ڊاڪٽر شازيه سفير
سندس لطيفي پرک
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڊاڪٽر شازيه ۲۰ آگسٽ ۱۹۸۱ع تي ديدار حسين پتافيءَ جي گهر ڳوٺ رسول بخش پتافي تعلقي سوڀيديري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ ۽ انٽر سوڀيديري مان ڪيائين، بي اي ۽ ايم اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد پهريون وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ۲۰۰۹ع ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي، موجوده وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجون جوابداريون نڀائي رهي آهي. هن سنڌي ٻولي ۽ ادب تي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، سندس خاص علمي ۽ ادبي سڃاڻپ لطيف شناسيءَ تي تحقيق آهي، هِن ڏِسَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن ۾ ” سرمارئي ۽ ڪاموڏ ۾ سماجي ۽ حڪومتي نطام ۽ شاهه جو مثالي رياست بابت تصور“، ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون“، ”ڪتڻ هڪ پيار ڀريو پورهيو“، ”شاهه عبداللطيف جو ڪمال“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ رهبر جو تصور“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پورهيتن جي ٻولي، ”شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج“، ”سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار“ ۽ ٻيا آهن.
اهي مضمون ۽ مقالا، ”نئين زندگي“، ”ڪلاچي ريسرچ جرنل“، ” سنڌي ادب“ ڪينجهر ريسرچ جرنل ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيا آهن، انهيءَ کان سواءِ سندس ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا“ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري مان ۲۰۰۹ع ۾ ڇپيو، جو شازيه جي ايم اي سنڌي فائنل جو مونوگراف آهي.
مٿئين عنوان وارو لکيل مقالو پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ ۲۰۱۴ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿي منظور ٿيو، جو ۲۰۱۷ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ۲۹۶ صفحن تي شايع ٿيو.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس“ ڪتاب جا پنج باب آهن، مهاڳ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ”اکر جئائين جڙايا“ امداد حسينيءَ جو ليک شامل آهن.
شازيه سفير پنهنجي پاران ۾ اظهار ڪيو آهي ته ”لطيف سائين سنڌي ٻوليءَ جو معمار آهي، شاهه عبداللطيف جي عظمت ۽ مقبوليت جو اهم ترين سبب سندس شاعريءَ جي ٻولي آهي، ڇاڪاڻ ته فڪر ۽ فلسفو به ماڻهوءَ تي تڏهن اثر ڪندو جڏهن ان جي پهچڻ جو ذريعو يعني ٻولي دلچسپ ۽ سڀني لاءِ قبوليت جوڳي هوندي، جيڪڏهن ٻولي اثرائتي نه هوندي ته سهڻا خيال ۽ اعليٰ فڪر به پنهنجو اثر وڃائي ويهندا“ (صه ،۱۱)
هن تحقيق جي پنجن بابن کي لاڳاپيل موضوع تي ننڍن عنوانن ۾ آندو ويو آهي، باب پهريون ٻولي ۾ ٻوليءَ جي وصف ۽ اهميت، ٻوليءَ جو علم، لسانيات جون شاخون، علم صوتيات، علم صرفيات، علم نحويات، ۽ اسلوبيات آهن، باب ٻيو، سنڌي ٻولي آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ متعلق ماهرن جي راءِ، مختلف دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي علمي، ادبي ۽ سماجي حيثيت، عربن جي فتح کان اڳ، عرب دور، سومرا دور، سما دور، ارغون، ترخان ۽ مغل دور، ڪلهوڙا دور، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي اهميت، باب ٽيون: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۽ مختلف پورهيو ڪندڙن جي ٻوليءَ جو اڀياس عنوان سان هيٺين موضوعن تي اوک ڊوک ڪئي وئي آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٿري لهجي جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اترادي لهجي جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ وچولي/معياري لهجي جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ لاڙي لهجي جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو پنهنجو نمايان لهجو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عربي، فارسي، هندي، سرائيڪي ۽ بلوچي، ٻولين تي مهارت جو مختصر اڀياس، چوٿون باب: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ مختلف پورهيو ڪندڙن جي ٻوليءَ جو اڀياس ۾ سنڌ ۾ هلندڙ هنن ڪرت جي ماڻهن پورهئي بابت تحقيق آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ مهاڻن جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ناکئن ۽ وڻجارن/ سوداگرن جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ لوهارن جي ٻولي جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڀاڳين جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ کٽين جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ طبيبن/ويڄن جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪنڀارن جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪاپائتين/ڪورين جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪلاڙن جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ مڱڻهارن جي ٻوليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ گهرو سماجي ٻوليءَ جو اڀياس، ان کانپوءِ جو باب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس جي موضوعن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو صوتياتي اڀياس، لفظن ۾ حرفِ علت (vowel) جي اضافي جي ڪري آوازن ۾ تبديليءَ جو اڀياس، عربي ۽ فارسي لفظن ۾ صوتياتي تبديليءَ جو اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو صرفياتي اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو نحوياتي اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو معنوياتي اڀياس، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو پهاڪي طور استعمال، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو چوڻين جي روپ ۾ سنڌي سماج ۾ استعمال، پڄاڻي ۽ نتيجن بعد آخر ۾ حوالا آهن، رائج طريقي موجب ببليو گرافي موجود آهي.
”هيءُ بلڪل هڪ نئون موضوع آهي، هن کان اڳ شاهه عبداللطيف جي ڪلام جي حوالي سان هن قسم جو تحقيقي ڪم اڳ ۾ ڪنهن به لطيف شناس محقق نه ڪيو آهي، هن تحقيق جو هر باب ڪيترين ئي خوبين سان ڀريل آهي، آخري باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ۽ ڪلاسيڪي شاعرن هر هڪ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙائي، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت رضويءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي اهم پهلوئن جو لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ ڪم آندل ٻوليءَ تي اثر کانسواءِ لطيف سرڪار طرفان ان ۾ ڪيل اضافن جو جائزو ورتو ويو آهي“ (مهاڳ)
”اکر جيئائين جڙيا“ عنوان سان ۾ امداد صاحب لکيو آهي ته، ”ڊاڪٽر شازيه پتافيءَ جو مکيه موضوع ته، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس آهي پر ان مکيه موضوع سان ڪيترائي ٻيا لاڳاپيل موضوع به اچي ويا آهن، مکيه موضوع توڙي ٻيا لاڳاپيل موضوع، گهڻو ڪجهه سوچڻ تي اُڀارين ٿا ۽ اهائي ڪتاب جي بنيادي خوبي پڻ آهي“، اڳيان لکيو اٿس ته، ”گربخشاڻيءَ توڙي جو شاهه جو رسالو“ جي مقدمي ۾ لسانياتي حوالي سان لکيو آهي پر اهو ڄڻ بنيادي ڪم آهي، ڊاڪٽر شازيه پتافيءَ ان ڏس ۾ گهڻ پاسائين لسانياتي اڀياس جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا منهنجي راءِ ۾ آخري نه آهي ڇاڪاڻ ته لسانيات هڪ وسيع موضوع آهي، خاص ڪري شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي حوالي سان ساڳئي وقت لسانيات ۾ نوان نظريا ايندا رهن ٿا، مطلب ته هي هڪ مستقل ڪم آهي“
تحقيق مان چند حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
”شاهه سائين سنڌ جو عوامي شاعر آهي، شاهه سائين سنڌ جو قومي شاعر آهي، سڀني طبقن جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ان کي پنهنجو بنائي ان ۾ تخليق ڪرڻ ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ نه آهي، سنڌ جا ماڻهو پورهيت ماڻهو آهن، شاهه سائينءَ لاءِ انهن جي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ ان ڪري ممڪن ٿيو جو پاڻ ڪنهن برتريءَ يا وڏائيءَ جي احساس ۾ نه رهيو. هو کڙيءَ کهه لڳل جو همدرد ۽ همراز بڻيو. ککيءَ هاڻن جي بدبوءِ کيس انهن کان پري نه ڪري سگهي نه وري پاڻ ڪنهن مذهبي مت ڀيد ۾ رهيو، هو عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ شاعري انڪري ڪري سگهيو جو هن خود عام ماڻهوءَ جي زندگي گذاري، سير ۽ سفر ڪيائين ماڻهن کي پورهيي سان پيار ڪندي ڏٺائين“ (صه ۱۴۲)
”صوتيات لفظن جي جوڙجڪ، سٽاءُ ۽ گردانن جو علم آهي، سٽاءُ يا جوڙجڪ جي لحاظ کان لفظن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي، هڪ ابتدائي يا بنيادي لفظ ٻيا ثانوي، لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ بنيادي لفظ جي اڳيان، وچان يا پويان جوڙ ملائي ثانوي لفظ ٺاهيا ويندا آهن، شاهه سائين به بنيادي لفظن ۾ جوڙ ملائي ڪيترائي نوان لفظ ٺاهيا آهن، سندس مشاهدو تمام گهڻو گهرو آهي، هن ڪردارن ۽ شين کي مُروج نالن کانسواءِ نوان لفظ ٺاهي نالا ڏنا آهن، سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان لفظ ملن ٿا، جيئن کٿيرو، کٿيري، نيروٽي، ساڱاتو، وڏاندرا وڏاندري وغيره“ (صه ۲۸۰)
”ٻوليءَ جي علم کي لسانيات چئبو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي آوازن ۽ آوازن ۾ تبديلين، انهن تبديلين مان ٿيندڙ معنوي فرق، لفظن جي جوڙجڪ، جملي ۾ استعمال ۽ انهن جي معنيٰ جو مطالعو اچي وڃي ٿو. ان کانسواءِ ٻوليءَ جا ٻيا پهلو، لهجا، لساني جاگرافي، لغت نويسي، ڪنهن ٻوليءَ جو سماجي ۽ تاريخي مطالعو يا ٻولين جو تقابلي مطالعو به لسانيات جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو“ (صه ۲۶۹)
”سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لهجا آهن جن ۾ ڪوهستاني، ٿري، اترادي، وچولو ۽ لاڙي اهم آهن، شاهه لطيف جي رسالي ۾ انهن سڀني جا اهڃاڻ ملن ٿا ساڳئي وقت شاهه سائينءَ وٽ پنهنجي تَرَ جو لهجو پڻ آهي، پاڻ جتي ’چون ‘ (لاڙي لهجو) ڪتب آڻي ٿو ته اُتي ’چَوَنِ‘ به ڪتب آڻي ٿو.
”چُپ سين جي چَوَنِ، ادب ڪجي اُن جو“
اهو لهجو وچولي ۽ حيدرآباد جو لهجو آهي، جنهن کي معياري لهجو چئجي ٿو“ (صه ۲۷۶)
مجموعي طور هيءُ مقالو پنهنجي موضوع جي اوک ڊوک جي حوالي سان ڪارائتو آهي، جيئن ته هر تحقيق ايندڙ محقق لاءِ نوان گَسَ ۽ نيون راهون جوڙيندڙ هجي ٿي. تيئن خود ڊاڪٽر شازيه هڪ استاد ۽ نون اسڪالرن لاءِ تحقيق جي نگران هئڻ جي حيثيت ۾ يقيناً اهڙا ٻيا قابل شاگرد پنهنجي رهنمائيءَ ۾ اڳيان آڻيندي جي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف موضوعن تي نوان نوان رخ ظاهر ڪندا تحقيق جو هيءُ پنڌ جاري ۽ ساري رهندو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ آگسٽ ۲۰۲۴ع ۽ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا