احمد مجتبيٰ راشدي
سندس ياد ۾ ... گُل ڇِنو گَرنارِ جو
خالد ڪريم بروھي
اڄ جڏھن سنڌ مان سنجيده سوچَ موڪلائيندي
پئي وڃي ۽ باقاعدي مطالعي بدران ڇڙو لٻاڙبازيءَ تي زور آھي، تڏھن نج فلسفي، سماجي
سائنس ۽ قوم پرست نظريي جي حمايت ۾ دليل ڏيندڙ احمد مجتبيٰ راشديءَ جي سوچ کي جھُڪي
سلام نه ڪرڻ ڄڻ ناانصافي جي زمري ۾ اچي ٿو. ھُو لاشڪ وسيع دل ۽ دماغَ وارو انسان
ھو، جيڪو ھيگل جيان ھر شئي ۾ موجود تضادَ کي نه صرف مڃيندو ھو پر ان کي پنھنجي لکڻين
۾ وائکي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو رھيو.
شعوري حوالي سان سڄي عمر سُورن
۽ سودائن جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ ڪامريڊ احمد مجتبيٰ راشديءَ کي جڏھن به ۽ جتي به
موقعو مليو، ھن پنھنجي فڪر کي نه صرف عام ڪيو پر نثر جي روپ ۾ پڌاريو. ھن وٽ ھر
مسئلي جو حل سائنسي بنيادن تي موجود ھو (پوءِ ڀل اسان سندس خيالن سان سئو سيڪڙو
سھمت نه به ھجون).
خيرپورميرس واري پيرڳوٺ جي
راشدي خاندان ۾ سيد راحم شاھ جي گھر ۾ ۱۹۳۸ع ڌاران جنم وٺندڙ احمد مجتبيٰ جي سوچ اسان جي روايتي پيرن کان نه صرف
مختلف ھئي، پر مان ته ايئن چوندس ته ھُو سائين راشد شاھ ۽ پير صبعت اللھ شاھ شھيد
جو فڪري تسلسل ھو. ھن زندگيءَ ۾ باغي سوچ رکندي وڏا ڪشٽ ۽ ڪشالا سَٺا، ڇوته بقول
آسڪر وائلڊ “فڪري زندگي گذارڻ لاءِ انسان کي وڏو اعصابي داٻُ سھڻو پوي ٿو”.
سنڌ ۾ ساڃاھ وند ۽ معتبر ماڻھن
جو جيڪو قليل تعداد اڄ موجود آھي، ان جي صحيح معنيٰ ۾ اڳواڻي ڪندڙ لاشڪ اھو سائين
احمد مجتبيٰ ھو، جنھن جا ٻه ڪتابَ اسان وٽ تحفي جي صورت ۾ موجود آھن.
انسان، جبلت ۽ خُدا
تخيل ۽ انسان (ڪائنات)
پھريون ڪتاب نج نفسيات تي آھي،
جڏھن ته ٻئي جو موضوع فلسفو آھي. ھُو جيتوڻيڪ رڳو ٻه چار درجا پڙھيل ھو پر زماني
جي لاھين چاڙھين سندس ذھن جون تاڪيون ڄڻ ته کولي ڇڏيون ھيون. جنھن ڪلاس سان راشدي
صاحب جو واسطو ھو، تنھن ۾ در محمد اوستي، غلام محمد مھر، ممتاز ڀٽي ۽ علي بلاول ڊومڪيءَ
پارا سياستدان ته پئدا ٿيندا رھن ٿا پر ھڪ سائنسي سوچ واري فيلسوف جو ڄمڻ ڄڻ
ناقابلِ يقين لڳي ٿو.
جن دوستن احمد مجتبيٰ سائينءَ
سان ڪچھريون ڪيون ۽ رھاڻيون رھيون آھن، انھن ۾ اسان جو سنگتي حبيب ساجد به آھي،
تنھن کان وڃي پُڇو ته پاڻ طبيعت جو ڪيڏو نه سٻاجھو، ماٺو، سِڪَ ۽ صلح ڪل جو قائل ھڪ
شخص ھو ۽ سندس ڳالھين ۾ ڪيڏي نه معنيٰ سمايل ھوندي ھئي. زندگيءَ جون جيڪي راحتون ۽
سحر آھن، اھي سڀ راشدي صاحب ماڻيا ۽ جيڪي درد ۽ اھنج آھن تن جو مزو پڻ چکيائين،
البت گھرو (خانداني) معاملن جي ڪري ڪجھ ناچاڪي پڻ رھيس. پنھنجي وڏڙن جي ميراث ۽
ولرَ ۾ ھُو اڪيلو ۽ البيلو شخص ھيو جيڪو پيري مريديءَ جي سخت خلاف ھيو، تنھن ڪري
خاندان وارا کيس گھٽ چاھيندا ھئا، ڪي سندس ڳالھين تي عمل ڪندا ھئا پر ڪن بلڪل به
چيو نه ورتس پر ھُو پنھنجي راھَ تان ھٽيو ڪونه ۽ علم و ادب جي آبياريءَ ۾ سدائين
مصروفِ ڪار رھيو، بقول خاڪي جويو جي:
“ھن جون لکڻيون نرالي مڪتب فڪر
واريون ھيون، ھُو نه مارڪسي فلسفي جو ترجمان هو ۽ نه وري روحانيت پسند تصوراتي ليکڪ
ھو پر ھُو ته فلسفي جي دنيا جو متشڪي انسان ھو”.
مجتبيٰ راشديءَ وٽ ڄاڻ جو خزانو
ھو ۽ ھٿ ۾ قلم ھئس، ان ڪري موقعي ملڻ تي ھُو پنھنجي ڏات جو بھترين استعمال ڪرڻ به ڄاڻيندو
ھو،
ادب جي مطالعي، مشاھدي جي قوت ۽
حقيقتن جي ادراڪ ھن جي فڪري ڪينواس کي وسيع ڪري ڇڏيو ھو، سندس لکيل مضمون “سنڌي
قوميت جو تاريخي الميو” پڙھڻ سان پتو پوي ٿو ته قوم جي اُسرڻ لاءِ جيڪي ذريعا
گھربل آھن، تن کان ته سنڌي قوم وانجھيل آھي، پوءِ اسان ترقي ڪيئن ڪري سگھنداسين؟
منھنجي خيال ۾ راشدي سائينءَ جي تحرير جو انداز ڪجھ ڏکيو آھي، تنھن ڪري سندس ڪتابن
کي پڻ اھا پذيرائي ملي نه سگھي، جن جا اھي حقدار آھن، مون ته سندس تحريرن جي
روشنيءَ ۾ اھو اندازو لڳايو آھي ته پاڻ ڇِتو قوم پرست ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حقيقي
آزاديءَ جو خواھان شخص ھو، جنھن ھر حال ۾ جبر توڻي ڏاڍ کي ننديو ۽ ان خلاف آواز
بلند ڪيو.
اڄ جيتوڻيڪ ھُو جسماني طور تي
اسان ۾ موجود ناھي پر ھن جون لکڻيون ۽ ذاتي ٻولَ سالن تائين سنڌ واسين جي رھنمائي ڪندا
رھندا. نَون توڙي انوکن گھاڙيٽن ۽ فڪري لاڙن کي متعارف ڪرائيندڙ مجتبيٰ راشديءَ جو
اوچتو وڇوڙو اسان سڀني لاءِ اڄ تائين قومي نقصان برابر آھي.
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان
ريءَ. (شاھ)
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۴ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
سائين احمد مجتبي راشدي
هڪ يگانو مفڪر
ساجد سومرو
جاگيرداراڻي زرعي معيشت واري
سماجي وجود ۽ سماجي شعور سبب سنڌي ادب ۾ شاعري ۽ افساني تي گهڻو زور رهيو آهي، جڏهن
ته سائنسي بنيادن تي تخليقي سنڌي ادب ۾ نفسيات ۽ فلسفي تي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا
ڪتاب به وڏي مشڪل سان ملن ٿا.
فلسفي ۽ نفسياتي تنقيد يا ان جي
ترڪيبي جزن متعلق مجتبيٰ راشدي جي ٻن ڪتابن کان وڌيڪ، ڪو سگهارو ڪتاب سنڌي ادب ۾ اڃا
تائين نظر نه آيو آهي.
سائين مجتبيٰ راشدي جي پهرين ڪتاب
جو نالو آهي
”خدا انسان ۽ جبلت“ ۽ سندس ٻئي ڪتاب
جو نالو ”تخيل ۽ ڪائنات“ آهي.
مجتبيٰ راشدي صاحب جي انهن ڪتابن
کان پهرين فلسفي تي ڪجهه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا، پر اهي به تخليقي نوعيت جا گهٽ
پر تاليفي ۽ ترتيبي نوعيت جا وڌيڪ آهن ۽ ڪجهه ته مورڳو ترجمو آهن.
پر مجتبيٰ راشدي جي تخليقي
فلسفي تي مبني ٻنهي ڪتابن ۾ خاص ڪري پوئين ڪتاب تخيل ۽ ڪائنات ۾ هڪ ئي وقت، اها
خوبي موجود آهي ته اهو ڪتاب، جيترو تخليقي فلسفي متعلق اهم آهي، اوترو ئي نفسياتي
تنقيد متعلق به اهم آهي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته سائين
مجتبيٰ جي شخصيت ۽ لکڻي تي فلسفي جو اثر ۽ رنگ ڪجهه وڌيڪ گهرو آهي ان ڪري هن جي
نفسياتي تنقيد به فلسفي جي اثر ۾ ڪجهه Passive ٿي، دٻجي وڃي ٿي.
بهر طور هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ
۾ غير معمولي حد تائين تخليقي فلسفي ۽ نفسياتي تنقيد جي ڪجهه مسئلن متعلق اهم ترين
ڪتاب آهي. ان ڪتاب کي سڄو سارو نفسياتي تنقيد متعلق به چئي نه ٿو سگهجي.
ڇو جو نفسياتي تنقيد جا ترڪيبي
جزا يا عنصر، سڀ جو سڀ ته هن ڪتاب ۾ موجود ڪونهن، البته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سڀ
کان وڌيڪ سگهاري انداز ۾، هن مهل تائين منهنجي نظر مان نفسياتي تنقيدي مسئلن
متعلق، اهو ئي ڪتاب گذريو آهي.
اهوئي سبب آهي جو مون هن بحث جي
شروعات ئي ان ڪتاب جي ذڪر سان ڪئي آهي، جنهن لاءِ خاڪي جوئي جو رايو آهي ته احمد
مجتبيٰ راشدي جو هيءَ ڪتاب، سنڌي زبان ۾ هڪ بي بها فڪري ذخيرو آهي. جيڪو سنڌي زبان
کي تهذيب يافته زبانن سان ملائي آڻي بيهاري ٿو.
منهنجي خيال ۾ هاڻ سنڌي زبان
شاعري ۽ افساني جي زمين مان نڪري، فڪري نثر جي سرحدن ۾ داخل ٿي رهي آهي ۽ احمد
مجتبيٰ جا ڪتاب انهيءَ نثر جي فڪري سرحد ۾ داخل ٿيڻ جي ابتدا آهن.
سائين مجتبيٰ راشدي هن ڪتاب ۾ ڪيترائي
اهم ۽ پر مغز بحث ڇيڙيا آهن، پاڻ ڪجهه مسئلن ۽ موضوعن تي سير حاصل بحث ڪندي، جائزو
وٺنداسين. سائين مجتبيٰ، انسان متعلق غور و فڪر جي دعوت ڏيندي سوشلسٽ معاشرن ڏانهن
اشارو ڪندي لکي ٿو ؛
”سوچڻ جو هي انداز ڪيتري قدر
مثبت ٿي سگهي ٿو ته جنهن معاشري ۾ فرد جو پنهنجي مستقبل جي نتيجن ۽ سماجي حيثيت جو
تعين پهرين کان ٿيل هجي، ان معاشري ۾ فرد جي تجسس جو موت ايندو آهي. زندگي ۽ فطرت
جي وچ ۾ ڪشمڪش جو عمل ماٺو ۽ دلچسپيءَ کان خالي ٿي ويندو آهي.
نتيجتن معاشرو ارتقا ڪرڻ ڇڏي ڏيندو
آهي. غير طبقاتي سماج تي اعتراض ڪندي الڊهڪسلي هڪ بهتر نظريو پيش ڪيو. هن جي چوڻ
موجب ته جنهن معاشري ۾ امن امان هجي، بک، غربت ۽ افلاس جو خاتمو ٿيل هجي، معاشي ۽
جنسي مجبوريون ۽ محروميون نه هجن، اتي فنڪار ۽ اديب جون تخليقي صلاحيتون رڪجي
وينديون آهن ۽ معاشرو ارتقا ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي.“(۱)
هتي سائين مجتبيٰ، الڊهڪسي جي
حوالي سان سيڪس ۽ بک جي جبلت متعلق ڳالهايو آهي، جنهن ڪري جنسي ۽ معاشي آزاديءَ
واري سماج ۾ ماڻهو ٻنهي نفسي آسودگين سبب ٻين ڳالهين سان گڏ، آرٽ ۽ ادب جي تخليقي
صلاحيتن کان به وانجهجي ويندو آهي، ڇو جو انهن جي محرڪ جو ٿڌو ٿيڻ، سرگرميءَ ۽ تحرڪ
جو مترادف ٿي نه ٿو سگهي،
پر اتي منهنجو اختلافي نقطه نظر
اهو آهي ته جيتوڻيڪ جنس وارو فرائيڊ جو نظريو به انساني سرگرميءَ جي بنيادي محرڪن
مان هڪ محرڪ هجي ٿو. جيڪو لاشعور جي تحرڪ جو جواز بڻجي ٿو.
جڏهن ته پيٽ جي بک يا معيشت،
يونگ جي اجتماعي لاشعور جي نظرئي يا مارڪس جي نظريي مطابق انساني اجتماعي سرگرمي
جو جواز بڻجي ٿي ۽ ٻنهيءَ جي تڪميل آرٽ ۽ ادب جي تخليق لاءِ زهر قاتل آهي.
پر انهن ٻنهي محرڪن کان علاوه ٽيون
اهم ترين محرڪ به آهي،
جنهن کي ايڊلر جي نظرئي موجب
طاقت جو حصول چئجي ٿو ۽ يونگ جي اجتماعي لاشعور جو تاريخي تسلسل به انساني
سرگرميءَ جو وڏو محرڪ آهي.
پاڻ اڃا به سهنج پيدا ڪندي، ان
کي هيئن چئون ته انسان هر حال ۾ پنهنجي اشاعتِ ذات چاهي ٿو.
Sex ۽ Economy
کان علاوه اشاعتِ ذات يا تڪميلِ
ذات ۽ ايڊلر جي حصول طاقت جو محرڪ به انسان ۽ انساني معاشري جي ارتقا جو سبب بڻجي ٿو.
مان سمجهان ٿو ته اهڙا لکين مثال موجود آهن،
جيڪي ماڻهو Sex ۽ Economy جي جبلتن جي تڪميل باوجود سرگرميءَ جو دامن نٿا ڇڏين ۽ انساني
سماج ۾ مثبت توڙي منفي ٻنهي حوالن کان پنهنجو رول ادا ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته انسان کي
درجي به درجي اشاعتِ ذات گهربل آهي. جنهن لاءِ انسان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
ڇا يورپ ۽ مغرب ۾ Sex ۽ Economy جي جبلتن جي تڪميل ۽ حل باوجود اتي جي ماڻهن توڙي معاشري ۾ ارتقا
رڪجي وئي آهي؟ مغرب ۽ يورپ جهڙي ارتقا ته ڪوبه معاشرو ڪري نه سگهيو آهي تنهن ڪري
واضع طور تي چئي سگهجي ٿو ته انساني سرگرميءَ ۽ ارتقا جا ٽي بنيادي محرڪ آهن.
هڪ فرائيڊ وارو Sex ٻيو
مارڪس مطابق Economy ۽ ٽيون
اشاعتِ ذات يا ايڊلر مطابق تحصيلِ ذات يا حصولِ طاقت، جنهن کي يونگ جي اساسي نقش
وارو تاريخي اجتماعي لاشعور به چئي سگهجي ٿو، جيڪو ارتقا جي قانون جيان سدائين
انساني تڪميل خاطر اڃارو ۽ متحرڪ رهندو آهي،
ان کان علاوه سارتر توڙي ايرڪ
فرام جا ڊسڪور ڪيل وجودي ۽ انساني صورتحال جا انساني رشتن ناتن ۽ انهن جي لاڳاپيل
احساسن ۽ جذبن تي مبني ڪيترائي محرڪ پڻ اهميت رکن ٿا، جيڪي انساني ضرورتن جي ادراڪ
جا لاشعوري پهلو آهن.
هارٽمن لاشعور جي Justification ۾ ڏاڍو لاجواب جملو لکيو آهي
ته ذرات کان اعليٰ ترين هستي تائين ساري فطرت جي اندر فرد مختلف مرحلن ۾ هوندا آهن
۽ انهن سڀني ۾ صرف لاشعور محرڪ اعليٰ هوندو آهي. ڪثرت صرف مظاهر ۾ موجود هوندي
آهي. اصل وجود ۾ نه. (۲)
ان جملي جي ضد ۾ جيتوڻيڪ سائين
مجتبيٰ هارٽمن سان Metaphysics جي الهامي پهلو تي اعتراض ظاهر ڪيو آهي پر پوءِ به ان ۾ لاشعور
متعلق جيڪا فرائيڊين ايپروچ جي پٺ ڀرائي ڪيل آهي، سا به قابل ستائش آهي.
سائين مجتبيٰ جي اها انتهائي
شاندار ۽ غير معمولي رد دعويٰ آهي ته انسان جي تاريخي ڪارنامن سرانجام ڏيڻ ۾
لاشعور جو ڪيترو به ڪردار هجي، پر اهو سارو عمل غير ترتيب حالت ۾ هڪ هنٽ Hint ڏيڻ جهڙو
هوندو آهي، جنهن کي پلاننگ جي شڪل هميشه شعور ڏني آهي. (۳)
شعور ۽ لاشعور جي ڪشمڪش جي بحث
جو بنياد ئي اهو آهي ته لاشعور هميشه شعوري ليول تي پهچڻ لاءِ بي چين ٿي ڇوليون هڻندو
آهي. يعني دٻيل صورت کان منڪر ٿيندي ۽ بغاوت ڪندي هميشه پنهنجو اظهار چاهيندو آهي.
جنهن سبب هميشه متحرڪ رهي،
انساني وجود ۾ هلچل ۽ بي چيني پيدا ڪندو رهندو آهي. سائين مجتبيٰ هڪ هنڌ ساڳي ڪتاب
۾ لکيو آهي ته
“لاشعور ۾ پراسرار قوت، تحفظ
ذات جي خاطر جڏهن به شعور کان ڪم وٺندي آهي، تڏهن هوءَ شعور کي پنهنجي اصل خواهش
کان غير واقف رکندي آهي. بس هوءَ عجيب ۽ غريب حرڪتن کان شعور کي استعمال ڪرڻ جو گر
سکيل آهي.“(۴)
هتي ڄڻ سائين مجتبيٰ جو نقطه
نظر اهڙي موالي جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي شعور کان ڪريل حرڪتون
ڪرائيندو هجي، اڪثر طور تي اهڙيون مڙئي حرڪتون شعور کان ڪريل ليکيون وينديون آهن،
جن ۾ انسان پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهندو آهي.
ته پوءِ ڇا هر مدهوش ماڻهو کان
ويندي معاشري تائين جيڪڏهن ڪو مدهوشي جو مظاهرو ڪري ته اهو ڪڏهن حصولِ اختيار جي
سرحدن کي ڇهي سگهندو؟ يقينن جواب نفي ۾ هوندو، ڇو جو انسان پنهنجي ناداني جي حالت
۾ ئي غير شعوري حرڪتون ڪندو آهي.
۽ نادان معاشرا ڪڏهن به آزادي
حاصل ڪري نه سگهندا آهن. سائين مجتبيٰ اڳتي لکي ٿو ته دراصل فرد يا قوم، بقا جي
جنگ صرف شعوري ڪونه لڙندي آهي، بلڪه بقا جي جنگ جو حقيقي ميدان لاشعور جي دنيا
هوندي آهي. لاشعور تحفظ ذات يا فرد جي خواهشن جي تڪميل لاءِ ان کان عجيب قسم جون
حرڪتون ڪرائيندو آهي.
ڪيترائي ماڻهو ان ڪري بيمار
رهندا آهن ته جيئن انهن سان همدردي ڪئي وڃي. ان ڪري جو انهن کي ننڍپڻ ۾ گهربل پيار
نه مليو هوندو آهي. ڪيترا ٻار اسڪول جي ٽائيم تي بيمار ٿي پوندا آهن.
پوليس جي سامهون ڪيترن ماڻهن جا
رويا فوري طور تبديل ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ کي سچ پچ به شريف سمجهڻ لڳندا
آهن. تحفظ ذات جي خاطر هيءَ ساري ڪار فرمائي لاشعور جي هوندي آهي.(۵)
سائين مجتبيٰ جي ان راءِ جي
اختلاف ۾ منهنجو هي خيال آهي ته درحقيقت هر مجرم پيدائشي مجرم نه هوندو آهي، بلڪه
اهي ڪي مجبوريون ۽ سبب هوندا آهن، جيڪي ڪنهن معصوم انسان کي به عادي مجرم بڻائي ڇڏيندا
آهن.
۽ هر مجرم، مجرم ٿيندو ئي تڏهن
آهن جڏهن هو ضمير وڃائي ويهندو آهي. ۽ ضمير انساني سوچ ۽ فهم جو سرچشمو آهي، نه ڪي
خبط الحواسي جو. سائين مجتبيٰ جي انهي نقطي نظر موجب هر خبط الحواس ماڻهو جيڪو
ابتيون سبتيون حرڪتون ڪندو هجي،
اهو ريگريسو ايبنارمل ئي ليکبو،
جيئن ڊاڪٽر هيگل چيو هو ته آزادي ضرورت جو ادراڪ آهي، پر جڏهن ماڻهو معاشرتي
ضرورتن جي ادراڪ کان وانجهيل هجن ته انهن کي مجهول ئي چئبو ۽ اهڙا ماڻهو ذهني ۽
روحاني غلامي کان ويندي معاشرتي پيمانن تي به غلام ٿي پوندا آهن.
رهيو سوال ٻار جو اسڪول جي وقت
بيمار ٿيڻ جو ته اها به ايبنارملٽي ئي آهي جيڪا عمومي طور تي نٿي ملي. سواءِ چند ٻارن
جي جيڪي ذهني دٻاءُ جو شڪار هوندا آهن. بلڪل ئي اهڙن ڪمزور حواسن وارن ماڻهن وانگر
جيڪي خوف جي حالت ۾ موشن (دستن) جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.
ساڳي ڪتاب جو آخري مضمون ”سنڌي
قوم جو تاريخي الميو“ وارو سندس سڄو بحث ئي اجتماعي لاشعور تي مبني آهي. سنڌي سماج
جو وڏو حصو، ڳوٺاڻي زرعي جاگيرداري تهذيب سان تعلق رکي ٿو، ۽ انهي پهلو کي سائين
مجتبيٰ سنڌ جي تاريخي الميئي جو بنياد سمجهي ٿو.
ان جو تجزيو هن اجتماعي لاشعور
يا اساسي نقش جي مرده اشاري واري تاريخي تسلسل جي نقطه نظر کان ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته
تاريخ ۾ اجتماعي لاشعور جو سفر به خود ارتقا وانگي ٻٽو سفر ڪندڙ هوندو آهي،
يعني منفي به ته مثبت به. ....!
۽ مثبت سفر کي يونگ زنده اشارو
سڏيو هو ۽ منفي سفر کي مرده اشارو....!
ان ڪري پاڻ مجتبيٰ صاحب جي سنڌي
قوم جي تاريخي الميي متعلق اجتماعي لاشعور جي مطالعي کي مرده اشارو چئي سگهون ٿا.
“حالات جي لڳاتار تشدد
جاگرافيائي شڪل ۾ باقي هندوستان کان ڪٽيل رهڻ واري حالت ۾ سياسي ۽ سماجي تجربن جي
کوٽ، سنڌي ماڻهن کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي وجود جي جنگ اجتماعي حالت ۾ لڙڻ ڇڏي ڏين
۽ هنن پاڻ کي دشمن جي اڳيان غير اهم ثابت ڪرڻ خاطر انفراديت کي اوليت ڏني.
يعني قبيلائي وجود کي قائم رکڻ
۾ هنن، تحفظ وجود لاءِ لاشعوري طور ضروري سمجهي ورتو ۽ اهڙي ڊگهي وقت تائين جي مشق
هنن جي اجتماعي لاشعور کي مفلوج ڪري ڇڏيو.
ممڪن آهي ته تاريخي طور اهڙي
نفسياتي اثر اندازي کان سنڌ جون قومپرست پارٽيون به متاثر ٿيل هجن.خصوصن جي ايم
سيد جا پيروڪار يعني جيئمسٽ پارٽي (جيڪا سنڌي قوم جي مسئلن جو حل پارلياماني سياست
۾ تلاش ڪرڻ کان سياسي ۽ فڪري طور انڪار ڪري چڪي آهي) وڌيڪ اثر ورتو هجي.
انهن جي روين ۽ حرڪتن کان اهڙو
شڪ پوي ٿو ته هي لاشعوري طور غير يقيني جو شڪار آهن. خصوصن ڌڙي بندي جو عمل، جيڪو
هر مرحلي ۾ ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو ۽ جنهن جي ذميواري فردن تي مڙهي وڃي ٿي. جڏهن ته
اهو نقص سنڌ جي تاريخي تسلسل ۾ تلاش ڪرڻ گهرجي.
ڇو ته مسلسل ڌڙي بندي جو عمل،
هر دور يا هر مرحلي ۾ ان سلسلي جو جاري رهڻ، غلطين جي هڪ جهڙائي يا پنهنجي ڪارڪردگيءَ
کان حڪومت (رياست) کي مڪمل انگن اکرن جي حالت ۾ پريس جي ذريعي آگاهه ڪرڻ ۽ ان
سلسلي جو هر دور ۾ جاري رهڻ ثابت ٿو ڪري، ته هي نقص هڪ فرد جي بدنيتي جو سبب نه
آهي. جڏهن نقص تسلسل جي شڪل ۾ جاري آهن، ته اهي يقينن فردي نه ٿا ٿي سگهن.“ (۶)
جيتوڻيڪ سائين مجتبيٰ جا منطقي
دليل ڪافي سگهارا آهن، پر حقيقت اها آهي ته جاگيرداڻي معاشرتي نفسيات پنهنجي جوهر
۾ ڊي سينٽرلائيزڊ ئي ٿيندي آهي. جتي ذاتي ۽ قبيلائي شعور وڌيڪ مستحڪم هوندو آهي. ڇو
جو جاگيرداري سماج جي معاشي عدم مرڪزيت سماجي شعور جي عدم مرڪزيت جو سبب بڻيل
هوندي آهي.
جنهن ڪري جديد قومپرست پارٽي
کان ويندي قومپرست نظريي لاءِ جاگيرداري سرزمين ناموافق هوندي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن
جاگيردارڻي معاشري جو فرد مادي حالتن کان بغير انهن مادي حالتن جي اخلاقيات کي
دهرائڻ چاهي ته انهي جو حشر به بلڪل اهڙو ئي ٿيندو آهي، جهڙو جديد ٽيڪنالاجي جي
دور ۾ داخل ٿيڻ يا جهاز جي ايجاد کان اڳ ۾ اڏڻ کٽولي جو تصور رکندڙ ماڻهن جو. انهن
ماڻهن وٽ کٽولي جي اڏامڻ جو تصور ته هيو پر انهن کي اها خبر نه هئي ته ان جي اڏامڻ
جا شرط ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت پورا ٿي سگهن ٿا.
ساڳي ريت اسان جون قومپرست پارٽيون
۽ انهن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جنهن سماجي مادي حالتن ۾ Exist ڪن ٿا انهي ۾ سندن سڄي نفسياتي
سرزمين جاگيرداڻي هجي ٿي. پر هو عملن قومي سرمائيداري جي فڪر تي ڪاربند ٿيڻ چاهن ٿا،
يعني هو جاگيرداري بنيادن تي جديد سرمائيداراڻي قومپرستي جي اڏاوت ڪرڻ گهرن ٿا.
درحقيقت اهوئي بنيادي تضاد آهي
جيڪو نظريي ۽ پريڪٽس ۾ اچي ٿو. سنڌ جو جاگيردار پنجاب جي سامراجي مفادن جي رکوالي
جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ موٽ ۾ پنجاب سنڌ جي مردار جاگيردار طبقي کي مراعتن
جي آڪسيجن تي زندهه رکيون ويٺو آهي.
پاور پاليٽڪس ذريعي جاگيردار
طبقو هتان جي ويساهه وسوڙيل سنڌي عوام کي سدائين دوکي ۽ دولاب ۾ رکي پنهنجي بينڪ
بيلنس ۽ ملڪيتن ۾ اضافو ڪندو رهيو آهي، پر سنڌي عوام اڳي کان اڳرو غربت ۽ افلاس جي
ڌٻڻ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڦاسجندو ٿو وڃي.
پنجاب جون سامراجي قوتون هڪ طرف
سنڌ جي جاگيردار طبقي کي پنهنجي سامراجي مفادن جي تڪميل لاءِ استعمال ڪري رهيون
آهن، ته ٻئي طرف سنڌ جي وچولي طبقي سان تضاد ۾ بيٺيون آهن، ڇاڪاڻ جو جاگيردار
پنهنجي پنجن جريبن يا زمين جي پنجن ايڪڙن تان سوين ماڻهو مارائڻ لاءِ ته تيار ٿي
ويندو آهي، پر قوم ۽ قومي مفادن لاءِ پنج ماڻهو به گڏائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي،
انهي طبقي جي برعڪس شهري
سرمائيدار ۽ وچولو طبقو معاشي مفادن جي پس منظر ۾ سڄي مارڪيٽ جي جنگ وڙهندو آهي. ڇو
جو انهي کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن منهنجو خريدار ختم ٿي ويو ته انهي سان گڏوگڏ
منهنجي به معاشي حيثيت ختم ٿي ويندي، تنهن ڪري هو پنهنجي معاشي، سماجي نفسيات يا
فطرت ۽ ڪردار ۾ ترقي پسند ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري قومي شعور جي حقيقي نمائندگي به
اهو طبقو ئي ڪندو آهي. تنهن ڪري قومي سرمائيدار کي قومي انقلاب جي هر اول قوت سڏيو
ويو آهي. ۽ وچولو طبقو قومي انقلاب جي ڪرنگهي جي هڏي Spinal
Card ثابت ٿيندو آهي.
سنڌي قوم جو اهو وڏو الميو آهي
ته قومي سرمائيدار؛ سنڌ جي قومي تحريڪ سان گڏ هئڻ بجاءِ اردو آبادي جي ان فاشسٽ ڌر
سان گڏ آهي، جنهن جي نفسيات، ان پڇ جهڙي آهي، جنهن کي عقل جي نَڙي ۾ وجهي سڌي ڪرڻ
لاءِ سنڌ جي دانشورن، قومي ۽ سياسي اڳواڻن توڙي مجموعي سنڌي قوم پيار، محبت ۽
قرباني ڏئي کين سڌارڻ لاءِ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي آهي.
۽ سنڌ جي قومي تحريڪ توڙي سنڌ
جي اڪثريتي پارٽين جي قيادت پڻ ان فاشسٽ ڌر جي ڏنگي پڇ جهڙي نفسيات کي سڌي ڪرڻ
لاءِ سڀ حيلا هلايا آهن،
ايتري تائين جو سنڌ جي هڪ روشن
خيال ۽ ڪشاده دل حلقي انهن کي قيادت جو موقعو به ڏنو هو، پر هو پوري سنڌي قوم جي
قيادت جهڙي تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ عملي طرح پنهنجي مخصوص آبادي جي مفادن
تائين محدود رهي پنهنجي تاريخي ارتقا ۽ سنڌي قوم جي توسيع ۾ پاڻ ئي وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ
بڻيا، ڇو ته هُو پنهنجي شائونسٽ ۽ فاشسٽ نفسيات کان مجبور آهن ۽ ان کان ٻاهر نڪرڻ
لاءِ تيار ئي ناهن.
سائين مجتبيٰ ٻي هنڌ ايڊيپس ڪمپليڪس
تي لکي ٿو ته ”ڪيترن پهلوئن کان لاشعور پنهنجن خواهشن جي تڪميل اهڙي ريت ڪرائيندو
آهي، جنهن کان فرد، شعوري طور واقف نه ٿي سگهندو آهي.
توهان هي ڳالهه شعوري طور قبول ڪندا
ته پٽ لاشعوري طور پيءُ کان نفرت ڪندو آهي ۽ ماءُ کان جنسي تسڪين حاصل ڪندو آهي.
توهان شعوري طور هي قبول ڪندا ته جنسي انتخاب ۾ بچپن کان ورتل تصور توهان جي
رهنمائي ڪندا آهن.
اهڙي طرح تاريخي طور هن حقيقت
کي قبول ڪرڻ ۾ ڪيتري پس و پيش ڪندا ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪاري نسل جا عيسائي
مذهب رکندڙ، هم مذهب گوري نسل جي عيسائين کان وڌيڪ لاشعوري طور ڪاري نسل جي
مسلمانن کي پسند ڪندا آهن.
اوڊيپس ڪامپليڪس ڪو معاشري جو
عمومي مسئلو ناهي، جو انهي کي قانون جي شڪل ۾ معاشري جي مٿان لاڳو ڪري ڇڏجي. فرائيڊ
جي اهڙي تحليل نفسي اسپيشل ڪيسن لاءِ مخصوص آهي، جيڪي ذهني مريض هوندا آهن، نه ڪي
نارمل ماڻهون لاءِ.....!
نو آبادياتي دؤر ۾ فرانس ۽
برطانيه جي ڊگهي ويڙهه جو لاشعوري طور هڪ نتيجو هي به نڪتو ته فرانسيسي مفڪر ان ڪري
مادي پرست بڻيا، جو برطانيا جا مفڪر خيال پرست هئا ....
۽ جڏهن فرانس ۾ بادشاهت کي ختم ڪيو
ويو ته خود فرانس جي مادي پرست مفڪرن کي صدمو پهتو.
اهو صرف ان ڪري جو هو (فرانسيسي) فڪري طرح مادي
پرست نه هئا. هو مادي پرست صرف قومي انا جي ٽڪراءَ ۾ ٿي ويا هئا.
چوڻ جو مطلب هي نه آهي ته شعور
جو ڪو ڪردار ئي ناهي. ڪيترن واقعن ۾ انسان جي سپر انا فرد جي ذاتي مفادن کان مٿي ٿي
معاشري سان نڀايو آهي پر انهن جي پس منظر ۾ به نفسياتي ڪردار کي نظر انداز نٿو ڪري
سگهجي. خود مارڪس جو سوشلسٽ ٿيڻ پهريون نفسياتي هو ۽ پوءِ واقعي فڪري هو.“ (۷)
هڪ پاسي کان مذهب انسان جو
نفسياتي مسئلو آهي، ته ٻئي پاسي کان رنگ جي هڪجهڙائي پڻ هڪ نفسياتي مسئلي جي صورت
سان گڏوگڏ مادي حقيقت پڻ بڻيل آهي، لازمي طور تي ماڻهو ترجيح ان شئي کي ڏيندا جيڪا
کين نفسياتي تسڪين واري مفاد جو باعث نظر اچي،
اهو اهم فيڪٽر جيڪو انهن ٻنهي
رنگ يا نسل ۽ مذهب کان به طاقتور آهي، اهو آهي مفادن جي هم آهنگي، جڏهن مفاد متضاد
ٿي بيهندا آهن، تڏهن رنگ، نسل ۽ مذهب ته ڇا، ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي بيهندو آهي.
بهرحال مجتبيٰ راشدي هن مهل
تائين جديد سائنسي نقطه نظر جي لحاظ کان فلسفي ۽ نفسيات ۾ تخليقي اعتبار کان سنڌ
جو سڀ کان وڏو ماڻهو آهي.
گهٽ ۾ گهٽ مون اڃا تائين هن جي
لکڻين کان وڌيڪ سگهاريون لکڻيون سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ناهن ڏٺيون.
هتي سائين احمد مجتبي جو مضمون
“سپر انا ڇو پيدا ٿي“ جو حوالو پڙهندڙن وٽ منهنجي ڳالهه جي ثابتيءَ طور دلچسپيءَ
خاطر ڏجي ٿو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ عالمي سطح جا عالم ۽ فلسفي به
هاڻ پيدا ٿيڻ شروع ٿيا آهن.
سپر انا ڇو پيدا ٿي؟
”ڪائنات ۽ زندگي جي اسرارن کي
سمجهڻ، آدرشي سوچ رکندڙن لاءِ ته ڄڻ هڪ نفسياتي مسئلو بڻجي ويو آهي. ڪائنات ڪنهن
پيدا ڪئي ۽ ڇو. هي قديم ۽ ازلي آهي. هن کي فنا ناهي.
مادو اصل کان موجود هو يا تخليق
ڪيو ويو. ڇا هڪ خدا جي موجودگي ان ڪري ضروري ٿي ويئي ته هي مسئلو انسان جي سمجهه
کان مٿي ٿي چڪو هو. حقيقت به ڪجهه ان طرف ٿي وڃي ته اڄ تائين انسان اهڙو فيصلو نه ڪري
سگهيو آهي جنهن کان مڪمل حالت ۾ ان جي تشفي ٿي هجي.
جيڪڏهن ڪائنات ازلي ۽ لامحدود
آهي. ان جي نه ابتدا آهي نه انتها ته پوءِ يقينا هن جو ڪو ٽارگيٽ به نه آهي. ڇو ته
ڪنهن ازلي ۽ لامحدود جو ڪو نتيجو جيڪو آخري هجي، ٿي نٿو سگهي.
۽ جيڪڏهن هن جو ڪو ٽارگيٽ نه
آهي ته پوءِ يقينا هي مقصد کان خالي هڪ لامحدود سلسلو آهي ۽ جڏهن اسان پنهنجي وجود
کي ائين بانور ڪرائڻ ٿا لڳون تڏهن اسان جا سڀ سماجي اساس، انساني ارتقا جا هي
شاندار پهلو، جيئن ڪائنات متعلق شعور جي خود آگاهي، روحانيت جا پراسرار قصا،
مسرتون ۽ محبتون، الميا ۽ نفرتون هي تخليق جو سڄو پسمنظر، هي حساس جذبا، هي صوفيت
۽ آدرشن جا لافاني ڪردار، سڀ جا سڀ بي مقصد ٿي ٿا وڃن.
جڏهن اسان هي يقين ڪريون ٿا ته
اسان کي هميشه لاءِ فنا ٿيڻو آهي. باشعور زندگي جو به ڪو نتيجو نٿو نڪري. تڏهن
شعوري طور ويڳاڻپ جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿئي ٿو.
ڊيگر، جو چوڻ آهي ته انسان
پنهنجو پاڻ کي هن مادي عالم جو هڪ حصو سمجهڻ بجاءِ ان کان مختلف ۽ ممتاز حيثيت ۾ ٿو
ڏسي، جڏهن انسان پنهنجو پاڻ کي ان سطح کان ٿو ڏسي ته کيس پنهنجو پاڻ منجهه ۽ عالمِ
فطرت ۾ هڪجهڙائي جي بجاءِ اختلاف نظر ايندو آهي ۽ کيس ويڳاڻپ جو احساس وڪوڙي ويندو
آهي.
ڊيگر جو انسان پاڻ کي ڪائنات
کان ڪيترو به مختلف سمجهي پر هو ڪائنات جي اهڙي انفراديت آهي جنهن کي شعوري طور
وجود جي آگاهي هڪ لامحدود ۽ ازلي ڪائنات ۾ ٿي.
پر ڇا ڪجي شعور ته فطرت جا پيرا
کڻي ٿڪجي چڪو آهي، تلاش جو ڪوبه اهڙو رخ سامهون نه آيو آهي جنهن کان سچائي جي روپ
کي ڏسي هڪ لافاني مسرت حاصل ڪري سگهجي.
مذهب ۾ پناهه وٺندڙ انسان هڪ
تصوراتي دنيا ٺاهي ان جاکوڙ کان هميشه لاءِ دستبردار ٿي ويو پر جڏهن رياضت ۽ بندگي
جي ڊگهي عمل کانپوءِ سواءِ وقتي طور نفسياتي تسڪين جي، انساني تحفظ لاءِ ڪا معقول
راهه نه جڙي سگهي ته ڪيترن ذهين انسانن مذهب کان دستبردار ٿي عقل جي راهه اختيار ڪئي.
نتيجتن سائنس ۽ جديد طبيعات
وجود ۾ آئي. ۽ واقعي معياري پيش رفت ٿي. ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته اسان تمام جلد فطري
جبر کان نجات حاصل ڪري وٺنداسين. پوڙهائپ، بيماريون ۽ موت جا الميا افسانا بڻجي
ويندا....!
هتي هڪ اهم سوال ٿو پيدا ٿئي ته
جڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي ويندو تڏهن ڇا اسان حقيقت جي اصل شڪل کي ڏسي سگهنداسين؟ يا
صرف موت کان بي خوفي جي ڪري وڌيڪ مسئلن تي سوچڻ ضروري خيال نه ڪنداسين ۽ اهڙي
لاپرواهي جو بک بڻجي وينداسين ۽ اسان جا هي تخليقي ڪارناما هن گونگي ڪائنات جي
لامتناهي سلسلن جو حصو بڻجي ويندا.
هڪ وڏي حقيقت جيڪا منهنجي نظر ۾
انسان جي اسرارن جو جبر بڻيل آهي. مان به ائين ٿو سمجهان ته انسان هڪ طبعي ڪيفيت
جي هيٺ، جبري طور ائين سوچڻ تي مجبور آهي، جيئن ان ڪيفيت جي طبعي تقاضا آهي. اسان
يقينن هڪ اهڙي خول ۾ بند آهيون، جنهن کي تيستائين نٿا سمجهي سگهون جيستائين ان خول
کان ٻاهر نٿا نڪرون. اسان خواب جي ڪيفيت جو جڏهن حصو بڻيل هوندا آهيون تڏهن اسان
صرف ان دنيا جو حصو هوندا آهيون. ان اسرار جو احساس دوران اسرار نه ٿيندو آهي.
جڏهن اسان بيدار ٿيندا آهيون تڏهن
اسان کي پهرين اسرار جو حقيقي علم ٿيندو آهي. جڏهن ته بيداري خود هڪ اسرار آهي ۽
هزارن سالن کان خوابن جي اسرارن وارو تجربو اسان جي شعوري سطح کان ايترو ئي مٿي بيٺل
آهي جهڙو وحشي دؤر ۾ هو ته پوءِ معقوليت جي گارنٽي ڪهڙي هجڻ کپي، بقول ڪانٽ خوابن
جي دنيا ۾ احساس به اهڙا ئي آهن جهڙا بيداري جي دنيا ۾ هوندا آهن. جڏهن ته خوابن
جي دنيا هوندي نه آهي.
ته پوءِ ڇا اصل حقيقت تي پهچڻ
لاءِ شعور آخري ذريعو نه آهي؟ حقيقت انسان جي ڪيفيتن ۾ موجود آهي! جڏهن طبعي ڪيفيتن
جي انهن پراسرار پردن کي چيري پنهنجي منظر ۽ پس منظر کان هڪ وقت واقف ٿي نه وَڃون.
تيستائين اسان گارنٽي سان ڪابه
آخري دعويٰ نٿا ڪري سگهون! تنهنجي ڪري اسان هن عظيم اسرار جي تلاش، طبعي دنيا کان
وڌيڪ انسان جي نفسياتي اسرارن ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ڇو ته سپر انا خود هڪ اهڙو
اسرار آهي جيڪو فطرت جي سڄي هڪ ڪري ڪهاڻي سان سهمت نظر نٿو اچي.
ان کان اسان کي پڇڻو آهي ته تون
ڇو فطرت جي تسلسل کان ڪجهه مختلف آهين. ڇا تون هن گونگي ڪائنات ۾ ڪنهن بغاوت جو
نالو آهين يا خود فطرت جي مقداري تبديلي جي ابتدا آهين يا بقول هيگل تون فطرت کان
نجات حاصل ڪرڻ وارو اهو جوهر آهين، جيڪو ڪن به سببن جي ڪري هن مادي عالم ۾ ڦاسي
ويو آهي. البته هو جيڪو ڪجهه به آهي.
سپر انا ۽ فطرت جي ان هڪ ڪري ڪهاڻي
يعني جدليات جو حصو نه آهي. هي ڇا آهي ۽ ڇو پيدا ٿيو، ان کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان
پهرين اسان سگمنڊ فرائيڊ سان رابطو ڪنداسين.
سگمنڊ فرائيڊ:
فرائيڊ انسان جي شخصيت کي چئن
حصن ۾ ورهايو آهي. اڊ، لاشعور، شعور ۽ سپر انا.
اڊ: فرائيڊ جو خيال هو ته هڪ
شروعاتي لاشعور به ٿيندو آهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو اظهار ڪندو آهي،
فرائيڊ ان کي اڊ چوي ٿو. جيئن ته اڊ انساني شخصيت جو عميق ترين غير واضع لاشعوري
حصو آهي. جنهن جي نامعلوم گهرائين تائين شعور جي روشني ڪهڙي به طرح نه ٿي پهچي
سگهي.
اڊ سڀني نفسي ۽ طبعي ميلانات،
جنسي ۽ جبلي ميلانات، حياتياتي توانائي جو مرڪزي سبب آهي. اڊ جون سرڪش قوتون ڪنهن
به اخلاقي ضابطي هيٺ نه هونديون آهن. هي مڪمل انتشار ۽ گهرجن جي ڪيفيت هوندي آهي.
هتي هر خواهش جي فوري تڪميل مقصود هوندي آهي.
هي زمان ۽ مڪان کان بي نياز
هوندي آهي، شروع زماني کان هن ۾ ڪوبه تغير يا تبديلي نه آئي آهي. ورهاست ۾ منتقل ٿيڻ
وارا رجحانات اڊ ۾ ئي مخصوص نوعيت حاصل ڪندا آهن.
هي حيواني ۽ حياتياتي توانائي
جو اهڙو سرچشمو آهي جيڪو عضوي کي عمل ڪرڻ جي لاءِ آماده ڪندو آهي. عضويه، شعور جي
تابع هوندو آهي. شعور جي حڪم تي عضوياتي حرڪت ضرور ٿيندي آهي پر ڪن حالتن ۾ شعور
جي نسبت، تسڪينِ جسماني خاطر اڊ شعور جي نافرماني ڪندي، عضوياتي عمل کي پنهنجي
تابع ڪري وٺندي آهي.
مثلن ڪن حالتن ۾ شعوري طور
پيشاب کي روڪي رکڻ ضروري هوندو آهي، پر جڏهن حالتون وس کان نڪري وينديون آهن تڏهن
پيشاب شعوري حڪم جي خلاف عمل ڪندي، جسماني تسڪين حاصل ڪري وٺندو آهي. يعني پيشاب
کي ڪن حالتن ۾ روڪي رکڻ جو عمل ارادي نه رهندو آهي.
اِڊ، خارجي دنيا کان نا آشنا
آهي، اڊ فرائيڊ جي خيال ۾ هڪ اهڙي خوابيدهه ۽ نفسي حقيقت آهي جيڪا پنهنجن سڀني ڪيفيتن
۾ موضوعي آهي. هي توانائي جو اهڙو سمنڊ آهي جيڪو هر وقت بيقرار رهندو آهي. اڊ آزاد
توانائي هجڻ جي ڪري، پنهنجا حدف تبديل ڪندي رهندي آهي.
هن کي زبردست قوت حاصل آهي. جيڪڏهن
هن کي پنهنجي تڪميل لاءِ خارجي دنيا جا اسباب ميسر نه به ٿين تڏهن به هُو خوابن،
وهمن، تشبيهن ۽ شڪلين جي دنيا تخليق ڪري پنهنجو پورائو ڪري وٺندي آهي.
هن جا صرف ٻه مقصد آهن. الميي
کان بچڻ ۽ لذت حاصل ڪرڻ. شخصيت جي تعمير ۾ هي بنيادي حيثيت رکي ٿي. ڇو ته هن جي
مقرر نوعيت پوري عمر تبديل نه ٿيندي آهي. اڊ جي سرڪش ۽ انڌي قوت اوچتو عمل ڪري
انساني عقل کي حيرت ۾ وجهڻ جهڙا ڪارناما سرانجام ڏيندي آهي.
مثلا انسان جو ڪڏهن اوچتو ڪنهن
وزنائتي پٿر کي کڻي پري ڦٽو ڪرڻ، شعلن ۾ وڪوڙيل عمارت ۾ گهري ڪنهن کي بچائڻ، ٻارن
جي حفاظت لاءِ بي خيالي ۾ شينهن جي سامهون اچڻ. اڊ جي انڌي ۽ سرڪش قوتون ۽
حياتياتي نفسي قوتون جيئن ته حرڪت ۽ عمل جو سرچشمو آهن.
البته هي عضوي جي تحفظ ۽ بقا جي
ضمانت نه ٿي ڏي. ڇو ته اڊ خارجي دنيا کان نا آشنا آهي. ان ڪري ممڪن آهي ته هوءَ
حصول لذت جي انڌا ڌند ڪوشس ۾ عضوي کي نقصان ۾ وجهي ڇڏي. بقاءِ نسل خاطر اڊ جيڪي
پنهنجا اصول قائم ڪري ڇڏيا آهن اهي خطرناڪ حد تائين ناڪافي آهن.
جيئن ته اڊ عمل ۽ بصيرت کان مڪمل
طور خالي آهي. اڊ جنهن کي فرائيڊ انسان جو جسم ٿو چئي، اهو وهمن ۽ خوابن کان جڏهن
مسئلن جي تسڪين حاصل ڪرڻ ٿو لڳي تڏهن ارتقائي عمل ۾ هڪ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي.
ان ڪري اهڙو نظام هجڻ گهرجي جيڪو
هڪ طرف عضون کي خطرن کان بچائي ۽ ٻئي پهلو کان ارتقا جي عمل کي جاري رکي سگهي.
تنهنجي ڪري ايگو جو وجود اڊ جي رهنمائي لاءِ لازمي هيو.
لاشعور: فرائيڊ جي خيال ۾
لاشعور پنهنجو اظهار مختلف زاوين کان ڪندو آهي. مثلا مريض کي نيم بيهوشي جي حالت ۾
جيڪڏهن هي فيڊ ڪيو وڃي ته تون ٽئين وڳي ڪپڙي سان ٽيبل صاف ڪندين ته هو يقينن
بيداري کان پوءِ پوري ٽئين بجي ٽيبل ڪپڙي سان صاف ڪندو پر ان کي ان حقيقت جو علم
نه هوندو ته هو ائين ڇو ڪري رهيو آهي.
عمومن اهڙيون ڳالهيون جيڪي عام
حالتن ۾ وسريل هونديون آهن، پر ڪنهن خاص موقعي تي ياد اچي وينديون آهن، اهي....
ان سچائي کي واضح ڪنديون آهن ته
اهي ذهن جي پوشيده تهه ۾ موجود هيون. ذهني مريضن ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ظاهر ٿينديون
آهن جيڪي بظاهر بي مقصد ۽ بي معنيٰ محسوس ٿينديون آهن. مگر انهن کي لاشعوري پس
منظر ۾ ڏٺو وڃي ته ان جو ڳانڍاپو ظاهر ٿي پوندو آهي.
شعور: شعور متعلق فرائيڊ جو
خيال آهي ته هي انساني ڪردار، فطري ۽ جسماني جذبن کان بلڪل خالي آهي.
هي ذريعو آهي، هڪ فهم آهي، هڪ
صلاحيت آهي جيڪا آلاڪار آهي. ضرورت جي بنياد تي انهن انساني جذبن جي، جيڪي فطري
طور انساني ماڊل ۾ موجود آهن. شعور، آگاهي جو نالو آهي. شعور جي تخليق خود ڪنهن ٻئي
جي تسڪين جو سبب آهي.
سپر انا: سپر انا متعلق فرائيڊ
جو خيال آهي ته هي شعور جي اعليٰ سطح آهي. جنهن کان انسان ۾ دوستي، رحمدلي ۽ اعليٰ
ظرفي جهڙا سماجي ڪردار پيدا ٿيا. فرائيڊ جو خيال آهي ته مهذب معاشري ۾ انا اهڙن ڪردارن
کانسواءِ ڪو ٻيو روپ نه پئي وٺي سگهي.
اهو هيو فرائيڊ، جنهن اڊ،
لاشعور، شعور ۽ سپر انا متعلق وضاحت ڪئي. فرائيڊ اڊ کي صرف انساني جسم ۽ ان جي
فطري جذبن ۽ ذاتي خواهش تائين پابند رکيو. هن ٻڌايو ته اڊ عضويه جو تحفظ نه پئي ڪري
سگهي، تنهن جي ڪري عضويه جو تحفظ هڪ ضرورت هئي، جنهن جو پورائو ٿيڻو هو. لهاذا اها
پورائي شعوري حالتن کان ڪرائي وئي....
پر فرائيڊ اهو نه ٻڌايو آهي ته
اها ضرورت ڪنهن محسوس ڪئي ۽ پورائي ڪهڙي اصولن جي هيٺ ٿي. ڇو ته اڊ متعلق فرائيڊ ٻڌائي
آيو آهي ته هن جو خارجي دنيا سان ڪو رشتو قائم ناهي ۽ نه هو تحفظ ذات جي صلاحيت
رکي ٿي.
هوءَ صرف خواهشون رکي ٿي. جيڪڏهن
ائين آهي ته پوءِ شعور جي تخليق اڊ جي صلاحيت جو نتيجو نه آهي. هي ته ڪا خارجي قوت
ٿي سگهي ٿي، جيڪا انساني ماڊل کي اڳتي آڻڻ گهري پئي.
اهڙي تاثر ۾ ته هڪ آفاقي تصور جڙي
ٿو جنهن کي فرائيڊ صرف اڊ جي ميڪانزم تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فرائيڊ
اهو به ثابت نه ڪري سگهيو آهي ته شعور، ضرورت جي حوالي کان اڊ جي ڪا خواهش هئي.
اهڙي طرح سپر انا متعلق به
فرائيڊ اهو نه ٻڌايو آهي ته اڊ فيملي ڪهڙن جذبن يا ڪهڙي صورتحال کان متاثر ٿي
پنهنجن فطري مفادن تائين هٿ کڻڻ سکي ورتو؟ جڏهن ته موضوع جو روح هي ٻڌائڻ آهي ته اڊ
فطري صورت کان سواءِ يعني ٻين جي خاطر جيئڻ واري غير فطري اصولن کي نه صرف شعوري
طور قبول ڪيو بلڪ اعليٰ ڪردار ادا ڪرڻ وقت انساني جسم به تسڪين حاصل ڪرڻ سکي ورتو.
مان جيڪڏهن غلط نه سمجهندو هجان
ته سپر ايگو پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ اعليٰ ڪردار نه هو. بلڪ نئين حالتن ۾ (جنهن جو
ذڪر اڳتي ايندو) هي به اڊ جي ضرورتن حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو هو بس فرق صرف ايترو آهي
ته هي شعور جي صورتگيري اختيار ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو سماجي ڪردار ادا نه پيو ڪري
سگهي.
سپر ايگو، اڊ جي مفادن خاطر يا ڪنهن
آفاقي ضرورت هيٺ هڪ دلچسپ ڊرامائي صورت ۾ سامهون آيو. هي شعور جي ڪرشمه سازي هئي
يا مجبوري ته هن اڊ يعني جسم جي تحفظ خاطر سپر انا جي فرمائش مطابق سماج ۾ هلڻ
قبول ڪري ورتو.
ٿيو ائين ته اڊ جي تحفظ خاطر
شعور جي ابتدائي سطح جيڪي به طريقا استعمال ڪيا، اهي سڀ مادي شڪلين ۾ واقعاتي هئا.
جيئن جانور کي موت جو احساس صرف واقعاتي صورت ۾ ٿيندو آهي.
جڏهن هن کي پاڻ کان ڏاڍو جانور
سامهون ايندو آهي، تڏهن وجود جي ضايع ٿيڻ جو خوف هن کي محسوس ٿيندو آهي، تڏهن هو
تحفظ ِذات جي خاطر پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪندو آهي، ۽ جڏهن صورتحال هن جي حق ۾
تبديل ٿي ويندي آهي، تڏهن هو موت جي ڪنهن ٻي احساس جي تابع نه رهندو آهي ۽ هي موت
جي خوف کان مڪمل طور بي نياز ٿي ويندو آهي.
اهڙي طرح ابتدائي انسان به ان
ساڳئي حالت مان گذري چڪو آهي پر جڏهن شعوري پختگي کان انسان کي موت جي هڪ پوشيده ۽
اڻ ٽر حقيقت جو اطلاع مليو، يعني هن کي جڏهن طبعي موت جو شعور ٿيو تڏهن موت هن
لاءِ هڪ اڻٽر ۽ مستقل حيثيت بڻجي ويو.
موت هن جي اندر ۾ موجود آهي،
موت صرف واقعاتي نه آهي. اهڙي بي ڪيف احساس کان پوءِ، هن يقينن ڪائنات ۾ پاڻ کي نه
صرف غير محفوظ سمجهيو هوندو بلڪه اڪيلائي جو احساس هن لاءِ ناقابل برداشت بڻجي ويو
هوندو.
موت جي ان اڻ ڏٺي ڪيفيت، جنهن
جي بظاهر مادي شڪل نه هئي، هڪ وڏي ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ اسرار جو سبب بڻجي ويئي
هوندي. ۽ يقينن طبعي موت جي احساس کان پوءِ شعور کي ڪابه اهڙي صورت نظر نه آئي
هوندي، جنهن کان هو اڊ، جو تحفظ ڪري سگهي.
حقيقت هي آهي ته طبعي موت جي
احساس کان پوءِ انسان جي سامهون زندگي ۽ ڪائنات متعلق هڪ نئون تصور جڙيو. ڪائنات
هن جي پهرين تصور کان (جنهن ۾ هن وٽ زندگي جي مستقبل متعلق ڪوبه پروگرام نه هو)
اهو تبديل ٿي ويو جڏهن انسان کي پنهنجي مستقبل جي غير يقيني جو وجدان ٿي ويو،
تڏهن مستقبل متعلق پروگرام جوڙڻ
جو نفسياتي جبر به پيدا ٿي ويو. ظاهر آهي ته مستقبل، انسان جي اڊ يعني انسان جي
جسم، ان جي ماڊل جو هيو، جنهن جو تحفظ جبلتن کانسواءِ شعور ڪري رهيو هو.
پر نئين صورتحال ۾ اڊ جو تحفظ
طبعي اصولن يا واقعاتي شڪل ۾ ڪرڻ، شعور جي ان وقت جي سطح کان گهڻو مٿي هو، لهاذا
شعور کي تحفظ جون سڀ مادي شڪليون تبديل ڪرڻيون پيون ڇو ته ان وقت جي محدود شعوري
صلاحيت مادي خاڪن يا مادي طريقن ۾ اڊ کي تحفظ نه پئي ڪرائي سگهي.
هڪ نئين ڪائنات، نئين صورتحال،
نون اصولن جوڙڻ کانسواءِ تشفي جو سبب نه پئي ٿي سگهي، تنهنجي ڪري ضرورت هئي ته موت
کان پوءِ ٻيهر زندگي جي تصور کي هڪ حقيقت قبول ڪجي، ان ڪري جو ان کانسواءِ ان وقت
تسلي جو ڪو ٻيو ذريعو جڙي نه پئي سگهيو جيڪو اهڙي بي ڪيف ويڳاڻپ جو منطقي حل ٿي
سگهي ۽ ائين ئي ٿيو، شعور ٻي جهان جو تصور جوڙي ورتو يا هن خود به ائين محسوس ڪيو.
نتيجتن اڊ جي سڀني انديشن ۽
خواهشن جو حل نڪري آيو، ٻيهر زندگي ملندي، پوڙهائپ، بيماري ۽ جنسي بک جو مستقل طور
خاتمو ٿيل هوندو. زندگي جا سڀ لوازمات خود آفر ڪندا. پر جيئن ته هي احساس طبعي نه
هئا، هنن جي ڪا مادي شڪل نه هئي. تنهن جي ڪري انهن جي حاصلات جا ذريعا به غير مادي
پيش ڪرڻا هئا نتيجتن رياضت، بندگي جهڙي حساس طرز زندگي جنم ورتو ۽ هڪ اڻ ڏٺي قوت
کي راضي ڪرڻ زندگي جي اولين منشا بڻجي وئي.
رياضت ۽ بندگي، منطقي طور ڪنهن
کي عظيم ۽ لازوال هستي قبول ڪرڻ کانسواءِ ممڪن نه هئي ۽ جڏهن مادي تسلسل کانسواءِ
عظيم ۽ ڪمتر جو تصور جڙي ويو احساس گناهه ۽ ان کان ڇوٽڪارو اڊ جي تحفظ جو ذريعو بڻجي
ويا، تڏهن سپر انا جنم ورتو.
دراصل سپر ايگو حياتياتي وجود
نه آهي بلڪه شعوري حالت جي هڪ عمومي ڪيفيت آهي جيڪا خود اڊ جي تحفظ خاطر سامهون
آئي، هن جا مهذب انداز پنهنجي ابتدائي حالت ۾ اڊ جي تحفظ خاطر صرف ڊرامائي هئا پر
جيئن ته شعور هميشه پريڪٽس جي آڏو ڪمزور ثابت ٿيو آهي،
جيئن ته معاشري ۾ هڪ اڻ ڏٺي قوت
کي راضي ڪرڻ خاطر آدرشي زندگي گذارڻ ضروري هئي. نتيجتن مهذب معاشري جي لڳاتار
اعليٰ تربيت جي پريڪٽڪس شعور کي ان جي نئين صلاحيت سپر ايگو جي تابع ڪري ڇڏيو ۽
سپر ايگو جو ڪردار صرف اڊ تائين محدود نه رهيو بلڪه هڪ مٿانهون ڪردار بڻجي معاشري
جو اساس ٿي ويو.
هن وقت سپر ايگو کي معاشري جو
ضمير چئجي ته غلط نه ٿيندو. البته هن جو وجود منطق بڻيل هو فطرت جي شعوري مرحلي
جو، جيڪو فطرت انساني ماڊل ۾ ادا ڪيو.
اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته،
زندگي جي اسرار کي طبعي دنيا کانسواءِ انسان جي نفسيات ۾ تلاش ڪنداسين، جيئن ته هن
ازلي ۽ لامحدود ڪائنات جو ڪوبه آخري حدف نٿو ٿي سگهي.
شڪلين جي جڙڻ ۽ فنا ٿيڻ کان،
صورتحال ته تبديل ٿيندي رهي ٿي پر ڪا آخري شڪل يا ڪو اهڙو نتيجو جنهن کان هي سارو
سفر ڪنهن مقصد جو حصو ثابت ٿي سگهي يا هن جو ٽارگيٽ واضح ٿي وڃي، نظر نٿو اچي،
البته انسان جو شعور، سپر انا ۽ تخليقي صلاحيت هڪ اهڙي خاصيت ثابت ٿي آهي جيڪا عام
مادي تسلسل کان جدا پنهنجي انفراديت رکي ٿي.
خصوصن سپر ايگو جي نمو کان
اعليٰ ڪردار، آدرشي دنيا هن ٺوس جدلياتي هڪ ڪرائي جي نفي ضرور ڪئي آهي. هن ازلي ڪائنات
جي خاموش ۽ گونگي تسلسل ۾ هڪ اهڙي صورتحال ٿي ويئي، جنهن ۾ فطرت انساني ماڊل ۾
پنهنجي تسلسل جي خلاف بغاوت ڪئي.
يعني گونگي آخر ڳالهايو! ته مان
فنا ٿيڻ نٿو گهران. ٿيو ائين ته هن بي شعور ڪائنات جي هڪ شڪل شعوري طور پنهنجي
الميي جو اظهار ڪيو. جدليات جي تسلسل ۾ ارادي جي نمو کان ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن اڻ
ڄاتي وقت کان ڪا قوت هن مادي عالم جي جدلي جبر کان آزاد ٿيڻ گهري پئي. حالانڪ اهڙو
خيال ڊاڪٽر هيگل روح ۽ مادي جي تڪرار واري چيپٽر ۾ پيش ڪري چڪو آهي.“(۸)
سائين مجتبيٰ، فرائيڊ جي ٻن
دؤرن کي هڪ ڪري پيش ڪري ويو آهي، ۽ ٻيو ته ٻنهي دؤرن مان هڪ هڪ Term گهٽائي پيش ڪيو آهي، دراصل
فرائيڊ پنهنجي پهرين دور ۾ شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور جي ڳالهه ڪئي هئي. ۽ ٻين دؤر
۾ اڊ، ايگو ۽ سپر ايگو جي ڳالهه ڪئي هئي.
مگر سائين مجتبيٰ پهرين دؤر مان
تحت الشعور ۽ ٻين دؤر مان ايگو ڪٽي ڇڏيو آهي. فرائيڊ جي نقطه نظر موجب خدا، فادر ڪامپليڪس
جي پيداوار آهي، ۽ ايرڪ فرام جي نقطهءِ نظر موجب ڌرتي ماتا يا قومپرستي جو جذبو مڌر
ڪامپليڪس جي پيداوار آهي،
دراصل انسان هن روءِ زمين تي
واحد جاندار آهي جنهن کي پنهنجي هجڻ جو احساس آهي. اهو هجڻ جو احساس، کيس پنهنجي
طاقتن سان گڏوگڏ محرومين جو به احساس ڏياريندو رهيو آهي، تنهن ڪري انسان محرومين
مان نجات واسطي پنهنجي ئي تمثيل موجب لافاني انسان يا ڪائنات جي فاتح ۽ محرومين
کان وانجهيل مثالي انسان جو تصورُ خدا جي صورت ۾ ڏنو.
۽ حقيقت به اهائي آهي ته ٻين
جاندار هستين جيئان انسان به پنهنجي اشاعتِ ذات وٺڻ لاءِ سرگردان آهي. اهوئي سبب
آهي جو انسان جون مڙئي تحريڪون پنهنجي محرومين مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال هيٺ
آهن. مطلب ته انسان پنهنجو پاڻ کان وڏو ٿي فطرت جو فاتح انسان بڻجڻ چاهي ٿو.
جيڪو مڙني فطري، معاشرتي ۽
روحاني محرومين ۽ غلامي جي قيد بند کان نجات حاصل ڪري پنهنجي تڪميلِ ذات تي پهچڻ
چاهي ٿو. بهرحال ڊاڪٽر هيگل جي خيال کي مجتبيٰ راشدي وڏي توسيع بخشي فلسفي ۽
نفسيات جو جيڪو گڏيل ۽ جامع بحث ڇيڙيو آهي اهو قابلِ داد آهي. ۽ منهنجي نظر ۾ سائين
مجتبيٰ راشدي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ فڪري ۽ علمي بنيادن تي تخليقي فلسفي جو مُک مفڪر
آهي.
حوالا:
۱.
راشدي مجتبيٰ – تخيل ۽ ڪائنات – ماجد پبلشرز پير جو ڳوٺ ص:۳۰.
۲. ساڳيو
ص: ۴۵.
۳. ساڳيو
ص:۹۴.
۴. ساڳيو
ص:۱۲۲.
۵. ساڳيو
ص:۱۲۰.
۶. ساڳيو
ص:۱۲۱.
۷. ساڳيو
ص:۱۳۱.
۸. ساڳيو
ص:۹۶
(ساجد سومرو جي ۱۰ جون ۲۰۱۷ع تي
رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
راءِ ڏيندا