپور جي ڳوٺ گورو پهوڙ ۾ ٺهيل هڪ مدرسي ۾ پهتا. انهن ڏينهن ۾ علامه غلام مصطفيٰ صاحب جن دارلعلوم ديوبند مان فارغ التحصيل ٿي سنڌ واپس وريا هيا ۽ گورو پهوڙ جي مدرسي ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيو هيو ۽ سندس سڄي سنڌ ۾ وڏي هاڪ هئي. ان بعد جڏهن علامه قاسمي صاحب جن گورو پهوڙ واري مدرسي کي ڇڏي رتيديري لڳ ميرپور ڀٽو شهر جي مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ته مولوي عبداللطيف صاحب جن به وڃي اتي داخلا ورتي. ان بعد وري وڌيڪ ديني تعليم لاءِ گهوٽڪي شهر ۾ پير شير محمد شاھ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي. آخر اعليٰ ديني تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي مشهور مظهرالعلوم کڏي واري مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيا. جتي مولانا محمد صادق کڏي وارن کان به فيض پرايائون.

هونئن ته ڪيترائي وڏا جيد عالم سندس هم عصر هيا مگر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور هستي سائين عبدالڪريم قريشي ٻير وارا ۽ هاڪارو مبلغ ۽ مناظري جو شينهن سائين مولانا عبدالله چانڊيو سڀ کان وڌيڪ مشهور آهن. اهي ٻئي عالم جڏهن به هن تر ۾ ايندا هيا ته مولوي صاحب وٽ پنهنجون سڪون لاهڻ ضرور ايندا هيا. ان وقت سندن علمي ملاقاتن وقت علم جي اڃايلن جون قطارون لڳي وينديون هيون. سندس ٻين هم عصر عالمن ۾ مولانا عبدالغفار رتيديري وارا، مولانا عبيدالله نصيرآبادي، مولانا محمد يوسف شهدادڪوٽ وارا، مولانا عزيزالله جروار، مولانا خدابخش لاشاري ٺل وارا سر فهرست آهن.

انهن علماءِ اڪرام کان سواءِ سندن ڪجھ هم عصر شخصيتن سان سندس ڪافي ويجهڙائي رهي جن ۾ لاڙڪاڻي واري مولانا جان محمد عباسي جو والد مولانا غلام رسول عباسي، مولانا محمد اسماعيل قريشي، مولانا عبدالڪريم شاهل سڌايو، مولانا مظهرالدين انڍڙ، مولانا عبدالعزيز ڀانڊوي، مولانا عبدالغفار عرف پير مٺا، مولانا ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، مولانا محمد شاھ امروٽي، مولانا نواب الدين چانڊيو، سائين سيد غلام حسين شاھ قمبروارو ۽ مولانا خوش محمد ميروخاني شامل هيا.

سائين غلام حسين شاھ قمبر واري ۽ سائين خوش محمد ميروخاني کي ته اسان به ڏٺو ته ٻئي جڏهن به هن ڳوٺ ۾ ايندا هيا ته مولوي صاحب جي شفاخاني تي ضرور ايندا رهيا ۽ وڏيون ملاقاتون ڪندا هيا.

مونکي امان ٻڌائيندي هئي ته مولوي صاحب جن ماڻهن کي مسئلن جي حل لاءِ دعا ۽ تعويز به لکي ڏيندا هيا به اهو سندن پيشو ڪڏهن به نه رهيو. هڪ ڀيري اسان جي امڙ کيس دعا سڳي لاءِ چيو ته ان وقت اتي موجود مولانا خوش محمد ميروخاني امان کان پڇيو.

“امان ڪهڙو دعا سڳو گهرجي.“

امڙ: منهنجو وڏو پٽ اصغر علي ڏاڍو ڏنگو ٿي پيو آهي. کيس دعا ڪر ته ڪجھ ٿڌو ٿئي.

مولانا ميروخاني: ڌيءَ هڪ ڳالھ ٻڌ پٽ ۽ گهوڙا ڏنگا ڀلا هوندا آهن. هي ٿڌو ٿي ويو وري دعا ڪرائيندينءَ ته همراھ نه ڳالهائي ٿو نه ٻولهائي ٿو.

امان ٻڌائيندي هئي ته؛ ”مولوي صاحب وٽ جڏهن به عالم سڳورا مهمان ٿي ايندا هيا ته هڪ ويڙهي ۽ خاندان ۾ هجڻ ڪري اڪثر انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ رڌ پچاءَ جو ڪم مولوي صاحب جي گهرواري جي مدد طور مان ڪندي هيس. لڳي ٿو سڄي زندگيءَ ۾ وڏي نيڪي جو ڪم اهو ئي ڪيو هئم.“

مولوي عبداللطيف صاحب جن حڪمت جي ابتدائي تعليم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي کان ڳوٺ ۽ مدرسن ۾ حاصل ڪئي. ان بعد وري ڳوٺ بٺي هڪڙا ۾ حڪيم قاضي امان الله کان حاصل ڪيائون جيڪو جڳ مشهور حڪيم پير تراب علي شاھ قمبر واري جو شاگر هيو. ان بعد پاڻ باقائده حڪمت جي اداري کان تعليم حاصل ڪري سند حاصل ڪئي. اها سند اڄ به سندس شفاخاني ۾ هڪ خوبصورت فريم ۾ جڙيل آهي.

حڪمت ۾ سندس هم عصر چوٽي جي حڪيمن ۾ حڪيم گل محمد شاھ قمبر وارو، حڪيم امام بخش وڌو، حڪيم عيدن داس، حڪيم قاضي عبداللطيف ڳوٺ مينهين جي کاهي وارو ۽ حڪيم محمد عالم چانڊيو مشهور رهيا آهن.

پاڻ جڏهن حافظ، عالم ۽ حڪمت جي سند وٺي اچي واپس ڳوٺ پهتا، تڏهن ان علم جو پاڻ فائدو وٺڻ لاء ڪنهن شهر وڃي رهڻ بجاءِ ان جو فائدو ڳوٺ واسين کي پهچائڻ لاءِ اتي ئي رهي پيا ۽ اٽڪل اڌ صدي اڳ ڳوٺ ۾ پهرين باقائده شفاخاني جو بنياد وڌائون. جتي پاڻ جراحي جو ڪم پڻ سرانجام ڏيندا رهيا، نه ته ان کان اڳ ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ۾ صرف هڪ هندو ديوان جناب طوطو مل جو پنساري جو دڪان هوندو هيو. جيڪو ڪجھ عرق ۽ سُتيون ٺاهي ايندڙ مريضن کي ڏيندو هيو. انهن ڏينهن ۾ مقصودي چانڊئي جي اولاد مان هڪ شخص جنهن جو نالو جمعو فقير هيو اهو ڪجھ مريضن کي ٽِڪي ڦوٽو ڏيندو هيو.

مولوي عبداللطيف چانڊيو انهن ڏينهن ۾ هن تر جو واحد سَند يافته حڪيم هيو. الله پاڪ سندس هٿ ۾ ايتري شفا رکي هئي جو ڪوهن ميلن کان ماڻهو شفا حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ڪهي ايندا هيا. سندس شهرت جي هاڪ ڳوٺان ڳوٺ وڃين پهتي. هن وقت به سندس شفاخانو آس پاس جي اٽڪل ويهارو کن ڳوڻن جي مريضن لاءِ شفا جو گهر آهي. سندس وڏي فرزند عبدالغفار چانڊيو سندس نقش قدم تي هلندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ اٽڪل ويهن سالن کان ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ۾ خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.

مولوي عبداللطيف صاحب جن ڳوٺ جي هڪ مسجد ۾ ديني درس تدريس جو اهم ڪم به سرنجام ڏيندا رهيا ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو سندس طالب پڻ رهيا. هن وقت به ڪيترائي عالم سڳورا کانئس ديني علم جي آبياري لاءِ ملاقات ڪرڻ ايندا رهندا آهن.

ڳوٺ جي نيڪ مرد حاجي گامڻ خان ٺاراڻي چانڊيو جي ٺهرايل مسجد ۾ گذريل اڌ صدي کان خطيب ۽ امام جي ذميداري جو جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن.

پاڻ ڪمال جا مقرر آهن. سندس مٺڙو بيان وارو انداز روح کي راحت ڏيندڙ آهي، پاڻ لوڪ کي جهنم عذاب ۽ سزائن کان ڊيڄارڻ وارو ڪڏهن به ڪم نه ڪيو. سدائين محبت آشتي امن ۽ حسن سلوڪ جو درس ڏيندا رهيا. ذاتي طور پاڻ سدائين سڀني مسلڪن کان مٿاهان رهيا. ديوبندين جي مسجد جا امام هوندي هر محرم تي ڳوٺ اندر سردار غلام رسول صاحب جن پاران ٿيندڙ نذر نياز يا دعا واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندا رهيا.

هر مسلڪ توڙي مذهب جا ماڻهو ساڻس عقيدت رکن ٿا ۽ پاڻ به هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن.

مولوي عبداللطيف صاحب جي انداز بيان جي ڇا ڳالھ ڪجي سندن عيد جو خطبو ٻڌڻ لاءِ آسپاس جي اٺن ڳوٺن جا ماڻهو اچي مڙندا آهن. انتهائي پيار سان ۽ آسان لفظن ۾ نقطا پيش ڪندا هيا جو وڏن وڏن جذباتي ملن کي چپ لڳي ويندي هئي.

سندن ديني تقرير جو موضوع نه عربن جون حالتون هونديون هيون، نه عربن جا اسلاف پاڻ ماضي جي مزارن کي ڪڏهن کوٽيندا هيا نه ئي تلوار ۽ توپ ڪو ڪڏهن ذڪر ڇيڙيندا هيا. سندس تقرير دوران پنڊال ۾ ائين سانت ڇانئجي ويندي هئي ڄڻ ڪنهن جي وات ۾ زبان ئي نه هجي. ڳوٺ جا سردار، رئيس، چڱا مڙس، عام هاري ناري توڙي لکيل پڙهيل نوجوان ۽ آفيسر سڀ خاموشيءَ سا سندس خطبو ٻڌندا هيا.

مولوي صاحب جن ڪڏهن به پنهنجي تقريرن ۾ مسلڪي اختلافن کي موضوع نه بنائيندا هيا، جيتوڻيڪ اهڙن علمن کي کين ڪمال جي دسترس حاصل هئي پر پاڻ ڪڏهن به اختلافي ڳالهيون نه ڇيڙيندا هيا. صرف ۽ صرف محبت سندن موضوع رهندو هيو. ان ڪري ئي سڄو ڳوٺ سندن محبت ۾ سدائين لاءِ گرفتار رهيو.

سندس تقريرن جو موضوع ان وقت به انسان، حسن اخلاق ۽ سنڌ هيو ۽ هاڻي به ساڳيو آهي. پاڻ چوندا هيا دين اسان کي صرف پنهنجا ڪم سهڻي نموني سرانجام ڏيڻ سيکاري ٿو ۽ خدا آڏو سڀ کان سهڻو ڪم اهو آهي ته سندس عبادت ڪئي وڃي ۽ سندس مخلوق سان محبت ڪئي وڃي. نفرت دنيا جي ڪنهن به مذهب ڪنهن به ڌرم ۾ قبوليت جوڳي ناهي.

عيد ۽ جمعي جي خطبن دوران پاڻ ڳوٺ جي آبارگارن کي زمين جي ڀلي تياري، سٺا فصل پوکڻ، وڌيڪ محنت ڪري وڌيڪ اپت ڪرڻ، جانورن جو خيال رکڻ، کير مکڻ کان وٺي چوپائي جي پالنا بابت ذڪر ڪندا رهندا هيا. پاڻ حڪيم هجڻ سبب خطبن دوران موسمي تپ ۽ ٻين بيمارين کان بچڻ جا طريقا به ٻڌائيندا رهندا هيا.

مولوي صاحب جن تقرير کان سواءِ ڪچهرين جا به ڪوڏيا رهيا. سندن ملاقات لاءِ ايندڙ ماڻهو سندن ڳالهين جي سحر ۾ اچي ويندا هيا ائين کين وقت جي خبر ئي نه پوندي هئي.

اسان به ننڍپڻ ۾ سندن ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ سندن کٽ جي پيراندي کان ويهي رهندا هياسين. پاڻ جڏهن تاريخ جا ورق اٿلائيندا هيا ته ائين لڳندو هيو ڄڻ اسان کي به ٽائيم مشين ۾ کڻي ڪنهن اوائلي دور ۾ وٺي پهچي ويا آهن. تقرير ۽ ڳالهين وقت سندن چهري جو اطمينان سندن ڳالھ جي سچائي، نرڙ تي پوندڙ گهنج سندن سنجيدگي ۽ ساڄي اک جي ڀروون جو مٿي ڇڪجي وڃڻ سندن ڪمال انداز بيان جا هڃاڻ هيون.

سندن مسڪراهٽون ۽ لطيفن جا چٽڪلا سندن مزاج جو حسن هيا. ملن مولوين جا مقابلي ۾ عام ماڻهن، دانشورن، شاعرن، موسيقارن، مڱڻهارن، راڳين، فنڪارن، ملھ پهلوانن، سياستدانن ۽ سائنس جي شاگردن سان ڪچهرين ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪندا هيا.

سندن خوش مزاجي سبب اڪثر مريض ته سندس ملاقات ۾ ئي خوش باش ٿي بنا دوا درمل جي واپس هليا ويندا هيا. پاڻ ٻڌائيندا هيا ته اسان جي اسان جي ڳوٺن جي اڪثر مريضن کي ٻه ئي مرض آهن. هڪ خوراڪ جي کوٽ ٻيو خوراڪ جي گهڻائي.

گهڻو کائيندڙ کي رَکَ گهڻي ٻڌائيندو آهيان ته گهٽ کائيندڙن کي سڀ ڪجھ ۽ وڌيڪ کائڻ جي صلاح ڏيندو آهيان. مونکي ياد آهي ته هڪ ڀيري چيائون؛ “اسان جي سماج جي عورتن سان وڏو ظلم اهو آهي ته کين ٻڌو نه ٿو وڃي، هنن کي ڳالهائڻ جي مڪمل آزادي آهي پر اهو ڳالهائڻ ڪهڙي ڪم جو جنهن کي ٻڌڻ وارو يا ورنائڻ وارو ڪير نه هجي. انڪري مون وٽ ايندڙ اڪثر مريض عورتون صرف پنهنجو ڳالهيون ٻڌائي ٺيڪ ٿي وينديون آهن. اسان جي ماڻهن کي گهرجي ته اهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مائرن، زالن ۽ نياڻين کي ضرور صرف ان لاءِ وقت ڏين ته جيئن انهن دل جون ڳالهيون ٻڌي سگهن. اهو اسان جو ديني فريضو به آهي ته اخلاقي ۽ سماجي تقاضا به آهي.

مولوي صاحب جن صوفي ازم کان تمام گهڻو متاثر رهيا آهن. درگاهن قلندر شهباز، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست سميت سميت سنڌ جي اڪثر درگاهن تي حاضري ۽ اتان جي گادي نشينن توڙي متولين سان ملاقاتون ڪري چڪا آهن. اندر ۾ علم جا انبار هوندي به پاڻ ڪڏهن جلسي يا تقريري ملان ٿيڻ پسند نه ڪيو باقي علم جي پياڪن کي سدائين جام ڀري ڀري ڏيندا رهيا آهن. سندس علمڪدو اڄ به کليل آهي ۽ دعوت به عام آهي.

مولوي عبداللطيف جي شادي سندس خاندان ۾ ئي غلام خان چانڊيو جي نياڻيءَ سان ٿي جيڪا والدين جي اڪيلي اولاد هئي. الله پاڪ کين اولاد ۾ برڪت عطا فرمائي، کين پنج فرزند ۽ ٽي نياڻيون آهن.

فرزندن ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار، انجنيئر عبدالجبار، حافظ عبدالستار، حافظ رضا محمد ۽ عبدالرحمٰن شامل آهن. سندس نياڻيون وري (مرحوم) استاد اجمل چانڊيو، جناب حسن علي چانڊيو ۽ جناب عبدالرحمٰن چانڊيو جون گهرواريون آهن.

 

(هن مضمون جي لکڻ ۽ مڪمل ٿيڻ لاءَ مولوي صاحب جي فرزند انجنيئر عبدالجبار چانڊيو جو احسانمند آهيان)

(علم جو ڀنڊار، ديني عالم سڳورا ۽ شاندار شخصيت سائين مولوي حافظ عبداللطيف چانڊيو جن ۱۰ ڊسمبر ۲۰۱۸ع رحلت فرمائي ويا.

(انالله وانااليه راجعون)

(سندس حياتيءَ ۾ سندن باري ۾ لکيل هڪ مضمون جيڪو ۱۰ ڊسمبر ۲۰۱۸ع تي فيسبڪ پوسٽ ۾ ”ڳوٺ سردار ڀنڀو خان چانڊيو جا موتي جهڙا ماڻهو“ وارن رکيو)

No comments:

راءِ ڏيندا