; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

15 December, 2024

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

نامور ليکڪ

غفار عباسي



ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ جو جنم ضلعي شڪارپور شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “سهتا شريف” ۾ پهرين آگسٽ ۱۹۷۳ع تي غلام حيدر سولنگيءَ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري، ثانوي ۽ اعلا تعليم جا مرحلا ترتيبوار پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور ۾ طئي ڪرڻ کان پوءِ هو اسلام آباد ويو، جتان هن نمل مان انگريزي ادب ۽ لسانيات ۾ ايڊوانسڊ ڊپلومه ڪئي، ان کان پوءِ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان، بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪيائين. بعد ۾ وري پاڻ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سوشيالاجي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ۽ بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان “ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” عنوان تي مقالو لکي پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ لکڻ جي شروعات ڏهن سالن جي عمر ۾ ۱۹۸۳ع کان شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي “گلڙا” ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. ٻاراڻي ادب تي هيل تائين، پندرهن ڪتاب لکي چڪو آهي. ۽ ان کان علاوه سندس انگريزي گرامر، لغت نويسي، مضمون ۽ تعليم جهڙن موضوعن تي ٽيهارو کن ڪتاب سنڌ جي مختلف اشاعتي ادارن طرفان شايع ٿي چڪا آهن.


ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ ڪيترن ئي مختلف ادرن ۾ ملازمت ڪئي آھي جن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، آرمي پبلڪ اسڪول ۽ شڪارپور ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو درس و تدريس سان لاڳاپيل رهيو ۽ پوءِ ٻه سال کن ريڊيو پاڪستان خيرپور تي پروڊيوسر رهڻ کان پوءِ، نومبر ۲..۵ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪيائون. هن وقت پاڻ پي ٽي وي تي سينيئر پروڊيوسر/ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ پاڻ پي ٽي وي تي جيڪي ادبي شخصيتن جي ياد ۾ ۽ ٻيا کوڙ ساراادبي پروگرام ڪيا اٿائين. جيڪي اڃان به مختلف وقتن تي هلن پيا، اهي به تاريخي ۽ ڄاڻ سان پرپور پروگرام آهن.

جديد سنڌي ادب علم ۽ تحقيق جي روايت جو هڪ سگهارو نالو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي به انهن قلم ڌڻين ۾ شمار ٿئي ٿو، جن پنهنجي تمام مصروف وقت مان وقت ڪڍي علم ۽ ادب جي دنيا ۾ انيڪ موضوعن تي ڪيترائي معياري ڪتاب ڏئي پاڻ ملهايو آهي ۽ هنن جي ان وکيريل وَکر کي ڳڻبو ته سندن خدمتون ساراه لائق آهن. ڏات جي ڏيھ ۾ اديب ۽ شاعر قلم ۽ ڪتاب ۾ ته حق سچ ۽ اخلاق جا ته سبق سڻائيندا آهن، پر انهن جي زندگي سندن سبق جي آئيني ۾ نظر نه ايندي آهي. هر ٽهيءَ ۾ جيڪڏهن قلم جي قبيلي ۽ عمل جي آئيني جي ڀيٽا ڪنداسين ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا انسان پنهنجي لفظن تي پورا لهڻندا، پر جڏهن غلام مصطفيٰ سولنگي صاحب جي ٽهيءَ جو جائزو وٺنداسين ته پهرين آڱر غلام مصطفيٰ جي حصي ۾ ايندي، سندس لکت لاجواب ۽ اخلاقي قدرن سان سنواريل، وڏن توڙي ننڍن جي زندگيءَ جي روشن راھه سان گڏ سندس زندگي اعلا اخلاق، سچائي، بهادري، پيار ۽ محبت جو مزاج رکندڙ هڪ معصوم طبيعت جو انسان آهي. جنهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ مان به حظ حاصل ٿيندو آهي. ۽ دل کي لطف ئي لطف ملندو آهي.

سندس ٻارڙن سان پيار جو نرالو حوالو ٻارڙن جي مشهور رسالي “گل ڦل” تي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو آهي. سندس پيار نه صرف پي ايڇ ڊيءَ تائين محدود آهي، پر ان کان اڳ ۽ هاڻي تائين به ٻارڙن لاءِ مسلسل لکندو رهي ٿو. ۽ ٻارڙن کي معلومات ۽ مصروفيت جو سامان ڏئي دل وندرائيندو رهي ٿو. ٻاراڻي ادب تي گهٽ ڪم ٿيڻ ۽ سست رفتار واري وقت ۾ به سندس جا، ٻاراڻي ادب تي هڪ ئي وقت جنوري ۲.۲.ع ۾ لاڳيتا ڏھ (۱.) ڪتاب پڌرا ٿيا ته، ان کان پوءِ غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو ٻاراڻي ادب جي فرنٽ پيج تي نالو اڀري آيو ۽ سندس ٻاراڻي ادب جي ليکڪ جي حوالي سان وري ٻيهر سموري سنڌ ۾ سڃاڻ ٿي وئي.

سولنگي صاحب جو جنم شيخ اياز جي شهر شڪارپور ۾ ٿيو ۽ پاڻ ننڍي هوندي ئي علم ادب سان لئون لائي جوانيءَ ۾ ئي ليکڪ ٿي اڀريو ۽ پاڻ مختلف ادارن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ مسلسل علم ادب سان واڳيل به رهيو آهي. پاڻ ڪڏهن قلم کي بند ڪري نه رکيو اٿائين پر پنهنجي آڱرين ۾ قلم کي آڻي پنن تي مس هاري ڪاغذن کي ڪارو ڪري ڪيترن ئي موضوعن تي وڏن توڙي ننڍن ٻارڙن لاءِ معلومات ۽ سڌي دڳ تي رسائڻ لاء رڌل رهيو آهي.

جڏهن به سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ لکي ويندي، تڏهن ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ جو نالو وڏي اهميت سان پيش ڪيو ويندو. غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو انگريزي گرامر ۽ ٻوليءَ تي به نرالو ڪم ٿيل آهي. جنھن ۾ سمجھاڻيءَ جي واٽ بلڪل آسان آھي. پاڻ بنا لالچ ۽ لوڀ جي لکندو رھي ٿو. سندس ڪهاڻيون، مضمون، ڊراما ۽ ناول مختلف رسالن ۾ زينت بڻبا رهيا آهن. هن جو سنڌ جي نوجوان نسل سان پيارآهي ۽ هن سان به سنڌ جا نوجوان پيار ڪن ٿا ۽ سندس لکڻين کي ساھ سان سانڍين ٿا. غلام مصطفيٰ پنهنجي دور جو ٻاراڻي ادب جي هڪ تحريڪ ٿي رهيو آهي. جنهن مان ٻيا ليکڪ به اتساھ حاصل ڪن ٿا.

سندس لکڻين ۽ ٻارن لاءِ نصيحت آموز ڳالهين ۽ سماجي مسئلن جو بيان انتهائي حسنائتي انداز ۾ ٿيل آهي. هن کي ڪنهن به تبصري جي پرواھ نه هوندي آهي، هن جون تحريرون ۽ تقريرون ڌيان ڇڪائيندڙ هونديون آهن. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي آرس ڀڃي ويهڻو ناهي، مسلسل جستجو ۽ جدوجهد سان ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

هو سواءِ ڪنهن وڏائي ۽ پذيرائيءَ جي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان محبت ڪري محنت جي واٽ وٺي هلندو رهي ٿو.

غلام مصطفيٰ جي شخصيت، پيار محبت ۽ شفقت جي مصداق رهي آهي. پاڻ تنوير عباسيءَ جي سٽن جيان ڪجهه ڏيڻ ئي سکيو آ، ۽ هر دوست، عزيز ۽ احبابن کي کوڙ ساريون عزتون ڏنيون اٿائين ۽ پاڻ سچائيءَ جي واٽ تي الاهي سور به سٺا اٿائين، پر پوءِ به سندس پيار جي واٽ ۽ دل جو اڱڻ ڪشادو رهيو اٿس ۽ ڪيترن ئي مون جهڙن ادب جي شاگردن جي ذهني آبياري ڪري رهيو آهي. سڀن جي ڀلي سوچڻ وارو ذهن ئي سٺا ذهن پيدا ڪندو آهي. اسان کي هڪ سلڇڻي ليکڪ ۽ بيحد ٻاجهاري طبيعت جي مالڪ محترم غلام مصطفيٰ سولنگي صاحب جي صحبت ۽ ويجهرائيءَ جو اعزاز حاصل آهي ۽ اسان کي ههڙن ماڻهن جي صحبت ۽ ساٿ تي فخر آهي. پيارا سائين سدا آباد، گل و گلزار ھجو.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۳ آگسٽ ۲.۲۳ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ٻالڪ ادب جي ليکڪ سان ڳالهه ٻولهه

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ادب تخليق ڪرڻ کي اعليٰ عبادت سمجهندڙ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي اسان جي دور جو هڪ ناليوارو، نرالو قلمڪار ۽ محقق آهي. هيل تائين پنجاهه کن ڪتاب لکي چڪو آهي، لکڻ جي حوالي سان پاڻ بيحد ڏکيا شعبا چونڊيا اٿس. يعني ٻارن جو ادب، لسانيات، گرامر، لغت نويسي، قديم آثار، خاڪا، ترجما وغيره. پاڻ انهن شعبن ۾ هڪ وڏي عرصي کان لاڳيتو لکندو پيو اچي، لکڻ سندس زندگيءَ جو بنيادي مقصد آهي ۽ هو ان مقصد سان پوري سچائيءَ ۽ ديانتداريءَ سان سلهاڙيل آهي. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سندس ڪيل تخليقي ڪم کيس هلندڙ دور جي ٻالڪ ليکڪن جي پهرين قطار ۾ آڻي بيهاريو آهي. ٻارن جي ادب سان سندس لاڳاپو، بيحد مثالي پيءُ رهيو آهي، تنهنڪري اسان ضروري سمجهيوسين ته ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪجي مون کي يقين آهي ته سندس هي انٽرويو توهان لاءِ گهڻي ڄاڻ ۽ دلچسپيءَ جو سبب بڻبو.

سوال ۱: ڳالهه ٻولهه جي شروعات ۾ مناسب رهندو ته اوهان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرايو.

جواب: مان ضلعي شڪارپور جي هڪ ننڍي ڳوٺ سهتا شريف ۾ ڄايس ۽ تاريخ هئي پهرين آگسٽ ۱۹۷۳ع. جڏهن نائين درجي ۾ آيس ته عمر ننڍي هئڻ ڪري تعليمي بورڊ سکر ۾ امتحاني فارم ڪونه ٿي ڀريو ويو. تنهنڪري منهنجي والد صاحب جي دوست ۽ منهنجي هاءِ اسڪول جي استاد سائين عنايت الله سومري پهرين آگسٽ ۱۹۷۳ع بدران پهرين آگسٽ ۱۹۷۱ع منهنجي ڄمڻ جي تاريخ لکي، مان پنهنجي حقيقي عمر کان ٻه سال وڏو ٿي ويس ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فارم رد ٿيڻ کان بچي ويو. مان رات جو اٺين وڳي ڌاري ڄائو هئس، والد صاحب بي بي سي وڏي پابنديءَ مان ٻڌندو هو. کيس منهنجي ڄمڻ جي خبر ٻڌائي وئي ۽ ڪن ۾ ٻانگ ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته هو ريڊئي سميت اندر ڪمري ۾ هليو آيو، ٻانگ ڏيڻ لاءِ مون ڏانهن جهُڪيو ته ان وقت نامياري براڊ ڪاسٽر ۽ ليکڪ رضا علي عابديءَ جو آواز گونجيو: “يي بي بي سي لنڊن هي، اس وقت پاڪستان مين رات ڪي آٺ بجي هين” هي اهو پهريون آواز هو، جيڪو آذان کان اڳ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو هو. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن پروڊيوسر جي حيثيت سان ريڊيو خيرپور تي رضا علي عابديءَ جو پنهنجي اردو ادبي پروگرام ”مخزن“ لاءِ انٽرويو ڪيو ته کيس اها ڳالهه ٻڌايم ته وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين، ”تم ني سب سي پهلي ميري آواز سني ٿي، اسڪا مطلب يي هي ڪي مين ني هي تم ڪو مسلمان ڪيا ٿا“ خير، اها ڳالهه ايئن ئي تفريح طبع لاءِ ڪيم، مان ڄايس ته اڪثر بيمار رهڻ لڳس، ڄمڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽي بيءَ جي وَر چڙهي ويس ۽ اڄ ڏينهن تائين بيمارين مان جان آجي ناهي ٿي، اڳتي الله پاڪ ٻاجهه ڪندو، منهنجي ڄمڻ تي ناناڻا ۽ ڏاڏاڻا ڏاڍو خوش ٿيا.

سوال ۲: ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي عام تربيت، تعليمي مرحلن ۽ انهن ۾ پيش آيل تڪليفن بابت ڪجهه ٻڌايو؟ ڇا گهرو ماحول علمي ۽ ادبي هو؟

جواب: بس، ٻه چار اکر پڙهي پياسين، باقي ته اهڙو ڪو شاندار يا غير معمولي ڪيريئر ناهي رهيو، منهنجو والد صاحب غلام حيدر آگسٽ ۲۰۰۶ع ۾ گذاري ويو هو. امان خير سان حال حيات آهي، ٻئي باشعور هئا، جن اسان جي تعليم ۽ تربيت تي وسيلن نه هوندي به تمام گهڻو ڌيان ڏنو. منهنجي اها خوش قسمتي آهي جو انهن والدين، ننڍي هوندي جيڪي گڻ سيکاريا، سي هن وقت تائين ڪم اچن پيا، انهن خود داري سيکاري، انسان دوستيءَ جو درس ڏنو، علم سان محبت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي. خير، منهنجي تعليم جي شروعات ڳوٺ جي پرائمري اسڪول کان ٿي، مڊل تائين تعليم ڳوٺ امروٽ شريف جي مڊل اسڪول مان حاصل ڪئي، هي ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان چئن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي، روزانو پنڌ ايندو ويندو هئس، تڏهن روڊ ٺهيل نه هو، واريءَ وارو رستو هو، جتان سائيڪل به ڪونه هلي سگهندي هئي ٽي سال واريءَ جو پنڌ جهاڳيم، نائون ۽ ڏهون درجو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين ۾ پڙهيس، مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ۽ نتيجي اچڻ تائين جيڪو وقت مليو، تنهن ۾ سچل سرمست اورينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي مان مولوي عريبڪ جو ڪورس ڪري ورتم، ٻارهين جماعت ۽ پوءِ وري بي اي مشهور ۽ تاريخي درسگاهه گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان ڪيم، ان کانپوءِ اسلام آباد پنڌ پيم، جتي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن لئنگئيجز اسلام آباد مان انگريزي ادب ۽ لسانيات ۾ ايڊوانسڊ ڊپلوما ڪيم، پوءِ وري قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم ايس سي ڪري اتي ئي ايم فل ۾ داخلا ورتم، پر پنهنجي نوجوان ڀاءُ غلام مرتضيٰ جي اوچتي ۽ ڏکوئيندڙ وڇوڙي جي ڪري پڙهائيءَ جو سلسلو وڌيڪ جاري نه رهي سگهيو، بعد ۾ وري مان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشيالاجي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي، پوءِ جڏهن ڪراچيءَ آيس ته وفاقي اردو يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيم ۽ منهنجي ڊاڪٽريٽ جي مقالي جو عنوان آهي “ٻارڙن جي ماهوار رسالي گل ڦل جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو.”هرگز نه! ڪوبه علمي ۽ ادبي ماحول نه هو. سمورو ناننگ ۽ ڏاڏنگ اڻ پڙهيل هو. علم ۽ ادب جي انهن کي ڪابه خبر نه هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول به منهنجي پيدائش واري سال کان هڪ سال پوءِ کليو هو. وڏڙن کي دين جي ٿوري ٿڪي ڄاڻ يا تعليم هئي، باقي دنياوي تعليم کان اهي صفا وانجهيل هئا. اسان جي ڏاڏنگ ۾ موسيقيءَ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. روزانو اوطاق تي راڳ ٿيندو هو. اسان جي ڏاڏي ڳائيندي هئي. منهنجو پيءُ باجو وڄائيندو هو ۽ ٻيا چاچا وري ڪي ٻيا ساز وڄائيندا هئا. سڄي ڳوٺ جون عورتون ۽ مرد سانجهيءَ کانپوءِ اچي اوطاق تي گڏ ٿيندا هئا ۽ ڏاڏيءَ جي ڳائڻ مان لطف وٺندا هئا. مان ڏاڏيءَ کي ڏاڍو پيارو هوندو هئس، ان ڪري هوءَ ڳائڻ مهل مون کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريندي هئي. هوءَ جڏهن آلاپ ڪندي هئي ته مان وات پَٽيو کيس ڏسندو رهندو هئس. هوءَ اڪثر ڪري پنهنجي مڙس يعني منهنجي ڏاڏي جي ياد ۾ اهڙا درديلا ڪلام ڳائيندي هئي جو سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا ۽ ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندي هئي. گهر ۾ غربت ۽ سادگيءَ جي زندگي هوندي هئي اسان ڀائرن ۽ ڀينرن جي مزاج ۾ طبيعت ۾ وڏو فرق هوندو هو. تنهنڪري هڪٻئي سان ٺهندا ئي ڪونه هئاسين. بس سڄو ڏينهن کيل تماشي ۾ گذرندو هو. مون کي ننڍي هوندي پڙهڻ جو ڪو شوق ڪونه هوندو هو. ڪا مهل اهڙي هوندي آهي، جيڪا انسان جي سوچ کي بدلائي ڇڏيندي آهي، مان تڏهن چئن سالن کن جو هئس، مون کي اسڪول ڇڏي آيو هو، پر مون کي ناني اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته مون کي اسڪول ڀلو لڳو، ڪتاب وڻڻ لڳا ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو تعليمي سفر شروع ٿيو.

سوال ۳: اها ڳالهه ته ٿي اوهان جي تعليمي سفر جي شروعات جي، پوءِ ڀلا ادب طرف ڪيئن لاڙو ٿيو؟ پنهنجي تخليق سفر بابت ٻڌايو؟

جواب: منهنجو والد صاحب ڪنهن اسڪول ۾ ته نه پڙهيو هو، پر ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري هن لکڻ پڙهڻ سکي ورتو هو، تمام گهڻو ذهين ۽ باصلاحيت شخص هو. هو روزانو رات جو بي بي سي ٻڌندو هو، مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي به روزانو پاڻ سان گڏ ويهاري بي بي سي ٻڌرائيندو هو ۽ پوءِ جيڪي خبرون ۽ تبصرا نشر ٿيندا هئا، تن جي باري ۾ تفصيل سان سمجهائيندو هو ۽ اسان کي چوندو هو ته اڄ جيڪو ٻُڌو اَٿو، تنهن جي باري ۾ پنهنجي لفظن ۾ لکي ڏيکاريو. اهڙيءَ طرح پرائمريءَ وارن ڏينهن ۾ ئي مون ٿورو ٿورو لکڻ شروع ڪيو. والد صاحب ڏاڍو همٿائيندو هو. هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو ڀرواري شهر ڳڙهي ياسين جو هڪ ڊاڪٽر روشن لال (جيڪو ڪجهه سال اڳ ديهانت ڪري ويو آهي) والد صاحب سان ملڻ اسان جي ڳوٺ آيو. مان به والد صاحب سان گڏ ملڻ لاءِ اوطاق تي ويس، ڳالهيون ڪندي هن ٻڌايو ته، ”مان ننڍي هوندي پوليو جي ڪري هڪ ڄنگهه کان معذور ٿي چڪو هئس. اوڙي پاڙي جا ٻار ٽوڪون ٺٺوليون ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي منڊڙو زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهندو. مان ان ڳالهه کي هڪ چئلينج ڪري ورتو. مان سخت محنت ڪئي ۽ پوءِ هڪ ڪامياب ڊاڪٽر ٿي ويس“. مان ڊاڪٽر صاحب جي ان ڳالهه کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ پوءِ هڪ ڪهاڻي لکي ورتم، جيڪا شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي ”گلڙا“ ۾ ڇپي. مان ان وقت ڇهين درجي ۾ پڙهندو هئس. اسان جي مڊل اسڪول امروٽ شريف جو هيڊ ماستر سائين محڪم الدين ابڙو ”گلڙا“ ۾ منهنجي ڪهاڻي ڇپجڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪئي ۽ صلاح ڏني ته ڀر واري ڳوٺ مرزاپور ۾ مشهور شاعر نثار بزميءَ سان وڃي مل، هو تنهنجي ادبي رهنمائي ڪندو. اهڙيءَ طرح مان بزمي صاحب سان ملڻ سندس ڳوٺ مرزاپور ويس. بزمي صاحب سان ملي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. تمام وڏو شاعر ۽ تمام سٺو انسان هو. هو مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جا ڪتاب مون کي سوکڙيءَ طور ڏنائي. هن مون کي ادب ۽ شاعري طرف اتساهيو، پوءِ مون سوچيو ته مان به ليکڪ ٿيندس، شاعري نه ڪندس، پر نثر لکندس. هاءِ اسڪول ۾ اچڻ تائين منهنجو ٻه ٽي نثري تخليقون شايع ٿي چڪيون هيون، مون اهي سائين عبدالرحمان جتوئي صاحب کي ڏيکاريون ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ صلاح ڏيندي چيائين ته اوهان نثر ۾ ئي لکو ته سٺو آهي، اوهان ۾ شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نثر لکڻ جي وڌيڪ صلاحيت آهي ۽ بهتر آهي ته ٻارڙن جي ادب تي ڌيان ڏيو، ان پاسي گهٽ اديب ۽ شاعر اچن ٿا، ان ڪري ٻاراڻي ادب کي ترقي وٺرائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ٻارن جا رسالا ته اڳ ۾ ئي پڙهندو هئس، ويتر جو جتوئي صاحب ترغيب ڏني ته مون سوچيو ته مون کي ٻارن لاءِ لکڻ گهرجي ۽ نثر ئي لکڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح مون باقاعدگيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ هن وقت تائين ٻارن لاءِ لکندي منهنجو قلم ٿڪو ناهي ۽ نه ڪڏهن ٿڪبو.

سوال ۴: ڊاڪٽر صاحب! ٻاراڻي ادب جي حوالي سان اوهان جون ڇا حاصلات رهيون آهن؟ ڇا ڪيو آهي، اوهان ان ڏس ۾؟

جواب: مان هيل تائين ٻارڙن لاءِ سوين ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا آهن، جيڪي ٻارڙن جي رسالن ۽ خاص ڪري ماهوار گل ڦل ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا پيا اچن، ٻارن لاءِ لکيل ڪتابن جو انگ پندرهن آهي، ٻارن لاءِ لکيل منهنجا ڏهه ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران هڪ ئي وقت ڇپجي پڌرا ٿيا آهن ۽ انهن جي گڏيل مهورت به ٿي آهي، ان جو سمورو ڪريڊٽ قربان منگي صاحب ڏي وڃي ٿو. مون کي بيحد خوشي آهي جو ٻارن جي حوالي سان ڪيل منهنجي ادبي ڪم کي علمي ۽ ادبي حلقن پاران تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. اهي ڪتاب عقلمند قاضي، مايوس ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي، سياڻو شاگرد، ٽي کارڪون، ڳائيندڙ کنڀ، بابا جي دعا، پوپٽ، جهرڪيءَ جو ٻچڙو، آخري ڪلاس، پروفيسر مِٺو، ڪارڪ ۽ واليا جي عجيب و غريبي مهم، نرالا مضمون، موتين هار، ننڍي سائي ريل ۽ ٻارن سان ڳالهيون آهن. اهي سڀئي ڪتاب سنڌ جي ٻارڙن ۽ ٻارڙن لاءِ لکندڙ اديبن کي ڏاڍا وڻيا آهن، مان چاهيندس ته اهڙا ٻيا به ڪتاب هن ئي سال ٻارڙن تائين پهچائجن ته جيئن ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ٿي سگهي.

سوال ۵: ايڏا ڪتاب لکڻ جي پويان اوهان جو ڪهڙو جذبو آهي؟ ڇا چوڻ چاهيو آهي ٻارڙن کي اوهان انهن ڪتابن ۾ موجود مواد يا لکڻين ذريعي؟ ٻيو اهو به ٻڌايو ته ٻارن لاءِ لکندي ڪي ڏکائيون ته ڪونه محسوس ٿيون جو عام طور اهو چيو وڃي ٿو ته ٻارن لاءِ لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي؟

جواب: ٻارڙا اسان جو آئيندو آهيان ۽ اسان جو وڏو سرمايو آهن، تنهنڪري سندن شخصيت سازي ڪرڻ اسان جو بنيادي فرض آهي ۽ اهو فرض اسان، ٻين ڳالهين سان گڏ، معياري ادب وسيلي ئي پورو ڪري سگهون ٿا، بدقسمتيءَ سان اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب تي ڪو خاص ڌيان ناهي ڏنو ويو. اهڙي معياري لکڻيون يا ڪتاب بنهه گهٽ آهن، جيڪي دلچسپ به هجن ته منجهن ٻارڙن جي ذهني نشونما ۽ ڪردار جي جوڙجڪ جون خوبيون پڻ هجن، ٻارڙا ڪهاڻين جا ڏاڍا شوقين هوندا آهن، ڪو دور هو جو نانيون ۽ ڏاڏيون ٻارڙن کي ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون. اهڙيون ڪهاڻيون ٻارڙن جي دل ۽ دماغ تي گهرو اثر وجهنديون هيون ۽ اهو اثر ٻارڙن جي سڄي زندگيءَ ۾ برقرار رهندو هو. هاڻي ته ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جي روايت صفا ختم ٿي وئي آهي. ٽي وي چئنلز، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعن ٻارن کي الائي جي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري بيحد ضروري ٿي پيو آهي ته ٻارن کي پنهنجي روايتن، اخلاقي قدرن، تهذيب ۽ ثقافت سان ڳنڍي رکجي ۽ کين انهن کان هرگز به ڌار ٿيڻ نه ڏجي. ان لاءِ ٻارن لاءِ تخليق ڪيل معياري ادب ئي هڪ اثرائتو ريعو ٿي سگهي ٿو، يعني اهڙو ادب جيڪو اسان جي ٻارڙن کي پنهنجي تاريخ، وڏڙن جي ڪارنامن، شاندار ذريعو ۽ ثقافتي ورثي سان سلهاڙيندو اچي ۽ ان بابت منجهن جذباتي لڳاءُ پيدا ڪري، مان ان جذبي کي ذهن ۾ رکي ٻارن لاءِ لکيو آهي. محنت سان ۽ محبت سان لکيو آهي، مان سمجهان ٿو ته ٻارن لاءِ لکڻ هڪ قومي خدمت آهي، جيڪا هر اديب، شاعر ۽ تخليقڪار کي ڪرڻ گهرجي. دعا ڪريو ته الله پاڪ ٻارڙن لاءِ لکڻ جو اهو سلسلو محنت ۽ چاهه سان جاري رکڻ جي توفيق عطا ڪري. ٻيو ته زندگيءَ ۾ اڪثر ڪم سولا نه هوندا آهن، پر انهن کي سولو بنائڻ لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو آهي ۽ ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي آهي، هر اديب پنهنجو ننڍپڻ گذاري آيو هوندو آهي، کيس خبر هوندي آهي ته ننڍپڻ ۾ سندس سوچ ڇا هئي؟ رويا ڪهڙا هئا؟ مختلف سماجي حوالن سان سندس رد عمل ڪهڙو هوندو هو؟ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته هو ڪيترائي تجربا ڪري ۽ مرحلا لنگهي آيو هوندو آهي. تنهنڪري کيس خبر هوندي آهي ته هو ٻارن لاءِ ڇا ۽ ڪيئن لکي سگهي ٿو، پر اصل ڳالهه آهي ترجيحن جي مقرر ڪرڻ جي. ٻارڙن جي ادب تخليق ڪرڻ جي ڏس ۾ اسان جا تخليقڪار ان ڪري سنجيده ناهن هوندا جو اهي ”ٻارن جو ليکڪ“ سڏائڻ پسند ناهن ڪندا. مون سميت سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو اديب يا شاعر ناهي، جنهن لاءِ اها دعويٰ ڪري سگهجي ته هن پنهنجي زندگي ٻارن جو ادب، تخليق ڪرڻ کي ارپي ڇڏي آهي. ٻارڙن جي ادب تخليق ڪرڻ جي عمل کي گهٽ حيثيت ڏيڻ هڪ بيمار رويو آهي، جنهن ڪري اسان جو ٻاراڻو ادب گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي، اسان جي اديبن ۽ شاعرن کي اها ڳالهه ويچارڻ گهرجي ته الله پاڪ اسان ۾ لکڻ يا تخليق ڪرڻ جي جيڪا صلاحيت ڏني آهي، تنهن ۾ ڪجهه حصو ٻارڙن جو به آهي. اهو حصو جيڪڏهن ديانتداريءَ سان ڏنو ويندو ته پوءِ پَڪ سان ٻارن جي ادب جي باغ ۾ قسمين قسمين گل ٽڙي پوندا ۽ ٻارڙن جي ادب جو هڪ سگهارو ڪلچر جڙي پوندو.

سوال ۶: اوهان جو ٻاراڻي ادب سان ايترو لڳاءُ آهي جو اوهان ٻارڙن جي ماهوار رسالي گل ڦل تي پي ايڇ ڊي به ڪري ورتي، توهان کي اهو خيال ڪيئن آيو؟

جواب: ٿورو ماضيءَ ڏانهن نڪري هلنداسين، مان گل ڦل پرائمريءَ کان ئي پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ اهو سلسلو هاڻي به جاري آهي، مان جڏهن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پڙهندو هئس ته انهيءَ دوران سائين غلام رباني آگري سان گهڻي ويجهڙائپ ٿي وئي هئي. هڪ ڏينهن هو اسان وٽ هاسٽل تي آيو. مان کيس مانجهندو ڪرائڻ لاءِ ميس ۾ وٺي ويس. ان دوران ميس تي ٽپالي آيو ۽ گل ڦل جو تازو پرچو ڏئي هليو ويو. آگري صاحب گل ڦل جي لفافي ڏانهن هٿ وڌائي اهو کوليو ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀري چيائين، ”ڇا ته اسان وارو زمانو هو گل ڦل جو، هن رسالي اسان کان ڏاڍي محنت ڪرائي، هن ۾ ايترو ته گهڻو ۽ رنگا رنگي مواد آهي جو ان تي باقاعدي تحقيق ٿيڻ گهرجي“. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، ڪجهه عرصي کانپوءِ اونهاري جون موڪلون ٿيون ته مان پهرين ڪجهه ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ترسي ڄامشوري آيس. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي سان مليس ۽ کيس گذارش ڪيم ته مون کي گل ڦل جا شروع کان وٺي سڀ پرچا کپن، هن سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال جي مئنيجر کي فون ڪئي، مان ساڻس وڃي مليس، پوءِ گل ڦل جا لڳ ڀڳ سمورا پرچا ملي ويا. سائين جويي صاحب جا ٿورا مڃڻ لاءِ وٽس گهر ويس ته چيائين ته، ” ”گل ڦل ڇا ڪندين؟ پي ايڇ ڊي ڪندين ڇا؟“ مان مسڪرائي ڏنو. ان وقت گل ڦل تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خيال ذهن ۾ ڪو نه هو، پر پوءِ جڏهن گل ڦل جا پراڻا پرچا پڙهيم ته حيرت جي حد نه رهي، گل ڦل ۾ مواد جي رنگا رنگيءَ مون کي مجبور ڪيو ته ان تي پي ايڇ ڊي ڪجي، سال گذري ويا. نيٺ ان سوچ عمل جي شڪل ورتي ۽ مان ”ٻارڙن جي ماهوار رسالي گل ڦل جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي نگرانيءَ ۾ مقالو لکي وفاقي اردو يوينورسٽي ڪراچيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. منهنجو تحقيقي مقالو ڪافي جامع آهي ۽ مان ان تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.

سوال ۷: آخر ۾ ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو؟

جواب: پيغام جي صورت ۾ ٻارڙن کي ٻه ڳالهيون ضرور چوندس، هڪ ڳالهه اها ته زندگي هڪ ڀيرو ملي ٿي، تنهنڪري وقت کي بهتر نموني ڪتب آڻيندي گهڻي کان گهڻا ڪم ڪريو، خاص ڪري سٺا سٺا ڪتاب پڙهو ته جيئن اوهان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿئي ۽ اوهان جي سوچ پڻ ڪشادي ٿئي، ٻي ڳالهه ته والدين جو تمام گهڻو قدر ڪريو ۽ ساڻن بيحد ادب سان پيش اچو، والدين جو هڪ پروٽوڪول آهي، ان ڪري هر حال ۾ ان پروٽوڪول کي برقرار رکو، ان ۾ ئي اوهان جي ڀلائي ۽ اوهان جو ڀاڳ سمايل آهي.

 

(ڏھاڙي ھمسري آن لائين حيدرآباد ۾ ۲۶ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا