; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو - آصف رضا موريو

14 December, 2024

ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو - آصف رضا موريو

ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو

سنڌ جي هڪ بزرگ علمي ۽ ادبي شخصيت

آصف رضا موريو



ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو تمام وڏو ديني عالم، مدرس، مذهبي اسڪالر ۽ محقق آهي جنهن کي اديبن جو اديب ۽ استادن جو استاد چئجي ته بيجا ڪونه ٿيندو. هو سموري عمر پنهنجي قلمي، ادبي ۽ علمي ڏات ذريعي انسانيت، مذهب ۽ تهذيب کي سولو بڻائيندي عام ماڻهن جي ويجهو آڻيندو رهيو.


سنهڙي هڏ ڪاٺي، ماٺيڻي آواز ۽ بردبار شخصيت واري ڊاڪٽر صاحب کي مون سدائين ميندي رنگي هلڪي سونهاري ۾ ڏٺو آهي جڏهن ته سدائين سنڌي ٽوپي ۽ واسڪوٽي پڻ پهريل هوندي هئي. اٿاهه علمي مرتبي واري هن عالم جو مان گهڻي عرصي کان مداح هوندي پندرنهن ويهه سال اڳ نه رڳو قدم بوسي ڪندو رهندو هيم پر سندس شخصيت تي ٻه اڍائي مضمون لکڻ سان گڏ ۽ هڪ اڌ انٽرويو به ڪيو هيم. پوءِ ڪيئي ورهين تائين زماني، ملڪ جي حالاتن، غيرحلالي رهبرن جي انسان دشمن پاليسين، گهرداري ۽ ڪم ڪرتن جي بار منهنجي اٺ طبيعت مزاجن کي به سوڙهو ڪري وڌو ته ڊاڪٽرصاحب ڏانهن وڃڻ نه ٿيو.

ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ فرحان سرهيو سان ملاقات ٿي ته ڊاڪٽرصاحب جو ذڪرِ خير به نڪتو ته پنهنجي ضمير قلمي غيرذميداري اندر ۾ گهڻو شرمسار ڪيو ان لاءِ ٻئي ڏينهن ئي شام جو سائين جن ڏانهن وڃڻ جو قصد ڪيو. سرهيه پڌر ۾ سندس پوٽي جليل احمد جي دوڪان تي ڳولي لڌو جتي ڪجهه گهڙين کان پوءِ ۽ سندس والد عبدالمجيد (ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو جي فرزند) سان ملاقات ٿي جنهن جي مهرباني سان سائين عبدالهادي سرهيو جي قدم بوسي ڪرڻ جو شرف نصيب ٿيو.

سائين عبدالهادي سرهيو جو جنم لاڙڪاڻو جي سرهيه پڌر محلي جي گهر نمبر ۱۲۲۷ ۾ ۱۲ جولاءِ ۱۹۲۸ع ۾ ٿيو. سندس والد عبدالغفورخان هڪ واپاري هيو جنهن جو شاهي بازار لاڙڪاڻو ۾ ڪپڙي جو دوڪان هوندو هيو جنهن کي ٽن پٽن جي اولاد هئي جن ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڊاڪٽر صاحب هيو.

ڊاڪٽر صاحب جي هڪ ڀاءُ جو نالو عبداللطيف هيو جيڪو سيشن ڪورٽ ۾ سپرينٽينڊنٽ هوندو هيو. سندس ڀائرن مان ڪنهن جو به ادب ڏانهن لاڙو ڪونه هيو سواءِ سندس جي. ڊاڪٽر سرهيو جي شادي ۱۹۴۶ع ڌاري ٿي ۽ کيس عبدالحميد، عبدالمجيد، عبدالاحد سرهيو وغيره ست پٽن ۽ چار نياڻين جي اولاد ٿي. سندس فرزند عبدالحميد خان کي ۲۱ آگسٽ ۱۹۷۹ع ۾ شهيد ڪيو ويو هيو.

ڊاڪٽرعبدالهادي سرهيو جا وڏڙا اصلئون عربستان جي شهر مديني جا رهواسي واپاري لوڪ هيا جيڪي گهڻو تڻو عطر جو ڪاروبار ڪندا هيا. تنهن ڪري عطار سڏائيندا رهندا آهن. عربيه جي عطاري خاندان مان بيشمار لوڪ وڻج واپار سانگي ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ ويندا رهندا هيا ته ڪٿي ڪٿي ڪاروبار سٺو ڄمي هلڻ ڪري رهي به پوندا هيا. انهن مان ڪيئي عطرفروش سنڌ جي خوشحالي، اميرائپ ۽ سرسبزي سبب هيڏنهن پڻ لڏي آيا هيا جيڪي پنهنجو پاڻ کي ايران جي شهر نيشاپور ۾ مدفون خواجه فريدالدين عطار جي خاندان مان سڏائن ٿا جيڪو پڻ ڪرت جي حوالي سان عطرفروش هوندو هيو. شايد اهو ئي سبب آهي ته خادم العلم ۽ طالب النجات سڏائيندڙ سائين عبدالهادي سرهيو زندگي جو وڏو حصو پنهنجو تخلص عطار پڻ لکندا آيا.

سنڌ ۾ ڪهي آيا عطاري سرهيه مختلف شهرن ۾ آباد ٿيندا رهيا ۽ جتي به انهن ٽڪاڻو ٺاهيو اتي هڪ وڏي ويڙهي جي شڪل گڏ رهندا هيا جيڪو سرهيه محلو يا سرهيه پڌر طور مشهور ٿيندو هيو ۽ سندن محله شهرن جا ڪاروباري مرڪز ٿي ويندا هيا. سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ لاڙڪاڻو، قمبر، دادو، نواب شاهه، مورو، سانگهڙ، شهداد پور وغيره ۾ سرهيه پڌر آهن جتي رهندڙ سمورا عطاري هڪ ٻئي جا مٽ مائٽ آهن. لاڙڪاڻو ۾ رهندڙ سرهين جو جدِ امجد فضل محمد خان هيو جنهن جي ڪامياب واپاري پٽ سيٺ خدادخان سرهيو پنهنجي ڪاروباري ساک، اٿي ويٺي ۽ خلقِ خدمت سبب تمام گهڻو نالو ڪمايو سو ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو جي والد جو ڏاڏو هيو.

ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو پرائمري پنج درجا شاهه محمد پرائمري مان پاس ڪيا. ميٽرڪ گورنمنٽ ميونسپل هاءِ اسڪول مان (۱۹۴۴ع) ۽ انٽر شڪارپور هاءِ اسڪول مان (۱۹۴۶ع) پاس ڪئي. بي اي (آنرس) ڪراچي ڊي جي ڪاليج (بمبئي يونيورسٽي (بورڊ))، عربي ۾ ايم اي (پرائيويٽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن) لاڙڪاڻو ڪاليج مان ڪري ڪراچي يونيورسٽي مان بي ٽي (۱۹۵۳ع) به ڪيائون. ۱۹۴۵ ۽ ۴۶ع ۾ حفظ قرآن شريف پڻ ڪيائون. ۱۹۸۰ع ۾ ڊاڪٽر صاحب Ethical Teachings of Holy Quran جي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي ڪئي جنهن لاءِ سندس گائيڊ ڊاڪٽرعبدالواحد هاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي هيا. ڊاڪٽر قاسمي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل ۽ پي ايچ ڊي جي شاگردن لاءِ بهترين گائيڊ ڀانئيا ويندا هيا جنهن جي نگراني ۾ پنجونجاهه شاگردن ڊاڪٽريٽ ڪئي جن مان ڊاڪٽرغلام علي الانا، ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر عابد لغاري ۽ ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو پڻ هيو. ڊاڪٽر قاسمي پڻ ڊاڪٽر سرهيو جي ڪافي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تعارف پڻ لکيا.

بي اي ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڊاڪٽرعبدالهادي سرهيو گريجويٽ ٽيچر (هاڻوڪو ايڇ ايس ٽي) ٿيو ۽ سندس پهرين پوسٽنگ مٺياڻي (نواب شاهه) جي اسڪول ۾ ٿي. پاڻ قبوسعيدخان اسڪول ۽ نصيرآباد اسڪول ۾ هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. ڪجهه سال ڪيڊٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ اسلاميات جو استاد به رهيو. ۱۹۵۷ع سکر گورنمنٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ۱۹۸۵ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پروفيسر ٿي آيو. ان کان پوءِ ڪجهه عرصو جيڪب آباد گورنمنٽ ڪاليج ۾ عربي ۽ فارسي پڻ پڙهائيندو هيو. ان دوران کيس سنڌ يونيورسٽي وارن اسڪالر طور گهرايو جن لاءِ هڪ عدد ڪتاب جي ٿيسس لکي. ڪجهه عرصي لاءِ ممتاز ڪاليج خيرپور ميرس ۾ عربي جو پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پوءِ ترت ئي سکر تعليم کاتي ۾ ريجنل ڊپڻي انسپيڪٽر ٿيو. تنهن کان پوءِ لاڙڪاڻو ضلع لاءِ تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊي او مقرر ٿيو جتان لاڙڪاڻو ايليمينٽري ڪاليج ۾ پرنسپال مقرر ٿيو ۽ اتان ئي ۱۱ جولاءِ ۱۹۸۸ع ۾ رٽائي ڪيائون.

ڊاڪٽر سرهيو سموري عمر سٺو ٿيڻ ۽ سٺو ڪرڻ جي چاهه ۾ پاڻ پتوڙيندو رهيو جنهن لاءِ سندس محاذ ايمانداري جي نوڪري، قلم ۽ ڪتاب رهيا. سندس لکڻيون عام، سهڻيون، سهل، سلوئيون ۽ مذهبي، روحاني، فلسفي ۽ علمي پرچار سان ڀرجيل هونديون آهن. پاڻ گهڻو تڻو ڪتاب ديني شعور، اصلاحي، سيرت پاڪ، اسلاميات، قرآن، حديث ۽ اسلامي ڪلچر جي موضوع تي لکيا اٿائين جيڪي ڳاڻيٽي ۾ پنجاهه کان به مٿي آهن. پاڻ سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو جا سنڌي، فارسي ۽ عربي ۾ ڪتاب پڻ لکيا اٿائيون. سندس ڪتاب پنهنجي نالي جي نسبت قائم ڪيل هادي پبليڪيشن، سرهيه پڌر محلو جي پليٽ فارم تان حيدرآباد ۾ واقع حيدري پرنٽنگ پريس جي مالڪ پنهنجي ديرينه دوست قاضي محمد نعيم الدين وٽان يا پنهنجي دوست محمد اقبال جي يادگار پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپرائيندو رهيو جنهن مان لڳندو آهي ته ننڍڙي نوڪري، وڏو ڪهول ۽ ان نفسا نفسي جي دور ۾ به اهي سڀ ڪتابون پنهنجي هڙان وڙان ڇپرايون هوندائين.

اڳي سنڌ جي اسڪولن ۾ عربي لازمي سبجيڪٽ طور پڙهائي ويندي هئي. ڊاڪٽر سرهيو جا لکيل درسي ڪتاب ڪيترائي سال سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ طرفان ڇپيل ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين ڇهين، ستين ۽ اٺين جماعت وارن کي پڙهايا ويندا هيا. سندس لکيل اصلاحي تعليمي، تدريسي ۽ مذهبي ڪتابن منجهان ڪجهه جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو ۱۹۶۹ع ۾ نصيحت نامو نالي پهريون ڪتاب لکيو جڏهن ته سندس آخري ڪتاب لغت القرآن ۲۰۲۳ع ۾ لکيائون. ان وچ ۾ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ڪجهه جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

• انسانيت نامو

• دانائي جا گفتا

• سيرت پاڪ، روشني جو مينار

• لغت القرآن

• قرآن جي تعليم

• رحمتِ عالم

• مڪي مدني

• سيرت پاڪ (اجتماعي زندگي جي آئيني ۾)

• سيرت ۽ ڪردار ۾ انسانيت جو سرتاج

• محسنِ مخلوقات

• اسلامي نظام

• قانون اسلام

• غنچه هدايت

• ٻارن جو ادب

• علمي تحفه

• گلدسته قرآن

• محمد الرسول الله والدين معه

• انسانيت جو سرتاج

• پاڪستان لاءِ مثالي نظامِ تعليم جي جوڙجڪ

• دي گريٽ روليٽنري پرافٽ سہل عربی علمی تحفہ

• الهنج الجديد

• فارسي

• برزبانِ فارسی

• درس دانشہای از زندگی پیغمبر آخر الزمان

• عربی

• سیدالرسل صلی اللہ وسلم

ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو کي ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور بيشمار ايوارڊ ملي چڪا آهن جن مان خاص شاه لطيف عالمي ڪانفرنس ايوارڊ، قومي سيرت ڪانفرنس ايوارڊ، قاضي عبدالحئي قائل ايڪسيلنس ايوارڊ برائي مثالي استاد، روزاني اخبار خواهش (ڪراچي) ايوارڊ (۲۰۱۰ع) جيڪو ايڊيٽر محبوب گل جاگيراڻي ڏنو هيو وغيره وغيره. ان کان علاوه کين به کيس چار ڀيرا صدارتي انعام پڻ مليا آهن. هن وقت توڙي جو سندن پيري ۾ هلي رهيا آهن پر جسماني ڪمزوري ۾ به هو ذهني طور تي اسان کان ڀڙ بيٺا آهن ۽ تحقيقي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا.

ڊاڪٽر صاحب ادب براءِ ادب جي دنيا جو ماڻهو آهي جنهن جو عشق اسلامي ادب کي پڙهڻ، لکڻ ۽ پکيڙڻ رهيو آهي. شروع کان پاڻ نه ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ويندا آهن ۽ نه ئي ڪنهن ادبي، سياسي ۽ شهري تنظيم سان به سلهاڙيل رهيا. سندن ڪم، وهنوار ۽ روزنامي ڪرت هئي نوڪري، شاگرد پڙهائڻ، گهرداري ٻچڙا ۽ لکڻ ڪرڻ.

عمر جي هن حصي ۾ اڄ به ڏٺم ته هي جوان ڪتابن جي سنگت ۾ ستو پيو هيو جو سندس کٽ تي، مٿانهينءَ کان ڪٻٽ، درين ۽ سموري ڪمري ۾ بيشمار ڪتابَ، ڪاغذ، پنا ۽ فائيل سانڍيل هيا. سندس مٿن کان کٽ جي سڄي پاسي اردو ۽ انگريزي لغت جون جلد ٿيل ڪتابون پڻ رکيل هيون جيڪي لڳي پيو ته روز جي حساب سان مشاهدي هيٺ رهنديون هونديون تڏهن ته سمهڻ واري کٽ تي رکيل هيون. پوسٽ ذريعي آيل ماهنامي بيداري جو هڪ پرچو به سندس ساڄي پاسي پيل هيو. ان کان علاوه لکارين ۽ محققن جي ڪم جا سمورا سامان جهڙوڪ پينيون، ڪاغذ، ڪينچي، پينسليون، ڪجهه بسڪوٽ، هڪ اڌ سلانٽي وغيره سندس کٽ تي سليقي سان رکيل هيون. مان جڏهن سندس ڪمري مان نڪتم ته اوڀري ڀت تي لڳل گهڙيال شام جا پنج لڳي ۳۵ منٽ ويهه سيڪنڊ ٻڌائي رهيو هيو..

ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي جو اسان توهان لاءِ سموري عمر پنهنجو ماس روڙي. وقت ماري ننڊون ڦٽائيندڙ هي محسنِ علم و ادب پنهنجي پيري، ڪمزوري ۽ بيماري جي ڪروڌي دور ۾ به سنڌي ادب جي علمي اڻاٺ کي ماٺارڻ ۽ پنهنجي انڌير پرور سماجي نسلن لاءِ هن وقت به پنهنجو نور نچوڙي اوجاڳا جاڳي علم جي روشني پکيڙي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ ۽ سندس شهر جا ادب نواز گروهه، شاگرد، علم دوست ادارا توڙي ثقافت کاتي وارا سندس هيتري وڏي پروفائيل کي پٺي ڏئي ڄڻ ته ڀنگ پي ستا پيا آهن.

 

(آصف رضا موريو جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۷ نموبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

(نوٽ: ڊاڪٽر عبدالھادي سرھيو جن ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي رحلت فرمائي ويا.)

No comments:

راءِ ڏيندا