; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، شازيه سفير، پروين موسيٰ ميمڻ،
Showing posts with label ڊاڪٽر، شازيه سفير، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، شازيه سفير، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts

21 December, 2024

ڊاڪٽر شازيه سفير

ڊاڪٽر شازيه سفير

سندس لطيفي پرک

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



ڊاڪٽر شازيه ۲۰ آگسٽ ۱۹۸۱ع تي ديدار حسين پتافيءَ جي گهر ڳوٺ رسول بخش پتافي تعلقي سوڀيديري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ ۽ انٽر سوڀيديري مان ڪيائين، بي اي ۽ ايم اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد پهريون وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ۲۰۰۹ع ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي، موجوده وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجون جوابداريون نڀائي رهي آهي. هن سنڌي ٻولي ۽ ادب تي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، سندس خاص علمي ۽ ادبي سڃاڻپ لطيف شناسيءَ تي تحقيق آهي، هِن ڏِسَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن ۾ ” سرمارئي ۽ ڪاموڏ ۾ سماجي ۽ حڪومتي نطام ۽ شاهه جو مثالي رياست بابت تصور“، ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون“، ”ڪتڻ هڪ پيار ڀريو پورهيو“، ”شاهه عبداللطيف جو ڪمال“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ رهبر جو تصور“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پورهيتن جي ٻولي، ”شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج“، ”سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار“ ۽ ٻيا آهن.