حسن علي ٻپڙ
جوڳي ايئن جَرڪِئو!!
شاھنواز راڄپر
سنڌ جي سياسي، سماجي تاريخ تي
نظر وجهنداسين ته ان منجهه اسان کي انيڪ ڪردار اهڙا ملندا، جن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌ
جي ماڻهن جي آجپي لاءِ آبياري ڪئي آهي. پوءِ اهو جنگ جو ميدان هجي، نظرياتي ويڙهه
جا سلسلا هجن، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ جنونيت جون جلهون هجن، اهي اڏول انسان جبل جيان
پنهنجي جاءِ تي نظرياتي ساڃاهه سان ميدان ماريندا، قائم رهيا.
اهڙن دلير، داناءُ سياسي اڳواڻن
مان حسن علي ٻپڙ جو نالو به نمايان بيهي ٿو، شڪارپور کان ۴۰
ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ماڙي تڙت جتوئي، جيڪا پوءِ
“مَهِدي جي ماڙي” نالي سان سڏيو وڃي ٿو، لڳ ڪرمپور بجاراڻي ۾ هڪ وڏيرڪي گهراڻي
اندر اک کولي، سندس وڏا پنهنجي وقت جا سخي انسان رهيا آهن، جن جي پنهنجي علائقي ۾
هاڪار ۽ ڌاڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ننڍڙو حسن علي اڃا ٿڃ پياڪ ئي هو ته
سندس امڙ هِي جهان ڇڏي وڃي ابدي آرامي ٿي. اسڪول کان ڪاليج تائين هي مختلف سياسي
سرگرمين ۾ حصو به وٺندو رهيو پر “من اندر جا لوچ مچڻ سان ماٺي ٿئي” هن جو اندر تڏهن
ٻري اُٿندو هو، جڏهن عام مسڪينن تي ڏاڍ ۽ ظلم روا رکيو ويندو هو. هن جو ذهن ان روش
جي خلاف بغاوت سان ڀريل هوندو هو ته اهڙو ڪو سياسي پليٽ فارم هجي، جتان ان ڏاڍ ۽
جبر جي خلاف جدوجهد هلائجي. سندس اهو خواب سنڌي عوامي تحريڪ پاران شاگردن کي هڪ
مثبت، سگهارو ۽ نظرياتي پليٽ فارم ڏيڻ لاءِ سنڌ شاگرد تحريڪ جو بنياد رکيو ويو،
جنهن ۾ حسن علي ٻپڙ جيڪب آباد ضلعي جو پهريون ڪنوينر مقرر ٿيو. اهڙي طرح هن کي
پنهنجي تنظيم جي مقصدن جي بارآوري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پئي، طبيعت جو ملنسار
۽ يار ويس هجڻ ڪري سندس دوستن جو حلقو به وسيع هو ۽ جيڪب آباد جهڙي ضلعي ۾ جتي صرف
سردارن جو ئي حڪم هلندو هجي، اتي هن پنهنجي ڏاهپ، دليري ۽ سچائيءَ سان پارٽي ڪم کي
اڳتي وڌايو. مخالف شاگرد تنظيمن طرفان مٿس ڪيترائي ڀيرا حملا به ڪرايا ويا، کيس
اغوا ڪري مارڻ جون به ڪوششون ٿيون پر “جوڳيءَ تي جڙاءُ نسورو ئي نيهه جو!” هُو اهي
سڀ مشڪلاتون پار ڪري اڳتي وڌندو رهيو ۽ نظرياتي ويڙهه وڙهندي هن جيڪب آباد ضلعي
اندر عوامي تحريڪ ۽ ان جي برادر تنظيمن سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد
تحريڪ، هاري ۽ مزدور تحريڪن کي منظم ڪيو ۽ ضلعي اندر پنهنجو وسيع سياسي حلقو پيدا ڪري
ورتو، جنهن ڪري اتي جي ننڍن وڏن سردارن ۽ مخالف سياسي پارٽين خاص وارا شامل هئا،
تن کي ڏاڍي ڪاوڙ ۽ سِر جي اچي لڳي ته ڪيئن به ڪري هن عوام دوست تحريڪ جو رستو روڪيون
پر حسن علي ٻپڙ راڄوڻو، ملنسار، دلير ۽ نظرياتي طور پختو هجڻ ڪري پنهنجو هم خيال
حلقو وسيع ڪري چڪو هو. مٿس ڪيترن ئي طرفن کان دٻاءُ پيو پر سندس هڪ ئي جواب هوندو
هو ته:
“توڻي لُوڻُ لڱين لائيين، چيري
چيري چم،
مون ڪُرِ
اڳ نه ڪِئو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان
جان دعويٰ دم، تان تان پر پنهوار سين.“
کيس پنهنجن توڙي پراوَن کان ڪيتريون
ئي سختيون مليون پر کيس پنهنجي نظرئي ۽ واٽ تان ڦيري نه سگهيون، ملڪ اندر ضيائي
مارشل لا واري دور ۾ به هن پنهنجي ڀرپور نظرياتي ڪردار سان پاڻ نڀايو جو کيس
روپوشيءَ جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون. روپوشيءَ دوران به هُو ماٺ ڪري ويهڻ
وارو نه هو ۽ جنهن به علائقي ۾ ويندو هو، اُتي به پارٽي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي همٿائيندو
رهندو هو. حسن علي ٻپڙ هڪ راڄائتو ماڻهو به هو، ان ڪري سندس دوستيءَ جو حلقو گهڻو
وسيع رهيو آهي. سندس ڳوٺ واري اوطاق، مصيبت ۾ ڦاٿل دوستن لاءِ پوءِ ڀلي اُهي ڪهڙي
به پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڇو نه هجن، سندن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيل هوندي هئي. موٽ ۾ هن ڪنهن
به دوست کي اُهي ڏينهن ۽ رات ڪونه ڳڻايا، ڇو ته هُو پاڻ به ڪيترائي ڀيرا مشڪلاتن
جو شڪار رهيو پر بقول لطيف سائينءَ جي ته: “ڪڏهن ڪوسا ڪين ٿيا، ڏوراپو ڏيئي” جيڪڏهن
کيس چئبو هو ته دوستن جو حال ناهي، تڏهن چئي ڏيندو هو، “ماڻهن کي هلائڻو آهي رُسڻو
ناهي”. اِها تمام وڏي ۽ سگهاري سوچ آهي، کيس سڀ دوست ساريل هوندا هئا ته ڪهڙا ڏکئي
وقت ۾ ڪم آيا ۽ ڪهڙن پڇيو به ڪونه، جيئن مٿي ڄاڻائي آيو آهيان ته هُو نهايت راڄائتو
ماڻهو هو، تنهن ڪري اوڙي پاڙي جي برادرين ۾ ڪي مسئلا ٿيندا هئا ته انهن کي نبيرڻ ۾
سندس مُکيه ڪردار رهندو آيو آهي، ايتري تائين جو گهرو سڱابنديءَ جي مسئلن تائين به
ماڻهن جا نبيرا ڪندو هو. انهن ئي سببن جي ڪري وڏيرن هر موڙ تي کيس ڌَڪيو پر اهڙن ڏکين
مهلن ۽ حالتن ۾ به هن اڪيلي سِر منهن ڏنو. سندس ڪاروبار دوران ڪيترائي اهڙا ڪک پتي
دوست هئا، جيڪي هُن وٽان لک پتي بڻجي نڪتا. حسن علي ٻپڙ هڪ آئيڊيل، نظرياتي اڳواڻ
هو، جنهن جهڙا آدرشي انسان صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن.
جوڳي
ايئن جَرڪِيو، جِيئن اونداهيءَ ۾ آڳ،
آديسِي
عشق جي، لائِي آيو لاڳِ،
آيو
تنهن سُڀاڳِ، جِيئَن ڪَوسُ ڏِيهاڙِي ڪَاڪِ تي.
(شاهه سائين)
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸
ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
حسن علي ٻپڙ
آدرشي انسان جي ياد ۾
تحرير: شاهنواز
راڄپر
سنڌ جي سياسي، سماجي تاريخ تي
نظر وجهنداسين ته ان منجهه اسان کي انيڪ ڪردار اهڙا ملندا جن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌ
جي ماڻهن جي آجپي لاءِ آبياري ڪئي آهي. پوءِ اهو جنگ جو ميدان هجي، نظرياتي ويڙهه
جا سلسلا هجن، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ جنونيت جون جلهون هجن، اهي اڏاول انسان جبل جيان
پنهنجي جاءِ تي نظرياتي ساڃاهه سان ميدان ماريندا، قائم رهيا.
اهڙن دلير، داناءُ سياسي اڳواڻن
مان حسن علي ٻپڙ جو نالو به نمايان بيهي ٿو، شڪارپور کان ۴۰
ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ماڙي تڙت جتوئي، جيڪا پوءِ
”مَهِدي جي ماڙي“ نالي سان سڏيو وڃي ٿو، لڳ ڪرمپور بجاراڻي ۾ هڪ وڏيرڪي گهراڻي
اندر اک کولي، سندس وڏا پنهنجي وقت جا سخي ۽ سورِهَه انسان رهيا آهن، جن جي پنهنجي
علائقي ۾ هاڪار ۽ ڌاڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ننڍڙو حسن علي اڃا ٿڃ پياڪ
ئي هو ته سندس امڙ هي جهان ڇڏي وڃي ابدي آرامي ٿي. اسڪول کان ڪاليج تائين هي مختلف
سياسي سرگرمين ۾ حصو به وٺندو رهيو پر ”من اندر جا لوچ مچڻ سان ماٺي ٿئي“ هن جو
اندر تڏهن ٻري اُٿندو هو جڏهن عام مسڪينن تي ڏاڍ ۽ ظلم روا رکيو ويندو هو. هن جو
ذهن ان روش جي خلاف بغاوت سان ڀريل هوندو هو ته اهڙو ڪو سياسي پلاٽ فارم هجي جتان
ان ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف جدوجهد هلائجي. سندس اهو خواب سنڌي عوامي تحريڪ پاران شاگردن
کي هڪ مثبت، سگهارو ۽ نظرياتي پليٽ فارم ڏيڻ لاءِ سنڌ شاگرد تحريڪ جو بنياد رکيو
ويو، جنهن ۾ حسن علي ٻپڙ جيڪب آباد ضلعي جو پهريون ڪنوينر مقرر ٿيو.
اهڙي طرح هن کي پنهنجي تنظيم جي
مقصدن جي بارآوري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پئي، طبيعت جو ملنسار ۽ يار ويس هجڻ ڪري
سندس دوستن جو حلقو به وسيع هيو ۽ جيڪب آباد جهڙي ضلعي ۾ جتي صرف سردارن جو ئي حڪم
هلندو هجي اتي هن پنهنجي ڏاهپ، دليري ۽ سچائيءَ سان پارٽي ڪم کي اڳتي وڌايو. مخالف
شاگرد تنظيمن طرفان مٿس ڪيترائي ڀيرا حملا به ڪرايا ويا، کيس اغوا ڪري مارڻ جون به
ڪوششون ٿيون پر ”جوڳيءَ تي جڙاءُ نسورو ئي نيهه جو!“ هُو اهي سڀ مشڪلاتون پار ڪري
اڳتي وڌندو رهيو ۽ نظرياتي ويڙهه وڙهندي هن جيڪب ضلعي اندر عوامي تحريڪ ۽ ان جي
برادر تنظيمن سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، هاري ۽ مزدور تحريڪن
کي منظم ڪيو ۽ ضلعي اندر پنهنجو وسيع سياسي حلقو پيدا ڪري ورتو، جنهن ڪري اتي جي
ننڍن وڏن سردارن ۽ مخالف سياسي پارٽين خاص ڪري جماعت اسلامي وارا شامل هئا، تن کي ڏاڍي
ڪاوڙ ۽ سِر جي اچي لڳي ته ڪيئن به ڪري هن عوام دوست تحريڪ جو رستو روڪيون پر حسن
علي ٻپڙ راڄوڻو، ملنسار، دلير ۽ نظرياتي طور پختو هجڻ ڪري پنهنجو هم خيال حلقو
وسيع ڪري چڪو هو. مٿس ڪيترن ئي طرفن کان دٻاءُ پيو.
کيس پنهنجن توڙي پراوَن کان ڪيتريون
ئي سختيون مليون پر کيس پنهنجي نظرئي ۽ واٽ تان ڦيري نه سگهيون، ملڪ اندر ضيائي
مارشل لا واري دور ۾ به هن پنهنجي ڀرپور نظرياتي ڪردار سان پاڻ نڀايو جو کيس
روپوشيءَ جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون. روپوشي دوران به هُو ماٺ ڪري ويهڻ وارو
نه هو ۽ جنهن به علائقي ۾ ويندو هو اُتي به پارٽي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن کي همٿائيندو
رهندو هو. حسن علي ٻپڙ هڪ راڄائتو ماڻهو به هو، ان ڪري سندس دوستيءَ جو حلقو گهڻو
وسيع رهيو آهي.
سندس ڳوٺ واري اوطاق، مصيبت ۾ ڦاٿل
دوستن لاءِ پوءِ ڀلي اُهي ڪهڙي به پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڇو نه هجن، سندن لاءِ ڇپر ڇانوَ
بڻيل هوندي هئي. موٽ ۾ هن ڪنهن به دوست کي اُهي ڏينهن ۽ رات ڪونه ڳڻايا ڇو ته هُو
پاڻ به ڪيترائي ڀيرا مشڪلاتن جو شڪار رهيو پر بقول لطيف سائينءَ جي ته: ”ڪڏهن ڪوسا
ڪين ٿيا، ڏوراپو ڏيئي“ جيڪڏهن کيس چئبو هو ته دوستن جو حال ناهي، تڏهن چئي ڏيندو
هو ”ماڻهن کي هلائڻو آهي رُسڻو ناهي.“ اِها تمام وڏي ۽ سگهاري سوچ آهي، کيس سڀ
دوست ساريل هوندا هئا ته ڪهڙا ڏکئي وقت ۾ ڪم آيا ۽ ڪهڙن پڇيو به ڪونه، جيئن مٿي ڄاڻائي
آيو آهيان ته هُو نهايت راڄائتو ماڻهو هو تنهن ڪري اوڙي پاڙي جي برادرين ۾ ڪي
مسئلا ٿيندا هئا ته انهن کي نبيرڻ ۾ سندس مُکيا ڪردار رهندو آيو آهي، ايتري تائين
جو گهرو سڱابندي جي مسئلن تائين به ماڻهن جا نبيرا ڪندو هو. انهن ئي سببن جي ڪري وڏيرن
هر موڙ تي کيس ڌَڪيو پر اهڙن ڏکين مهلن ۽ حالتن ۾ به هن اڪيلي سِر منهن ڏنو. سندس ڪاروبار
دوران ڪيترائي اهڙا ڪک پتي دوست هئا جيڪي هُن وٽان لک پتي بڻجي نڪتا. خير، اهو هڪ
الڳ موضوع آهي جن تي ڪنهن ٻئي ڀيري روشني وجهبي. حسن علي ٻپڙ هڪ آئيڊيل، نظرياتي اڳواڻ
هو جنهن جهڙا آدرشي انسان صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
حسن علي ٻپڙ
سندس جدوجهد ۽ قرباني
سدائين ياد رهندي
حنيف خان چانڊيو
سال ۱۹۶۵-۸۶ع جي ڳالھ آھي جو ڪامريڊ
حسن علي ٻپڙ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪنهن مريض کان طبيعت پڇڻ لاءِ آيو هو ۽
سول اسپتال جي ڪينٽين تي ڪجهه ساٿين سان گڏجي چانهه پي رهيا هئا ته اوچتو چانڊڪا
ميڊيڪل ڪاليج جي بس مان هڪ شاگرد تنظيم جا ڪارڪن لٿا ۽ ڪينٽين ڏانهن آيا جتي حسن
علي ويٺو هو پوءِ گهيرو ڪري کيس اغوا ڪري پاڻ سان کڻي ويا. اتي ويٺلن مان ڪامريڊ
حمزي ھاري کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان مٿان حملو ڪري کيس زخمي ڪري فائرنگ ڪندا
فرار ٿي ويا. پورا ٽي ڏينهن ٽي راتيون حسن علي گم هو ان وقت ايس ايس ٽي جي مرڪزي
قيادت ڊي سي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪري کين هن واقعي کان آگاهه ڪيو ۽
حسن علي کي ڇڏائڻ جو مطالبو ڪيو، جن آفيسرن رڳو دلاسا پئي ڏنا، هڪ دوست ٻڌايو ته جتي
حسن علي کي اغوا ڪري لڪايو ويو هو اتان کيس ٽن ڏينهن کان پوءِ پهري تي بيٺل هڪ
همراه رات جي پوئين پهر ۾ مٿس رحم کائي اتان نڪرڻ ۾ مدد ڪئي جنهن کان پوءِ هو سخت
تڪليف جي صورت ۾ ڊاڪٽر مرتضي شيخ جي گهر پهتو هو جتي هن جو ڪيترو وقت علاج ٿيندو
رهيو. هو ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ پهتا هئا، اهي سال هئا جو سنڌ جي سمورن تعليمي
ادارن اندر شاگرد تنظيمن وچ ۾ خطرناڪ جهيڙا ٿيا هئا جن کي روڪڻ لاءِ انهن ڏهاڙن جي
ڳالھ آھي ته سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جناح اسپتال ڪراچي
۾ داخل هئا جن جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ انهن جهيڙن کي روڪڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون جن
جي نتيجي ۾ ڪجهه ٺاپر ٿي هئي. اهڙي ڏکي صورتحال باوجود حسن علي ٻپڙ هڪ پل لاءِ به
مايوس نه ٿيو بلڪ پنهنجي سياسي سماجي ۽ تنظيمي ڪم ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيو.
حسن علي ٻپڙ جا وڏا قبائلي
سردار مير هزار خان بجاراڻي جا خاص ماڻهو هئا پر کيس ان جاگيردار طبقي جي سياست
پسند نه آئي هئي جنهن ڪري پاڻ قومي تحريڪ جي ان قافلي ۾ شامل ٿيو جنهن جو نالو
عوامي تحريڪ هو، ڪرم پور ڀرسان ٻپڙن جي هن ڳوٺ مان امان الله ۽ حسن علي اهي پهريان
سياسي ڪارڪن هئا جن جاگيرداري سماج کان نفرت ڪندي قومي شعور سان پاڻ کي سلهاڙيو،
پوءِ ته هي ڳوٺ عوامي تحريڪ جو مرڪز بڻجي ويو، هنن ٻنهي ساٿين جي ڪوشش سان پوري
ضلعي ۾ سياسي سماجي تحريڪن جنم ورتو هو، بلڪل اها ڳالهه درست آهي ته اهي ٻئي ڪردار
پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين عوام جي پاسي بيٺل رهيا ۽ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا
اهڙن ماڻهن لاءِ لطيف سائين فرمائي ٿو ته
ماڻهون
سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن
ماڻهوءَ منجهه، اچي بونء بهار جي.
ٻئي شعر ۾ فرمائي ٿو ته
سورھيه
مرين سوڀ کي ته دل جا وھم وسار،
هڻ ڀالا
وڙھ ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار،
مٿان
تيغ ترار مار ته متارو ٿـئين.
(حنيف خان چانڊيو جي ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)
No comments:
راءِ ڏيندا